032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗمّۗ 1ۚ
ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ بنا ڪنهن شڪ جي رب العالمين جي طرفان آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا اهي چون ٿا ته ان (قرآن) کي هن (نبيءَ) پاڻ گهڙيو آهي؟ نه، بلڪه (اي نبي) اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان، ته جيئن تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جنهن وٽ توکان اڳ ڪوبه خبردار ڪندڙ ڪونه آيو هو ته مــَـنَ هو هدايت لهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي سندن وچ ۾ آهن، ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ پاڻ عرش تي قائم ٿيو، هن کان سواءِ توهان جو نه ڪو مددگار آهي ۽ نه ڪو سندس آڏو سفارش ڪرڻ وارو، پوءِ به ڌيان نه ڌاريندؤ ڇا؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
آسمان کان وٺي ويندي زمين تائين، دنيا جا معاملا هلائي ٿو، پوءِ اهو سارو احوال هن وٽ پيش ٿئي ٿو، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار توهان جي ڳاڻاٽي مطابق هڪ هزار سال آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهوئي آهي سڀ ڪنهن لڪل توڙي پڌري جو ڄاڻڻ وارو، زبردست ۽ رحم ڪندڙ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
ان جا به شيءِ ٺاهي آهي ڏاڍي سهڻي ٺاهي آهي. هن انسان جي پيدا ڪرڻ جي شروعات ڳوٿل مٽيءَ مان ڪئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ان جو نسلي سلسلو اهڙي جوهر مان هلايائين، جيڪو حقير پاڻياٺ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ ان کي ٺاهي ٺـُـڪي ٺيڪ ڪري بيهاريائين ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ توهان کي ڪــَـن ڏنائين، اکيون ڏنائين، دليون ڏنائين، توهان ٿورو شڪر ڪريو ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته "جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رلجي ملجي ويا هونداسون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" ڳالهه اصل اها آهي ته اهي پنهنجي رب سان ملڻ کي نٿا مڃين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
(اي نبي) چوينِ ته، "موت جو اهو فرشتو جيڪو توهان تي مقرر ڪيل آهي، توهان کي سڄو سارو کڻي پنهنجي مــُـٺ ۾ ڪندو، پوءِ توهان پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
جيڪر ته تون ڏسين جڏهن اهي ڏوهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ بيٺا هوندا (۽ چئي رهيا هوندا ته) "اي اسان جا رب! اسان چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي اسان کي پوئتي موٽاءِ ته جيئن چڱا ڪم ڪريون، هاڻي اسان کي پورو پورو يقين ٿي ويو آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
(جواب ۾ فرمايو ويندو) "جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اڳي ئي هرهڪ کي هدايت تي آڻي ڇڏيون ها، پر منهنجي اها ڳالهه پوري ٿي وئي، جيڪا مون چئي هئي ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ هاڻي چکو مزو پنهنجي انهيءَ قصور جو، جو توهان هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو. اسان به هاڻي توهان کي ڌيان تان لاهي ڇڏيو آهي. چکو مزو سدائين رهڻ واري عذاب جو پنهنجن عملن جي بدلي ۾"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسانجي آيتن تي ته اهي ماڻهو ٿا ايمان آڻين، جن کي جڏهن هي آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ وڏائي نٿا ڪن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
سندن پٺيون بسترن کان الڳ رهن ٿيون، پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد وچان سڏين ٿا، ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
وري جيڪي اکين جو ٺار سندن عملن جي اجوري طور انهن لاءِ لڪائي رکيو ويو آهي، تنهن جي ته ڪنهن به ساهواري کي ڪا خبر ئي ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڀلا ائين به ڪو ٿيڻو آهي ڇا، ته جيڪو مؤمن هجي سو ان شخص وانگر ٿي پوي، جيڪو نافرمان آهي؟ اهي ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ ته جنتن واريون رهڻ جون جايون آهن، مهمانيءَ طور سندن عملن جي بدلي ۾
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن نافرماني ڪئي، تن جو ٺڪاڻو جهنم آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جي ڪندا ته ورائي اندر ڌڪيا ويندا ۽ چيو ويندن ته چکو مزو باهه واري عذاب جو، جنهن کي ڪوڙ ڀانئيندا هيؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودودي