002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗمّۗ 1ۚ
ال۬مّ۬ (الف ــ لام ــ ميم)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هيءُ الله جو ڪتاب آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، هدايت آهي انهن پرهيزگار ماڻهن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي غيب تي ايمان آڻن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جيڪو ڪتاب توتي نازل ڪيو ويو آهي (يعني قرآن) ۽ جيڪي ڪتابَ توکان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا هئا، انهن سڀني تي ايمان آڻن ٿا ۽ آخرت تي يقين رکن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهڙا ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻڻ وارا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
جن ماڻهن (انهن ڳالهين جي مڃڻ کان) انڪار ڪيو، انهن لاءِ ته مڙيئي برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا کڻي نه به ڪرين، اهي مڃڻ وارا ئي ناهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله انهن جي دلين ۽ انهن جي ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پئجي ويو آهي ۽ اهي سخت سزا جي لائق آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي، پر حقيقت ۾ اهي مؤمن نه آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اهي دوکيبازي ٿا ڪن الله سان ۽ انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو آهي ، پر حقيقت ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ انهن کي ان ڳالهه جو شعور ئي ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ هڪڙي بيماري آهي، جنهن کي الله اڃان به وڌائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪوڙ هو هڻن ٿا ان جي بدلي ۾ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪريو ته انهن اهوئي چيو ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار، حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو فسادي آهن پر انهن کي ڪو شعور ڪونهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن به انهن کي چيو ويو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي، تيئن توهان به ايمان آڻيو ته انهن اهوئي جواب ڏنو ته ڇا اسان به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! حقيقت ۾ ته اهي پاڻ بيوقوف آهن، مگر اهي نٿا ڄاڻن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن اهي ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن شيطانن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اصل ۾ ته اسين توهان سان ئي آهيون ۽ انهن ماڻهن سان رڳو مسخري ٿا ڪريون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله ٿو انهن سان چرچو ڪري ۽ پيو ٿو انهن کي ڊگهو رسو ڏئي ۽ اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ وتن ٿا انڌن وانگر ڀٽڪندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو انهن لاءِ لاڀائتو نه ٿيو ۽ اهي ته سڌيءَ واٽ تي آهن ئي ڪونه
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ باهه ٻاري ۽ جڏهن انهيءَ ڀرپاسي کي روشن ڪري ڇڏيو ته الله انهن جي اکين جي ديد کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙيءَ حالت ۾ ڇڏي ڏنائين، جو اونداهين ۾ کين ڪجهه به نظر نٿو اچي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، اهي هاڻي واپس نه ورندا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا وري انهن جو مثال کڻي هيئن سمجهو ته آسمان مان ڏاڍو مينهن پيو پوي، جنهن ۾ اوندهه انڌوڪار ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ به آهي. اهي وڄ جا ڪڙڪا ٻڌي پنهنجي ساهه جي خوف کان ڪنن ۾ آڱريون ٿا وجهن ۽ الله انهن حق جي منڪرن کي چؤڌاري گهيرو ڪري ورتو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
کنوڻ جي چمڪاٽن جي ڪري انهن جي اهڙي حالت آهي ڄڻڪه اجهو ٿي اها سٽ ڏيئي سندن ديد کسي وٺي. جڏهن ڪجهه روشني کين محسوس ٿـئي ٿي ته ان ۾ ٿورڙو هلي وٺن ٿا ۽ جڏهن مٿن اونداهي ٿي وڃي ٿي ته بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ صفا کسي وٺي ها، بيشڪ الله سڀ شيءِ تي وس وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي