021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ هو آهن جو غفلت ۾ پئجي منهن موڙيو ويٺا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
وٽن جيڪا به ڪا نئين نصيحت سندن رب وٽان اچي ٿي ته اُن کي (ٽوڪبازيءَ جي انداز ۾) ٻڌندي کيل تماشي ۾ رڌل رهن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
دل ته ٻين ئي شغلن ۾ لڳل اٿن ۽ ظالم پاڻ ۾ سس پس ڪن ٿا ته "هيءُ ته توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، پوءِ ڀلا توهان ڏسي وائسي جادوءَ جي ڦند ۾ ڦاسي ويندؤ ڇا؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
رسول چين: منهنجو رب ته هر ڳالهه کي، اها کڻي آسمان ۾ ڪئي وڃي توڙي زمين ۾ ڄاڻي ٿو. هو ته سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
هو چون ٿا: "اهي ته اجايا خواب آهن، نه نه، اهي سندس پنهنجون گهڙيل ڳالهيون آهن، بلڪه هو ته شاعر آهي، نه ته ڀلا آڻي ڪا نشاني جيئن پراڻي زماني جا رسول نشانين سان گڏ موڪليا ويا هئا".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
جڏهن ته (ان هوندي به) انهن کان اڳوڻيءَ ڪنهن به آباديءَ جنهن کي اسان تباهه ڪيو هو، ايمان ڪونه آندو هو ته ڇا هاڻي هي ايمان آڻيندا؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ اي نبي! توکان اڳ به اسان انسانن کي ئي رسول بڻائي موڪليو هو، جن تي اسان وحي ڪندا هئاسون. پڇي ڏسو اهلِ ڪتاب کان، جيڪڏهن توهان کي پاڻ کي خبر نه آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
انهن کي به اسان ڪو اهڙو جسم نه ڏنو هو، جو هو نه کائيندا هجن ۽ نه وري ڪو هو سدائين جيئڻ وارا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
وري ڏسو ته نيٺ هلي اسان انهن سان پنهنجا وعدا به پاڙيا ۽ انهن کي ۽ جنهن کي به گهريوسون بچائي ورتو ۽ حد کان لنگهندڙن کي برباد ڪيوسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
اي انسانؤ! اسان توهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب موڪليو آهي، جنهن ۾ توهان لاءِ ئي سمجهاڻي آهي، پوءِ ڀلا ڇو نه ٿا سمجهو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
ڪيتريون ئي ظالم وسنديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ۽ کانئن پوءِ ڪنهن ٻيءَ قوم کي پيدا ڪيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
جڏهن کين اسان جو عذاب محسوس ٿيو ته امالڪ وٺي ڀڄڻ لڳا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
(چيو وينُ ته) "ڀڄو نه، موٽي وڃو پنهنجن ماڳن ۽ عيش جي سامانن ڏانهن، جن ۾ آسودا هيؤ ته مـَـن توهان کان پڇا ڳاڇا ٿئي".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
چوڻ لڳا: "اسان لاءِ وڏي خرابي آهي، بيشڪ اسان گنهگار هئاسون".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
۽ اُهي ائين ٻاڪاريندا رهيا، ايستائين جو اسان کين (پاڙؤن) لڻيل ٻارِ ۽ وساميل رک نه بڻائي ڇڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
اسان هن آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجهن آهي، راند روند طور نه بنايو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسان ائين ئي ڪو رانديڪو بڻائڻ چاهيون ها ۽ اهوئي ڪم اسان کي ڪرڻو هجي ها ته پاڻ وٽان ئي بڻائي ڇڏيون ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
مگر اسان ته باطل تي حق کي هڻندا آهيون، جيڪو ان جو مٿو ڦاڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اهو اتي جو اتي مٽجي ويندو آهي ۽ توهان جي لاءِ تباهي آهي، انهن ڳالهين جي ڪري جيڪي توهان ٺاهيو ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
آسمانن توڙي زمين ۾ جا به مخلوق آهي، الله جي آهي ۽ جيڪي (ملائڪ) وٽس آهن، اهي نڪي پاڻکي وڏو ڀائيندي سندس عبادت کان ڪنڌ ڪڍائين ٿا ۽ نه وري ڪو ٿڪجن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
رات ڏينهن سندس تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ساهي نٿا پٽين
— سيد ابوالاعليٰ مودودي