028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
طٰسۗمّۗ 1
ﰒ (طا ـ سين ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اهي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
اسان توکي (اي نبي ﷺ) موسيٰ ۽ فرعون جو ڪجهه احوال پورو پورو ٻڌايون ٿا، انهن ماڻهن جي فائدي لاءِ جيڪي ايمان آڻن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
حقيقت اها آهي ته فرعون زمين ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪئي ۽ ان جي رهاڪن کي ٽولا ٽولا ڪري ڇڏيو هئائين. انهن مان هڪڙي ٽولي کي هو ذليل ڪندو هو، سندن پٽن کي قتل ڪندو هو ۽ سندن نياڻين کي جيئرو رهڻ ڏيندو هو. سچ ته هو فساد ڦهلائيندڙن مان هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون، جن کي زمين ۾ هيڻو ڪري رکيو ويو هو ۽ کين اڳواڻ بڻايون ۽ کين ئي جاءِ نشين بنايون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ زمين ۾ کين اقتدار عطا ڪريون ۽ ان نموني فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهائي شيءِ ڏيکاري ڇڏيون، جنهن جو کين ڊپ هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
اسان موسيٰ جي ماءُ ڏي وحي ڪيو ته "هن کي ٿـڃ ڌاراءِ ، پوءِ جڏهن توکي ان جي جان جو خطرو ٿئي ته کڻي درياءَ ۾ وجهي ڇڏيس ۽ ڪوبه خوف نه ڪر ۽ نڪي ڏک ڪر، اسان ورائي کيس توڏانهن ئي آڻينداسون ۽ کيس پيغمبرن ۾ شامل ڪنداسون".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
نيٺ فرعون جي گهروارن کيس (درياءَ مان) کڻي ورتو، ته جيئن هو سندن دشمن ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب بڻجي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر (پنهنجي رٿ ۾) نهايت ڀــُـلل هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
فرعون جي زال (کيس) چيو: ”هيءُ منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي قتل نه ڪر، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪو نفعو ڏئي يا اسان کڻي پٽ بڻايونس“. ۽ هو (نتيجي کان) بي خبر هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
هوڏانهن موسيٰ جي ماءُ جي دل بي چين پئي ٿي، هوءَ راز کولي ويهي ها جيڪڏهن اسان سندس دل کي ٽيڪ نه ڏيون ها، ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي تي) ايمان آڻڻ وارن مان ٿئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
هن ”ان (موسيٰ) جي ڀيڻ کي چيو ته ڪڍ لڳي وڃيس. سو هوءَ پاسو وٺيو کيس ائين ڏسندي رهي جو (دشمنن کي) پتو ئي نه پيو“
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان ته ان تي اڳيئي ٿـڃ ڌارائڻ وارين جون ڇاتيون حرام ڪري ڇڏيون هيون. (اهو ڏسي) انهيءَ ڇوڪريءَ کين چيو ته ”مان اهڙي گهر جو ڏس ڏيانوَ، جيڪي توهان جي خاطر سندس پالنا ڪن ۽ سندس خيرخواهي سان سنڀال ڪن؟“
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
اهڙيءَ ريت اسان موسيٰ کي سندس ماءُ وٽ موٽائي آندو، ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ هوءَ غم نه ڪري ۽ ڄاڻي وٺي ته الله جو وعدو سچو هو، پر گهڻن ماڻهن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ نه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
جڏهن موسيٰ پنهنجي جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي لياقت ۽ علم عطا ڪيو. اسان نيڪ ماڻهن کي اهڙا ئي اجورا ڏيندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
(هڪ ڏينهن) هو شهر ۾ اهڙي وقت داخل ٿيو، جڏهن شهر وارا غفلت ۾ پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا. هڪڙو سندس قوم جو هو ۽ ٻيو سندس دشمن قوم مان هو. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس دشمن جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. موسيٰ ان کي هڪڙو ٺؤنشو هنيو ۽ ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين (ائين ٿي پوڻ کان پوءِ ) موسيٰ چيو: ”اهو شيطان جو ڪم آهي، هو سخت دشمن ۽ کليو کلايو گمراهه ڪندڙ آهي“.
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
پوءِ چوڻ لڳو: "اي منهنجا رب! مان پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪري ويٺو آهيان، مون کي معاف ڪر". پوءِ الله کيس معاف ڪيو، هو ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
موسيٰ به عهد ڪيو ته "اي منهنجا رب! اهو احسان جو تو مون تي ڪيو آهي، سو هاڻي مان به وري ڪنهن به صورت ۾ ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
ٻئي ڏينهن هو صبح سوير ئي ڊڄندو ۽ هر طرف کان خطرو جاچيندو شهر ۾ پئي ويو ته اوچتو ڇا ٿو ڏسي ته اهوئي شخص جنهن اڳئين ڏينهن کيس مدد لاءِ سڏيو هو، اڄ به کيس وڏي واڪي پيو سڏي. موسيٰ چيس: "تون ته ڪو ڏاڍو ڦڏئي ماڻهو آهين".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ جڏهن موسيٰ ارادو ڪيو ته دشمن قوم جي ماڻهوءَ تي حملو ڪري ته هن دانهن ڪندي چيو: اي موسيٰ! اڄ تون مونکي به ائين قتل ڪندين ڇا، جيئن ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري چڪو آهين؟ تون هن ملڪ ۾ ڏاڍو مڙس ٿيڻ چاهين ٿو، سڌارو آڻيندڙ بڻجڻ نٿو چاهين".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
ان کانپوءِ هڪڙو ماڻهو شهر جي پرئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: "اي موسيٰ! سردار تنهنجي قتل جون پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن، هتان هليو وڃ، مان تنهنجو خيرخواه آهيان".
— سيد ابوالاعليٰ مودودي