020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
طٰهٰ 1ۚ
طٰـــہٰ (طا ـ ها)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
اسان هيءُ قرآن توتي ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون مصيبت ۾ پوين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
اهو ته هڪ نصيحت آهي هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ڊڄندو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
نازل ڪيو ويو آهي انهيءَ هستيءَ وٽان، جنهن پيدا ڪيو آهي ڌرتيءَ کي ۽ مٿانهن آسمانن کي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
اهو رحمان (ڪائنات جي) عرش تي قائم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
مالڪ آهي انهن سڀني شين جو، جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي زمين (۽ سمنڊ) جي تري ۾ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
توهان کڻي ڏاڍيان ڳالهايو پر هو ته تمام آهستي چــَـيـَـل ڳالهه بلڪه تمام ڳجهي ڳالهه به ڄاڻي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
هو الله آهي، هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس نالا ڏاڍا سهڻا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن هن هڪ باهه ڏٺي ۽ پنهنجن گهر وارن کي چيائين ته "ٿورو ترسو، پري کان ڪا باهه ڏٺي اٿم، مـَـنَ توهان لاءِ اتان ڪو ٽانڊو کڻي اچان يا انهيءَ باهه تي ئي (رستي جو) ڪو ڏس پتو ملي وڃي".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
اتي پهتو ته سڏ ٿيس: "اي موسيٰ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
مان آهيانءِ تنهنجو رب، پوءِ تون پنهنجي جتي لاهه، تون پاڪ طويٰ واديءَ ۾ آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ مان توکي چونڊيو آهي. جيڪي وحي ڪيو پيو وڃي ان کي ڌيان سان ٻڌ
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
، مان ئي الله آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونه اٿئي، سو تون منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي يادگيريءَ لاءِ نماز قائم ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
قيامت جي گهڙي ضرور اچڻي آهي، مان ان جو وقت مخفي رکڻ ٿو چاهيان ته جيئن هرڪو پنهنجي ڪوشش آهر ڦل پائي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ ڪوبه اهڙو ماڻهو جيڪو ان تي ايمان نٿو آڻي ۽ پنهنجي نفس جي خواهش جي ڪڍ لڳي پيو آهي، توکي ان گهڙيءَ جي فڪر کان نه روڪي ڇڏي، نه ته تون تباهه ٿي ويندين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
اي موسيٰ! اهو تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
موسيٰ ورندي ڏني: "اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ ڏيئي هلندو آهيان، ان سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پــَـنَ ڇاڻيندو آهيان ۽ ٻيا به گهڻائي ڪم ان کان وٺندو آهيان".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
فرمايائين: "اڇلائيس اي موسيٰ!"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
کڻي جو اڇلايائينس ته هڪدم اها نانگ ٿي پئي جيڪو ڊوڙي رهيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي