015 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 99 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ وَقُرْاٰنٍ مُّبِيْنٍ 1
ﲺ (الف ــ لام ــ را)، هي آيتون آهن ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديرُبَمَا يَوَدُّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِيْنَ 2
پري ناهي جو هڪڙو وقت اهڙو به اچي، جو اهيئي ماڻهو جن (حق جي دعوت) قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پڇتائي چوندا ته جيڪر اسان مسلمان هجون ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديذَرْهُمْ يَاْكُلُوْا وَيَتَمَتَّعُوْا وَيُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُوْنَ 3
ڇڏين ته وتن کائيندا پيئندا مزا ڪندا ۽ اجائي ســَـڌَ ڀل کين غفلت ۾ وجهي ڇڏي، سگهوئي سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْيَةٍ اِلَّا وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ 4
اسان هن کان اڳ جنهن به ڳوٺ کي برباد ڪيو آهي ته ان لاءِ عمل جي مهلت جو مدو اڳيئي لکجي چڪو هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَمَا يَسْتَاْخِرُوْنَ 5
ڪابه قوم پنهنجي مقرر ڪيل وقت کان اڳ نڪي تباهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کان پوءِ بچيل رهي سگهي ٿي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالُوْا يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْ نُزِّلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ لَمَجْنُوْنٌ 6ۭ
اهي ماڻهو ٿا چون ته "اي شخص جنهن تي هيءُ قرآن نازل ٿيو آهي، تون ته پڪ سان چريو آهين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَوْ مَا تَاْتِيْنَا بِالْمَلٰۗىِٕكَةِ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 7
جيڪڏهن سچو آهين ته پوءِ اسان ڏي ملائڪ ڇو نه ٿو وٺي اچين؟"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَا نُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَمَا كَانُوْٓا اِذًا مُّنْظَرِيْنَ 8
اسان ملائڪ ائين نه لاهيندا آهيون. اهي جڏهن لهندا آهن ته حق کڻي لهندا آهن ۽ پوءِ ماڻهن کي ڪا مهلت نه ملندي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّا نَـحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 9
هيءُ قرآن، اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جا حفاظت ڪندڙ آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ فِيْ شِيَعِ الْاَوَّلِيْنَ 10
اي نبي! اسان توکان اڳ ڪيترين ئي آڳاٽين قومن ۾ رسول موڪلي چڪا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 11
۽ وري ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جو وٽن ڪو رسول آيو هجي ۽ انهن ان تي چٿرون نه ڪيون هجن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديكَذٰلِكَ نَسْلُكُهٗ فِيْ قُلُوْبِ الْمُجْرِمِيْنَ ۙ12
اهڙيءَ طرح ڏوهارين جي دلين ۾ ته اسان هن چٿر کي وجهي ڇڏيندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَا يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَقَدْ خَلَتْ سُـنَّةُ الْاَوَّلِيْنَ 13
هو ان تي ايمان نه آڻيندا آهن. اصل کان وٺي انهيءَ قسم جي ماڻهن جو اهوئي طريقو هلندو ٿو اچي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ بَابًا مِّنَ السَّمَاۗءِ فَظَلُّوْا فِيْهِ يَعْرُجُوْنَ ۙ14
جيڪڏهن اسان انهن لاءِ آسمان جو ڪو دروازو کولي ڇڏيون ها ۽ هو ان مان مٿي چڙهندا به وڃن ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَالُوْٓا اِنَّـمَا سُكِّرَتْ اَبْصَارُنَا بَلْ نَـحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُوْرُوْنَ ۧ15
تڏهن به هو ائين ئي چون ها ته اسانجي اکين دوکو کاڌو آهي، نه پر اسان تي ته جادو ڪيو ويو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ جَعَلْنَا فِي السَّمَاۗءِ بُرُوْجًا وَّزَيَّنّٰهَا لِلنّٰظِرِيْنَ ۙ16
اها اسانجي ئي قدرت آهي، جو اسان آسمان ۾ ڪيترائي مضبوط قلعا بڻايا آهن، جن کي ڏسندڙن لاءِ (تارن سان) سينگاريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَحَفِظْنٰهَا مِنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ رَّجِيْمٍ ۙ17
۽ هر تـڙيل شيطان کان انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ مُّبِيْنٌ 18
باقي ڪو لڪي ڪجهه ٻڌي وٺي ٿو ته هڪڙي ٻرندڙ اماڙي (ميزائل وانگر) سندس ڪڍ پوي ٿي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُوْنٍ 19
زمين کي اسان وڇائي ڇڏيو آهي ۽ منجهس جبل کوڙي ڇڏيا آهن ۽ ان ۾ هر قسم جون زمين مان ڦٽندڙ شيون مناسب انداز ۾ اُپايون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ وَمَنْ لَّسْتُمْ لَهٗ بِرٰزِقِيْنَ 20
۽ منجهس زندگي گذارڻ جا سامان مهيا ڪيا آهن، توهان لاءِ به ۽ انهيءَ مخلوق لاءِ به جن جا رازق توهان ناهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي