025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
نهايت برڪت وارو آهي اهو، جنهن هيءُ فرقان (حق ۽ ناحق کي کولي پڌرو ڪندڙ) پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته جيئن ساري جڳ جهان وارن لاءِ خبردار ڪندڙ هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
اهوئي آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ، جنهن نڪي ڪنهن کي پٽ بڻايو آهي ۽ نه وري بادشاهيءَ ۾ سندس ڪو ڀائيوار آهي. جنهن هر شيءِ کي پيدا ڪيو، پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
ماڻهن ان کي ڇڏي اهڙا معبود بڻائي ورتا آهن، جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪن بلڪه خود پاڻ به پيدا ڪيا پيا وڃن. جن کي پاڻ لاءِ به ڪنهن نقصان يا نفعي جو ڪو اختيار ڪونهي، جيڪي نڪي ڪنهن کي موت ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن کي حياتي ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن مئل کي وري اٿاري ٿا سگهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
جن ماڻهن نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهي چون ٿا ته "هيءُ فرقان ته هڪ گهڙيل شيءِ آهي، جنهن کي هن شخص پاڻ گهڙيو آهي ۽ ڪن ٻين به ان ڪم ۾ ساڻس هٿ ونڊايو آهي". وڏو ظلم ۽ سخت ڪوڙ آهي، جنهن تي اهي لهي پيا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
چون ٿا: "اهي ته اڳوڻن ماڻهن جون آکاڻيون آهن، جن کي هيءُ شخص نقل پيو ڪرائي ۽ اهي کيس صبح شام ٻڌايون پيون وڃن".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
اي نبي چوين ته "ان کي نازل ڪيو آهي انهيءَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جا راز ٿو ڄاڻي". هو ڏاڍو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
چون ٿا: "هيءُ وري ڪهڙو رسول آهي، جيڪو کاڌو به ٿو کائي ۽ بازارين ۾ به ٿو گهمي؟ ڇونه وٽس ڪو فرشتو موڪليو ويو، جيڪو ساڻس گڏ هجي ها ۽ (نه مڃڻ وارن کي) ڊيڄاري ها؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
نه ته به ان لاءِ ڪو خزانو ئي لاٿو وڃي ها، يا وٽس ڪو باغ ئي هجي ها، جنهن مان (بي اُلڪو ٿي) پيو روزي حاصل ڪري ها ۽ اهي ظالم ائين به چون ٿا ته توهان ته هڪڙي جادو ڪيل ماڻهوءَ جي ڪڍ لڳا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
ڏس ته ڪهڙا ڪهڙا نه توتي ٺاهوڙ ٺاهيندا ٿا وتن، اهڙا ته ڀٽڪي ويا آهن جو ڪو رستو ئي هٿ نٿو اچين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
وڏي برڪت وارو آهي، اهو جيڪو جي گهري ته انهن (سندن ڏسيل شين) کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ توکي ڏئي سگهي ٿو (هڪ ئي نه پر) ڪيترائي باغ، جن جي هيٺان پيون واهيون وهن ۽ وڏا وڏا محلات پڻ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
پر اهي ماڻهو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ٿا ڀانئن ۽ جيڪو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ڀانئيندو، ان لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
جيڪا جڏهن کين پري کان ئي ڏسندي ته هو سندس جوش ۽ ڪاوڙ جا سرڙاٽ ٻڌندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جڏهن اهي هٿين پيرين جڪڙيل منجهس هڪڙيءَ سوڙهيءَ جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته موت کي سڏيندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
(ان وقت چيو ويندن ته) اڄ هڪڙي موت کي نه گهڻن ئي موتن کي سڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
پڇين ته اها پڇاڙي چڱي آهي يا اُها دائمي جنت، جنهن جو وعدو الله کان ڊڄندڙ پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي؟ جيڪا سندن عملن جو اجورو ۽ موٽي اچڻ وارو هنڌ هوندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
جنهن ۾ سندن هر خواهش پوري ٿيندي. منجهس هو سدائين رهندا، جنهن جو عطا ڪرڻ تنهنجي رب جي ذمي هڪڙو اهڙو وعدو آهي، جنهن کي پاڙڻ مٿس لازم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ ان ڏينهن (تنهنجو رب) انهن کي به ورائي آڻي گڏ ڪندو ۽ سندن انهن معبودن کي به، جن کي الله کي ڇڏي پوڄين ٿا. پوءِ کانئن پڇندو ته "ڇا توهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا اهي پاڻ ئي سنئين رستي کان ڦري ويا هئا؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
هو عرض ڪندا: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، اسانجي ڪهڙي مجال هئي، جو توکان سواءِ اسان ڪن ٻين کي پنهنجو موليٰ (مالڪ) بنايون، پر تو ته هنن کي توڙي سندن ابن ڏاڏن کي، ڏاڍو زندگيءَ جو سامان ڏنو هو، تانجو اهي سبق وساري ويٺا ۽ برباد ٿي ويا".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
اهڙيءَ طرح اهي (توهان جا معبود) توهان جي انهن ڳالهين کي جيڪي توهان ڪريو ٿا، ڪوڙو ڪندا. پوءِ ته توهان نڪي پنهنجي عذاب کي بدلائي سگهندؤ ۽ نه ڪٿان ڪا مدد هٿ ڪري سگهندؤ. توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو، تنهن کي اسان سخت عذاب جو مزو چکائينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
اي نبي! توکان اڳ اسان جيڪي به رسول موڪليا هئا، اهي سڀئي به کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا ڦرندا هئا، دراصل اسان توهان ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ آزمائش جو وسيلو بڻايو آهي، ڇا توهان صبر ڪريو ٿا؟ تنهنجو رب ته سڀ ڪجهه ڏسي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي