024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
اها هڪڙي سورة آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ اسان ان کي فرض ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسان چٽيون هدايتون نازل ڪيون آهن ته مــَـن ڪو سبق پرايو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
زاني عورت توڙي زاني مرد، ٻنهي مان هرهڪ کي سؤ ڦٽڪا هڻو ۽ مٿن ترس کائڻ جو جذبو الله جي دين جي معاملي ۾ توهان ۾ نرمي پيدا نه ڪري، جيڪڏهن توهان جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ۽ کين سزا ڏيڻ وقت مؤمنن جو هڪڙو ٽولو موجود هئڻ کپي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
زاني نڪاح نه ڪري مگر زانياڻيءَ سان يا مشرڪ عورت سان، ۽ زانياڻيءَ سان نڪاح نه ڪري پر زاني يا مشرڪ ۽ مؤمنن لاءِ اهو حرام ڪيو ويو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي تهمت هڻن ۽ پوءِ چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اَسي ڦٽڪا هڻو ۽ (اڳتي لاءِ به) سندن شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي نافرمان آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
سواءِ انهن جي جيڪي ان ڏوهه کان پوءِ توبه تائب ٿين ۽ پاڻ سڌارين ته الله ضرور (سندن حق ۾) غفور رحيم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي پنهنجن زالن تي الزام هڻن ۽ وٽن پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو شاهد نه هجي ته پوءِ انهن منجهان هڪ ماڻهو جي شاهدي (اها آهي ته هو) چار ڀيرا الله جو قسم کڻي چوي ته هو (پنهنجي الزام ۾) سچو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجين ڀيري چوي ته مٿس الله جي لعنت پوي، جيڪڏهن هو (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ عورت جي سزا ائين ٽري سگهي ٿي ته هوءَ چار دفعا الله جو قسم کڻي چوي ته اهو شخص (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجين دفعي چوي ته مٿس (عورت تي) الله جو غضب پوي، جيڪڏهن اهو شخص (پنهنجي الزام ۾) سچو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ۽ ائين نه هجي ها ته الله ورائي ٻاجهه جي نظر ڪرڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
ته (زالن تي الزام هڻڻ جو معاملو توهان کي وڏي ڏچي ۾ وجهي ڇڏي ها)، جن ماڻهن اهو بهتان گهڙي آندو آهي، سي توهان مان ئي هڪ ٽولو آهن، ان واقعي کي پاڻ لاءِ شر نه سمجهو، بلڪه اهو به توهان لاءِ خير ئي آهي، جنهن ان ۾ جيترو حصو ورتو، انهيءَ اوترو ئي گناهه ڪمايو ۽ جنهن ان (جي ذميواري) جو وڏو حصو پنهنجي ســِـر تي کنيو، تنهن لاءِ ته تمام وڏو عذاب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
جنهن وقت توهان اهو ٻڌو هو ته ان وقت ئي ڇونه مؤمن مردن ۽ عورتن پنهنجي باري ۾ چڱو گمان ڪيو ۽ ائين ڇونه چيائون ته اهو پڌرو بهتان آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
انهن ماڻهن (پنهنجي الزام جي ثبوت ۾) چار شاهد ڇو نه آندا؟ هاڻي جڏهن شاهد نه آندا اٿن ته الله وٽ اهي ڪوڙا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
جيڪڏهن توهان ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته جن ڳالهين جي چوٻول ۾ توهان پئجي ويا هيؤ، ان سببان توهان کي تمام وڏو عذاب رسي ها
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
(ڪجهه ويچار ته ڪريو، ان وقت توهان ڪيڏي نه سخت غلطي ڪري رهيا هيؤ) جڏهن توهان جي هڪڙيءَ زبان ٻيءَ زبان کان اهو ڪوڙ پئي ورتو ۽ توهان پنهنجن واتن مان اهو ڪجهه پئي چيو، جنهن جي باري ۾ توهان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. توهان ان کي معمولي ڳالهه پئي سمجهيو، حالانڪه الله جي نظر ۾ اها وڏي ڳالهه هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
توهان اهو ٻڌندي ئي ڇو نه چئي ڏنو ته "اسان کي اهڙي ڳالهه زبان کان ڪڍڻ نه ٿي جڳائي، پاڪ ته (اي الله) تنهنجي ذات آهي، اهو ته تمام وڏو بهتان آهي".
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
الله ٿو توهان کي نصيحت ڪري ته اڳتي وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
الله توهان کي چٽيون هدايتون ٿو ڏئي ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
جيڪي ماڻهو گهرن ٿا ته ايمان وارن ۾ بيحيائي پکڙجي، سي دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ سزا جا حقدار آهن. الله ئي ٿو ڄاڻي ۽ توهان نٿا ڄاڻو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت توهان تي نه هجي ها ۽ ائين نه هجي ها جو الله ڏاڍو شفيق ۽ رحيم آهي (ته پوءِ ان پکيڙيل ڳالهه جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪرن ها)
— سيد ابوالاعليٰ مودودي