026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
طٰسۗمّۗ 1
ﰒ (طا ـ سين ـ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
اي نبي! متان انهيءَ غم ۾ تون پنهنجي جان وڃائي ويهين ته اهي ايمان نٿا آڻن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
اسان چاهيون ته آسمان مان اهڙي نشاني نازل ڪري سگهون ٿا، جو سندن ڪنڌَ ان جي آڏو جهڪي پون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
وٽن رحمان وٽان جيڪا به ڪا نئين نصيحت اچي ٿي ته هي ان کان منهن موڙي ٿا ڇڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
هاڻي جو هنن ڪوڙ ڀانئيو آهي ته سگهوئي کين انهيءَ شيءِ جي حقيقت جنهن تي پيا ٿا ٺٺوليون ڪن (گهڻن نمونن ۾) معلوم ٿي ويندي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
۽ ڇا انهن زمين تي ڪا نظر ئي نه وڌي آهي؟ ته اسان ان ۾ ڪيتري نه جهجهي مقدار ۾ هر قسم جون ڀليون شيون اپايون آهن؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ درحقيقت تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
(انهن کي ان وقت جو قصو ٻڌاءِ ) جڏهن تنهنجي رب موسيٰ کي سڏي چيو هو ته "ظالم قوم وٽ وڃ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
فرعون جي قوم وٽ، ڇا اهي ڊڄن نٿا؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
هن عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مونکي ڊپ آهي ته اهي مونکي ڪوڙو ڀانئيندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
منهنجو ته سينو ٿو گهٽجي ۽ وري زبان به نٿي هلي، سو تون هارون ڏانهن رسالت موڪل
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ مون تي ته انهن جو هڪڙو ڏوهه به آهي، تنهنڪري مان ڊڄان ٿو ته هو مونکي ماري ڇڏيندا"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
فرمايائين: "ڪڏهن به نه، توهان ٻئي وڃو اسان جون نشانيون کڻي، اسان توهان سان گڏ سڀ ڪجهه پيا ٻڌنداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
وڃو فرعون ڏانهن، وڃي چئوس ته اسانکي ساري جهان جي رب موڪليو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
ته تون بني اسرائيل کي اسان سان هلڻ ڏي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
فرعون چيو: "ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تو ته پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ پوءِ اهو ڪم ڪيئه جيڪو ڪري ويٺو هئين، تون ته ڏاڍو ڪو احسان فراموش آهين".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
موسيٰ جواب ڏنو ته "مان تنهن وقت اهو ڪم ڀل ۾ ڪري ويٺو هوس
— سيد ابوالاعليٰ مودودي