019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ﵳ (ڪاف ـ هاـ ياـ عين ـ صاد)
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
بيان آهي انهيءَ رحمت جو جيڪا تنهنجي رب پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪئي هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن هن پنهنجي رب کي دل ۾ سڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
عرض ڪيائين: "اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏا به ڳري ويا آهن ۽ ڪراڙپ جي ڪري مٿو به اڇو ٿي ويو آهي، مان توکان دعا گهري ڪڏهن به بي نصيب نه ٿيو آهيان
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
مان پنهنجي پويان پنهنجي برادريءَ وارن جي خرابين کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي، تون مونکي پنهنجي خاص فضل سان ڪو وارث عطا ڪر
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جيڪو منهنجو به وارث بڻجي ۽ يعقوب جي اولاد جي ميراث به ماڻي ۽ اي رب! اهو سڀني کي وڻندڙ انسان بنائجانءِ "
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(ورندي مليس) "اي زڪريا! اسان توکي هڪڙي پٽ جي بشارت ڏيون ٿا، جنهن جو نالو يحيٰ هوندو، اسان ان نالي وارو ماڻهو هن کان اڳ پيدا نه ڪيو آهي."
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
عرض ڪيائين: "پالڻهار! ڀلا مونکي پٽ ڪيئن ٿيندو، جڏهن جو منهنجي زال به سنڍ آهي ۽ مان پاڻ به جهور ڪراڙو ٿي ويو آهيان؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
ورندي مليس: "ائين ٿي رهندو. تنهنجو رب فرمائي ٿو ته اهو منهنجي لاءِ آسان آهي، آخر هن کان اڳ مان توکي به ته پيدا ڪري چڪو آهيان، جڏهن ته تون ڪا شيءِ نه هئين".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
زڪريا چيو: "رب منهنجا! ڀلا مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر". فرمايائين: "تنهنجي لاءِ نشاني اها آهي ته تون ساندهه ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ هو حجري مان نڪري پنهنجي قوم جي سامهون آيو ۽ کين اشارن سان هدايت ڪيائين ته صبح شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
"اي يحيٰ! الله جي ڪتاب کي سوگهو ڪري جهل". اسان کيس ننڍپڻ ۾ ئي (صحيح) فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت سان نوازيو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پنهنجي طرفان کيس نرم دلي ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو ڏاڍو پرهيزگار هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جا حق ادا ڪندڙ هو ۽ ڪنهن سان ڏاڍ ڪندڙ نه هو ۽ نه نافرمان هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
مٿس سلام هجي، جنهن ڏينهن جو هو ڄائو ۽ جنهن ڏينهن هو مري وڃي ۽ جنهن ڏينهن هو وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ اي نبي! هن ڪتاب ۾ مريم جو احوال بيان ڪر، جڏهن هوءَ پنهنجن ماڻهن کان پاسيرو ٿي اوڀر پاسي وئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
کانئن پردو ڪري لڪي ويٺي هئي. تڏهن اسان وٽس پنهنجي روح (فرشتي) کي موڪليو، جيڪو سندس سامهون مڪمل انسان جي صورت ۾ آيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
مريم کيس چيو ته "جيڪڏهن تون الله کان ڊڄندڙ آهين ته مان توکان رحمان جي پناهه ٿي وٺان."
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
هن چيو ته "مان ته تنهنجي رب جو موڪليل آهيان ۽ ان لاءِ موڪليو ويو آهيان ته توکي هڪڙو پاڪ ٻار ڏيان".
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم چيو: "مونکي ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته مونکي ڪنهن انسان هٿ ئي نه لاتو آهي ۽ نه مان ڪا بدڪار عورت آهيان".
— سيد ابوالاعليٰ مودودي