029 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 69 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗمّۗ 1ۚ
ال۬مّ۬ (الف. لام. ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُّتْرَكُوْٓا اَنْ يَّقُوْلُوْٓا اٰمَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُوْنَ 2
ڇا ماڻهن ائين سمجهيو آهي ته رڳو ايترو چوڻ سان ئي ڇڏي ڏنا ويندا ته "اسان ايمان آندو" ۽ کين آزمايو نه ويندو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ فَتَنَّا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِيْنَ 3
حالانڪه اسان انهن سڀني ماڻهن جي آزمائش ڪري چڪا آهيون، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن. الله کي ته ضرور اهو ڏسڻو آهي ته سچا ڪير آهن ۽ ڪوڙا ڪير
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ حَسِبَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ اَنْ يَّسْبِقُوْنَا ۭ سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ 4
۽ ڇا جيڪي ماڻهو بڇڙيون حرڪتون ڪن ٿا، انهن ائين سمجهيو آهي ته هو اسان کان گوءِ کڻي ويندا؟ نهايت غلط فيصلو آهي، جيڪو اهي ڪن ٿا!
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنْ كَانَ يَرْجُوْا لِقَاۗءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 5
جنهن کي به الله سان ملڻ جي اميد آهي (ان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته) الله جو مقرر ڪيل وقت اچڻ وارو ئي آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ جَاهَدَ فَاِنَّـمَا يُجَاهِدُ لِنَفْسِهٖ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعٰلَمِيْنَ 6
جيڪو شخص به ڪوشش ڪندو ته پنهنجي ڀلي لاءِ ئي ڪندو، بيشڪ الله سڀني جهان وارن کان بي نياز آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ اَحْسَنَ الَّذِيْ كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 7
۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سهڻا عمل ڪندا، انهن جون برايون اسان کانئن ميٽي ڇڏينداسون ۽ کين سندن سهڻن عملن جو اجورو ڏينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ حُسْـنًا ۭ وَاِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۭ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8
اسان انسان کي هدايت ڪئي ته پنهنجي پيءُ ماءُ سان سهڻو هلي، پر جيڪڏهن هو توتي زور ڀرين ته تون مون سان ڪنهن اهڙي (معبود) کي شريڪ ڪر، جنهن کي تون (منهنجي شريڪ طور) نٿو ڄاڻين ته تون انهن جو چوڻ نه وٺ. مون ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي اچڻو آهي. پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ 9
۽ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ سهڻا عمل ڪيا هوندائون، انهن کي اسان ضرور صالحن ۾ شامل ڪنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ فَاِذَآ اُوْذِيَ فِي اللّٰهِ جَعَلَ فِتْنَةَ النَّاسِ كَعَذَابِ اللّٰهِ ۭ وَلَىِٕنْ جَاۗءَ نَصْرٌ مِّنْ رَّبِّكَ لَيَقُوْلُنَّ اِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ ۭ اَوَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَعْلَمَ بِـمَا فِيْ صُدُوْرِ الْعٰلَمِيْنَ 10
ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته اسان ايمان آندو الله تي، پر پوءِ جڏهن هو الله جي معاملي ۾ ستايو ويو ته هن ماڻهن جي وڌل آزمائش کي الله جي عذاب وانگر سمجهيو. هاڻ جيڪڏهن تنهنجي رب وٽان ڪا فتح نصيب ٿئي ته اهو ماڻهو چوندو ته "اسان ته توهان سان هئاسون". ڇا ساري جهان وارن جي اندر جي حالت الله کي معلوم ناهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ 11
۽ الله ته اهو ضرور ڏسي رهندو ته ايمان آڻڻ وارا ڪير آهن ۽ ڪير منافق آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبِعُوْا سَبِيْلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطٰيٰكُمْ ۭ وَمَا هُمْ بِحٰمِلِيْنَ مِنْ خَطٰيٰهُمْ مِّنْ شَيْءٍ ۭ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 12
