017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
پاڪ آهي اهو، جيڪو وٺي ويو هڪ رات پنهنجي بندي کي مسجد الحرام (ڪعبي) کان مسجد اقصيٰ ڏانهن، جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون، حقيقت ۾ اهوئي آهي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
اسان هن کان اڳ موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو ۽ ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت جو وسيلو بڻايو هو، انهيءَ تاڪيد سان ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه بڻائجو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
توهان انهن ماڻهن جي اولاد آهيو، جن کي اسان نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو هو ۽ نوح هڪ شڪر ڪندڙ ٻانهو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
پوءِ اسان پنهنجي ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته توهان ڌرتيءَ تي ٻه ڀيرا تمام وڏو فساد ڪندؤ ۽ ڏاڍي سرڪشي ڏيکاريندؤ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ جڏهن انهن مان پهرين سرڪشيءَ جو دور آيو ته اي بني اسرائيل! اسان توهان جي خلاف پنهنجا اهڙا ٻانها اٿاريا، جيڪي ڏاڍا طاقتور هئا ۽ هو توهانجي ملڪ ۾ هر طرف ڪاهي پيا. اهو وعدو ته پورو ٿيڻو ئي هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
تنهن کان پوءِ وري اسان توهانجو انهن جي مٿان وارو ورايو ۽ توهان جي مال ۽ اولاد جي صورت ۾ مدد ڪئي سون ۽ توهان جو تعداد به اڳي کان زياده ڪيوسون
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
پوءِ جي توهان ڪا ڀلائي ڪئي ته پاڻ سان ئي ڀلائي ڪئي ۽ جي ڪا برائي ڪــَـيـَـوَ ته اها به توهان جي پنهنجي لاءِ . وري جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان ٻين دشمنن کي توهان تي چاڙهي موڪليو تانته هو توهان جون شڪليون بگاڙي ڇڏين ۽ مسجد (بيت المقدس) ۾ ائين ڪاهي پون جيئن اڳيان دشمن ڪاهي پيا هئا ۽ جنهن شيءِ تي به هٿ وجهن ته ان کي برباد ڪري ڇڏين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
ٿي سگهي ٿو ته هاڻي توهانجو رب توهانتي ٻاجهه ڪري، پر جيڪڏهن توهان وري به ائين ئي ڪيو ته اسان به اُئين ئي ڪنداسون ۽ نعمت جو قدر نه ڪرڻ وارن لاءِ اسان جهنم کي قيدخانو بڻايو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
سچي ڳالهه اها آهي ته هيءُ قرآن اها راهه ٿو ڏيکاري، جيڪا بلڪل سنئين سڌي آهي، جيڪي ماڻهو ان کي مڃي نيڪ عمل ڪندا، انهن کي اهو خوشخبري ڏئي ٿو ته انهن لاءِ وڏو اجر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، انهن کي ٻڌائي ٿو ته انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
انسان شر ائين ٿو گهري، جيئن خير گهرڻ کپندو آهي، انسان ڏاڍو اُٻهرو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
ڏسو! اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪري بڻايو آهي. رات واري نشانيءَ کي اسان اونداهون بڻايو ۽ ڏينهن واري نشانيءَ کي روشن ڪيوسين ته جيئن توهان پنهنجي رب جو فضل هٿ ڪري سگهو ۽ سالن ۽ سـَـنـَـن جو تعداد ۽ حساب معلوم ڪري سگهو ۽ اسان هر شيءِ کي ڌار ڌار نروار ڪري ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ هر انسان جو ســَـوڻ (اعمال نامو) اسان سندس ڪنڌ ۾ لڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان ان لاءِ هڪ لکيو ڪڍنداسون، جيڪو کيس کليل ڪتاب جيان لڳندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
پڙهه پنهنجو اعمالنامو، اڄ تون پاڻ ئي پنهنجو حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جيڪو سنئين واٽ تي هلندو،ان جو سنئين طرح هلڻ پنهنجي ئي فائدي لاءِ آهي ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو، تنهن جي گمراهيءَ جو بار به سندس ئي مٿان آهي. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو ۽ اسان ائين عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون، جيستائين (حق ۽ باطل جو فرق سمجهائڻ لاءِ ) ڪو رسول نه موڪليون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته ان جي آسودن ماڻهن کي حڪم ڏيندا آهيون ۽ هو منجهس بي فرمانيون ڪرڻ لڳندا آهن ته پوءِ عذاب جو فيصلو مٿس لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ان کي برباد ڪري ڇڏيندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
ڏسو!ڪيتريون ئي پيڙهيون هيون، جيڪي نوح کان پوءِ اسانجي حڪم سان برباد ٿيون. تنهنجو رب پنهنجن ٻانهن جي گناهن کان چڱيءَ طرح باخبر آهي ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو (هن دنيا ۾) ترت حاصل ٿيندڙ فائدا طلبيندو آهي، ان کي اسان هتي ئي ڏئي ڇڏيندا آهيون، جيڪو جو جنهن کي ڏيڻ چاهيون. پوءِ سندس ڀاڱي ۾ جهنم لکي ڇڏيندا آهيون، جنهن سان هو پيو لهسبو، ملامت ڪيل ۽ تڙيل بڻجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
۽ جيڪو آخرت چاهيندو هجي ۽ ان لاءِ ڪوشش به ڪري،جيئن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ مومن هجي ته اهڙن ماڻهن جي ڪوشش قبول پوندي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
هنن کي به ۽ هـُـنن کي به، ٻنهي ڌرين کي اسان (دنيا ۾) زندگي گذارڻ جو سامان پيا ٿا ڏيون. اها تنهنجي رب جي بخشش آهي ۽ تنهنجي رب جي بخشش کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي