027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
ﰑ (طا ــ سين) هي آيتون آهن قرآن ۽ کولي پڌرو ڪرڻ واري ڪتاب جون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
هدايت ۽ خوشخبري آهي انهن ايمان آڻڻ وارن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ وري هو اهڙا ماڻهو آهن، جن جو آخرت تي پورو يقين آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، انهن لاءِ اسان سندن عمل ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا آهن، تنهنڪري ڀٽڪندا وتن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اهي ئي ماڻهو آهن، جن لاءِ بري سزا آهي ۽ آخرت ۾ اهي سڀني کان وڌيڪ نقصان ۾ پيل هوندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ (اي نبي) ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تون هيءُ قرآن هڪڙي حڪيم ۽ عليم هستيءَ وٽان حاصل ڪري رهيو آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(انهن کي ان وقت جو قصو ٻڌاءِ ) جڏهن موسيٰ پنهنجي گهر وارن کي چيو ته "مون کي ڪا باهه ٿي نظر اچي، مان اجهو ٿو اتان ڪو ڏس پتو لهي اچان يا ڪو ٽانڊو ٿو کڻي اچان، ته جيئن توهان ڪجهه پاڻ سيڪي وٺو".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
اتي جو پهتو ته آواز آيس ته "وڏيءَ برڪت وارو آهي اهو، جيڪو ان باهه اندر آهي ۽ جيڪو ان جي چؤطرف آهي. پاڪ آهي الله، ساري جهان جو پالڻهار
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسيٰ ! اهو مان الله آهيان، زبردست ۽ داناءُ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنهنجي لٺ کي اڇل". پوءِ جيئن ئي موسيٰ ڏٺو ته اها ته نانگ وانگر پئي چـُـري، ته وٺي پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه ڏٺائين. "اي موسيٰ ڊڄ نه، مون وٽ رسول ڊڄندا ناهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
سواءِ ان جي جو ڪنهن ڪو قصور ڪيو هجي، پوءِ جي برائيءَ کان پوءِ هن (پنهنجي فعل کي) نيڪيءَ سان بدلايو ته مان معاف ڪرڻ وارو ٻاجهارو آهيان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ ته وجهه، چمڪندڙ ٿي نڪري ايندو بنا ڪنهن تڪليف جي. اهي (ٻه نشانيون) نون نشانين مان آهن، فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن (نيڻ لاءِ ) اهي ڏاڍا بدڪردار ماڻهو آهن".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پر جڏهن اسان جون اکيون کوليندڙ نشانيون انهن ماڻهن جي سامهون آيون ته انهن چيو ته اهو ته کليو کلايو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
انهن ته ظلم ۽ غرور وچان انهن نشانين جو انڪار ڪيو، حالانڪه سندن دليون مڃي چڪيون هيون، پوءِ ڏسي ڇڏ ته خرابيون پکيڙيندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
(هوڏانهن) اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ انهن چيو: "شڪر آهي انهيءَ الله جو، جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ئي مؤمن بندن تي مرتبي ۾ سرسي عطا ڪئي".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ دائود جو وارث سليمان ٿيو ۽ ان چيو: "اي انسانؤ! اسانکي پکين جون ٻوليون سيکاريون ويون آهن ۽ اسان کي هر قسم جون شيون ڏنيون ويون آهن، بيشڪ اهو (الله جو) پڌرو فضل آهي".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
سليمان لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ڪيا ويا هئا ۽ اهي پوري ضابطي اندر رکيا ويندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
(هڪ دفعي کين ساڻ ڪري وٺي هليو) تانجو جڏهن اهي ڪـِـوِلين جي ميدان ۾ پهتا ته هڪڙيءَ ڪول چيو: "او ڪوليون، پنهنجن ٻـِـرن ۾ گهڙي وڃو ته متان سليمان ۽ سندس لشڪر توهان کي لتاڙي نه ڇڏي ۽ کين خبر ئي نه پوي".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
سليمان ان جي ڳالهه تي مشڪندي کلي ڏنو ۽ چيائين: "اي منهنجا رب! مونکي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهيءَ احسان جو شڪرانو ادا ڪندو رهان، جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيو آهي ۽ اهڙو نيڪ عمل ڪريان، جيڪو توکي وڻي ۽ پنهنجي رحمت سان مونکي پنهنجن صالح ٻانهن ۾ شامل ڪر".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
(وري ڪنهن ٻئي موقعي تي جو) سليمان پکين جي چڪاس ڪئي ۽ چيائين: "ڇو ڀلا، مان فلاڻي هد هد کي نٿو ڏسان، ڇا هو ڪٿي وڃي لڪو آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودي