018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
تعريف الله کي ئي جڳائي، جنهن پنهنجي ٻانهي تي هيءُ ڪتاب نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪوبه ڏنگ ڏاءُ نه رکيائين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ وارو ڪتاب آهي ته جيئن هو ماڻهن کي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ ايمان آڻي نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏئي ته انهن لاءِ سهڻو اجر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ هو سدائين رهندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله ڪنهن کي پٽ بنايو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
ان ڳالهه جو نڪي کين ڪو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي ئي هو. ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، جيڪا سندن واتان نڪري ٿي. رڳو پيا ٿا ڪوڙ هڻن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
پوءِ اي نبي! متان تون سندن پويان ارمان ڪندي پنهنجو جيءُ وڃائي ويهين، جي هنن انهيءَ ڳالهه تي ايمان نه آندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
حقيقت اها آهي ته اهو جيڪي به (ساز و سامان) زمين تي آهي، تنهن کي اسان زمين جي سونهن بڻايو آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي پرک لهون ته منجهانئن ڪير وڌيڪ سهڻا عمل ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
(اڳتي هلي) انهيءَ ساريءَ موجودات کي اسان ميدان بڻائڻ وارا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڀلا تو ائين سمجهيو آهي ڇا ته غار ۽ ڪـَـتبي وارا اسان جي ڪن عجيب وڏين نشانين مان هئا؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن انهن ڪجهه نوجوانن غار ۾ اچي پناهه ورتي ته انهن چيو: "اي اسان جا پالڻهار! اسانکي پنهنجي خاص رحمت سان نواز ۽ اسان جي معاملي کي سڌاري سنواري ڇڏ"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان کين انهيءَ غار ۾ ڪيترا ئي سال گهاٽي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ اسان کين جاڳايو ته جيئن ڏسون ته ٻنهي ٽولن مان ڪير ٿو پنهنجي رهڻ واري عرصي جو صحيح حساب لڳائي
— سيد ابوالاعليٰ مودودينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسان توکي سندن اصلي قصو ٻڌايون ٿا ته هو ڪجهه نوجوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين گهڻي هدايت ڏني هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ سندن دلين کي ان وقت مضبوط ڪيوسون، جڏهن اهي اٿيا ۽ اعلان ڪيائون ته "اسانجو رب ته فقط اهوئي آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏينداسون، جيڪڏهن ائين ڪيوسون ته ڏاڍي گٿي ڳالهه ڪئي سون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
(پوءِ انهن پاڻ ۾ چيو ته) "هن اسان جي قوم ته ڪائنات جي رب کي ڇڏي ٻيا معبود بڻائي ڇڏيا آهن. ڇو نه ٿا سندن معبود هجڻ تي ڪو چٽو ثبوت پيش ڪن؟ انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، جيڪو الله تي ڪوڙي ڳالهه مڙهي؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
پوءِ جيئن ته توهان انهن سان ۽ الله کانسواءِ ٻين معبودن سان واسطو ٽوڙي چڪا آهيو ته هاڻي هلو هلي غار ۾ پناهه وٺو. توهان جو رب توهان تي پنهنجي رحمت پکيڙي ڇڏيندو ۽ توهان جو معاملو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سهنجا وسيلا ۽ سبب پيدا ڪندو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
تون کين غار ۾ ڏسين ها ته ائين لڳئي ها ته سج جڏهن اڀري ٿو ته سندن غار کان هٽي ساڄي پاسي لهي مــُـڙي وڃي ٿو ۽ وري جڏهن لهي ٿو ته کانئن پاسو ڪندو کاٻي پاسي لهي وڃي ٿو ۽ هو غار جي ڪشاديءَ چــُـر اندر پيا آهن، اها الله جي نشانين مان هڪڙي آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي هو گمراهه ڪري ڇڏي، ان لاءِ تون ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ مددگار نه لهندين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
تون کين ڏسي ائين سمجهين ها ته اهي جاڳن پيا، حالانڪه هو سـُـتا پيا هئا، اسان کانئن ساڄي توڙي کاٻي، پاسا پيا ورائيندا هئاسون ۽ سندن ڪتو غار جي منهن وٽ اڳيون ٽنگون ڊگهيريون پيو هو، جيڪڏهن تون ليئو پائي کين ڏسين ها ته وٺي پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توکي انهن جي ڏسڻ سان هيبت وٺي وڃي ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اهڙي عجيب لقاءَ مان اسان کين جاڳائي اٿاريو، تانته پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سوال جواب ڪن. انهن مان هڪڙي پڇيو: "گهڻو وقت ائين رهيا آهيو؟" ٻين چيو: "شايد هڪ ڏينهن يا ڪجهه گهٽ رهيا هونداسون". وري چيائون: "الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيترو وقت ائين گذاريو اٿوَ". ٺهيو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هيءُ سڪو ڏيئي شهر اماڻيو، پوءِ هو ڏسي وائسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿان ٿو ملي ۽ اتان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچي ۽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺي ته متان ڪنهن کي توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه ڏيئي وِجهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
جيڪڏهن انهن جي وَر چڙهي ويئو ته بس پوءِ اهي يا ته سنگسار ڪندوَ يا زوريءَ پنهنجي دين ڏانهن موٽائي ڇڏيندا، جي ائين ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي سگهندؤ"
— سيد ابوالاعليٰ مودودي