اهي ڪافر ايمان آڻڻ وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي طريقي جي پيروي ڪريو ته توهان جون خطائون اسان پاڻ تي کڻنداسون، حالانڪه انهن جي خطائن مان هو ڪابه شيءِ پاڻ تي کڻڻ وارا ناهن. بيشڪ اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَيَحْمِلُنَّ اَثْــقَالَهُمْ وَاَثْــقَالًا مَّعَ اَثْقَالِهِمْ ۡ وَلَيُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَـمَّا كَانُوْا يَفْتَرُوْنَ ۧ13
ها باقي هو پنهنجا (گناهن جا) بار به ضرور کڻندا ۽ پنهنجن بارن سان گڏ ٻيا ڪيترائي بار پڻ ۽ قيامت جي ڏينهن ضرور کانئن انهن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جي باري ۾ پڇاڻو ٿيندو، جيڪي هو ٺاهيندا رهيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَلَبِثَ فِيْهِمْ اَلْفَ سَنَةٍ اِلَّا خَمْسِيْنَ عَامًا ۭ فَاَخَذَهُمُ الطُّوْفَانُ وَهُمْ ظٰلِمُوْنَ 14
اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ۽ هو پنجاهه گهٽ هزار سال منجهن رهيو. نيٺ طوفان اچي انهن کي ان حالت ۾ ورايو جو هو ظالم هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَنْجَيْنٰهُ وَاَصْحٰبَ السَّفِيْنَةِ وَجَعَلْنٰهَآ اٰيَةً لِّــلْعٰلَمِيْنَ 15
پوءِ اسان نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچائي ورتو ۽ انهيءَ کي دنيا وارن لاءِ عبرت جي نشاني بنائي ڇڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِبْرٰهِيْمَ اِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّــقُوْهُ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 16
۽ ابراهيم کي به موڪليوسون، جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته "الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اهو توهان لاءِ سڀ کان ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّـمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْثَانًا وَّتَخْلُقُوْنَ اِفْكًا ۭ اِنَّ الَّذِيْنَ تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَمْلِكُوْنَ لَكُمْ رِزْقًا فَابْتَغُوْا عِنْدَ اللّٰهِ الرِّزْقَ وَاعْبُدُوْهُ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 17
توهان الله کي ڇڏي جن کي پوڄيو ٿا، اهي ته رڳو بت آهن ۽ توهان پيا ٿا ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو. حقيقت ۾ الله کانسواءِ جن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا، انهن کي توهان کي رزق ڏيڻ جي ڪابه طاقت ڪانهي، الله کان رزق گهرو ۽ سندس ئي ٻانهپ ڪريو ۽ انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽايو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ تُكَذِّبُوْا فَقَدْ كَذَّبَ اُمَمٌ مِّنْ قَبْلِكُمْ ۭ وَمَا عَلَي الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰــغُ الْمُبِيْنُ 18
۽ جيڪڏهن ڪوڙ ٿا سمجهو ته توهان کان اڳ به ته گهڻيون ئي قومون ڪوڙو چئي چڪيون آهن ۽ رسول تي پڌرو پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻي ڪا ذميواري ڪونهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوَلَمْ يَرَوْا كَيْفَ يُبْدِئُ اللّٰهُ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 19
انهن ماڻهن ڏٺو ئي ناهي ڇا ته ڪيئن ٿو الله پهرين ڀيري خلق پيدا ڪري؟ پوءِ ٻيهر به ائين پيو ڪري؟ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو (وري پيدا ڪرڻ) ته الله لاءِ پاڻ وڌيڪ سؤلو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْاكَيْفَ بَدَاَ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ اللّٰهُ يُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۚ20
چوينِ ته زمين ۾ ڪجهه گهمو ڦرو ۽ ڏسو وائسو ته ڪيئن نه نئين ســِـر خلق جوڙي اٿائين، پوءِ ورائي ٻيهر به الله جيئاري اٿاريندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودي