033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي تابعداري نه ڪر، حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ دانائيءَ وارو ته الله ئي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
پيروي ڪر ان ڳالهه جي، جنهن جي وحي توڏانهن تنهنجي رب وٽان ڪئي وڃي ٿي. الله کي هر ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي، جيڪي توهان ڪريو ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
الله تي ڀروسو رک، الله ئي ڪارساز هجڻ لاءِ ڪافي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله ته ڪنهن به شخص جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، نه وري ڪو هن توهان جي انهن زالن کي جن کي اوهين ماءُ چئي ويٺا آهيو، توهان جون (حقيقي) مائر بنايو آهي ۽ نڪي توهان جي پٽيلن کي توهان جا سڳا پٽ بنايو اٿس. هي ته اهي ڳالهيون آهن جيڪي توهان پنهنجي واتان ڪڍي ڇڏيندا آهيو، پر الله اها ڳالهه چوندو آهي، جيڪا حق آهي ۽ اهوئي صحيح راهه ڏسيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
پٽيلن کي سندن پيئرن جي حوالي سان سڏيو، جو الله وٽ اها ڳالهه وڌيڪ انصاف واري آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته سندن پيئر ڪير آهن ته پوءِ هو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن. اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪا ڳالهه چئو ته ان لاءِ توهان جي ڪا پڪڙ نه ٿيندي، پر ان ڳالهه جي ڪري ضرور پڪڙ ٿيندي، جنهن جو توهان دل سان ارادو ڪريو. الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
بيشڪ نبي ته مؤمنن تي سندن پنهنجي جان کان به وڌيڪ حق رکي ٿو ۽ سندس زالون انهن جون مائرون آهن، پر الله جي لکئي مطابق عام مؤمنن ۽ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ مٽ مائٽ هڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن، باقي پنهنجن ساٿين سان توهان ڀلائي (ڪرڻ چاهيون ته) ڪري سگهو ٿا. اهو حڪم الله جي ڪتاب اندر لکيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي نبي) ياد رک انهيءَ عهد کي، جيڪو اسان سڀني نبين کان ورتو آهي، توکان به ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ ابن مريم کان به، سڀني کان اسان پڪو عهد وٺي چڪا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
ته جيئن سچن ماڻهن کان (سندن رب) سندن سچائيءَ بابت پڇا ڪري ۽ ڪافرن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان آڻڻ وارؤ! ياد ڪريو الله جو احسان جيڪو (اجهو) هن توهان تي ڪيو آهي، جڏهن توهان تي لشڪر ڪاهي آيا ته اسان مٿن هڪڙي ڏاڍي سخت هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر پڻ موڪلياسون، جيڪي توهان کي نظر نٿي آيا ۽ الله اهو سڀ ڪجهه پئي ڏٺو، جيڪو توهان ڪيو پئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جڏهن دشمن مٿان توڙي هيٺان توهان تي ڪاهي آيا ۽ جڏهن خوف کان اکيون ڦاٽي ويون ۽ دليون وڃي نڙگهٽن کي پهتيون ۽ توهان ماڻهو الله بابت قسمين قسمين گمان ڪرڻ لڳا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
انهيءَ وقت ايمان وارا ڏاڍي آزمائش ۾ وڌا ويا ۽ خوب ڌونڌاڙيا ويا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن منافق ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي دلين ۾ بيماري هئي، کليو کلايو چئي رهيا هئا ته الله ۽ سندس رسول جيڪي وعدا اسان سان ڪيا هئا سي ته رڳو دوکو هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ جڏهن منجهانئن هڪ ٽولي چيو ته "اي يثرب (مديني) وارؤ! توهان لاءِ هاڻي بيهي سگهڻ جي جاءِ ناهي موٽي هلو". ۽ هڪ ٽولو اهو چئي نبيءَ کان موڪل گهري رهيو هو ته "اسان جا گهر اڪيلا هجڻ ڪري خطري ۾ آهن" حالانڪه اهي خطري ۾ نه هئا، اصل ۾ انهن (جنگ کان) ڀڄڻ پئي گهريو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
جيڪڏهن دشمن شهر جي پاسن کان گهڙي اچن ها ۽ ان وقت کين فتني ڏانهن سڏيو وڃي ها ته اهي ڌو وڃي ان ۾ پون ها ۽ فتني ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ کين ڪا ٿورڙي دير ٿئي ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
انهن ماڻهن هن کان اڳ الله سان عهد ڪيو هو ته پٺي نه ڏيندا، ۽ الله سان ڪيل عهد جو پڇاڻو ته ٿيڻو ئي هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
اي نبي! چوين ته جيڪڏهن توهان موت کان يا قتل ٿيڻ کان ڀڄندؤ ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪو به فائدو نه ڏيندو ۽ ان کان پوءِ ڪو ٿورڙو عرصو زندگيءَ جا مزا ماڻي سگهندؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
چوين ته ڀلا ڪير آهي، جيڪو توهان کي الله کان بچائي سگهي، جيڪڏهن هو توهان کي نقصان رسائڻ گهري؟ يا وري ڪير سندس رحمت کي روڪي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو توهان تي اها ڪرڻ گهري؟ الله جي مقابلي ۾ ته اهي ڪوبه دوست ۽ مددگار نٿا لهي سگهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
الله توهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (جنگ جي ڪم ۾) رنڊڪون وجهندڙ آهن، جيڪي پنهنجن ڀائرن کي چون ٿا ته "هليا اچو اسان ڏانهن". جيڪي لڙائيءَ ۾ بهرو وٺن به ٿا ته رڳو ائين اڇاترو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
نه ته توهان جو ساٿ ڏيڻ ۾ ته ڏاڍا ڪنجوس آهن، خطري جو وقت اچي پوي ته اکيون ڦڙڪائي توکي ائين ڏسندا آهن، ڄڻڪ ڪنهن مرڻ واري تي غشي طاري ٿي رهي هجي. پر پوءِ جڏهن خطرو ٽري وڃي ٿو ته اهي ئي فائدن جي لالـچ ۾ قئنچيءَ وانگر هلندڙ زبانن سان توهان جي وچ ۾ ويهن ٿا، انهن ماڻهن ايمان نه آندو آهي، تنهنڪري الله به سندن سمورو ڪيو ڪرتيو چـَـٽُ ڪري ڇڏيو ۽ ائين ڪرڻ الله لاءِ تمام آسان آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
ڀانئن ٿا ته ڪاهه ڪندڙ لشڪر اڃان ويا ناهن ۽ جيڪڏهن هو وري ڪاهي آيا ته دل ٿي گهرين ته جيڪر شهر کان ٻاهر وڃي ٻهراڙيءَ وارن سان گڏ ويهن ۽ اتان پيا توهان جي خبر چار پڇن، پر جي توهان منجهه رهيا ته به لڙائيءَ ۾ ڪو ٿورو ئي بهرو وٺندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودي