014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
ﲺ (الف ـ لام ـ را) اي نبي هيءُ هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي اسان توڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻين، سندن رب جي توفيق سان، انهيءَ الله جي رستي تي جيڪو زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
۽ آسمانن ۽ زمين جي ساري موجودات جو مالڪ آهي ۽ ڏاڍي تباهه ڪندڙ سزا آهي، حق کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندڙن لاءِ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
جيڪي دنيا واري زندگيءَ کي آخرت کان پيارو رکن ٿا ۽ جيڪي الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ گُهرن ٿا ته اهو رستو (سندن مرضيءَ مطابق) ڏنگو ٿي پوي. اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ تمام پري هليا ويا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
اسان پنهنجو پيغام رسائڻ لاءِ جڏهن به ڪو رسول موڪليو آهي ته ان پنهنجيءَ قوم جي ٻوليءَ ۾ ئي پيغام پهچايو آهي ته جيئن کين ڳالهه چڱيءَ طرح کولي سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي وڻيس ڀٽڪائي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت بخشي ٿو، هو نهايت زبردست ۽ داناءُ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
اسان هن کان اڳ موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان گڏ موڪلي چڪا آهيون، انهيءَ کي به اسان حڪم ڏنو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جي ڏهاڙن (تاريخ) جا سبق پرائڻ جوڳا واقعا ٻڌائي نصيحت ڪر. انهن واقعن ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: "الله جي ان احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن توهان تي ڪيو آهي، هن توهان کي فرعون وارن کان ڇڏائي آزاد ڪيو، جيڪي توهان کي سخت تڪليفون ڏيندا هئا، توهانجي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهانجي عورتن (نياڻين) کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. انهيءَ ۾ توهانجي رب جي پاران توهان جي وڏي آزمائش هئي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ ياد ڪريو توهانجي رب اعلان ڪيو هو ته "جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته مان توهانکي اڃان به وڌيڪ نوازيندس ۽ جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ ته پوءِ منهنجي سزا به ڏاڍي سخت اٿوَ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسيٰ چيو ته "جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندؤ ۽ زمين جا سمورا رهاڪو به ڪافر ٿي ويندا ته الله بي پرواهه آهي ۽ هو ته پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
توهان تائين انهن قومن جا احوال نه پهتا آهن ڇا، جيڪي توهان کان اڳ ٿي گذريون آهن؟ نوح جي قوم، عاد، ثمود ۽ کانئن پوءِ آيل ڪيتريون ئي قومون، جن جو تعداد الله کي ئي معلوم آهي، سندن رسولن جڏهن وٽن چٽيون نشانيون آنديون ته انهن پنهنجا هٿ کڻي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون ته "جنهن پيغام سان توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ته ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن شيءِ جي توهان اسان کي دعوت ڏيئي رهيا آهيو، ان بابت اسان ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهيون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
سندن رسولن کين چيو: "ڇا الله بابت شڪ اٿوَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جو خالق آهي؟ هو ته توهانکي سڏي ٿو ته جيئن توهانجا ڏوهه معاف ڪري ۽ توهانکي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي." انهن چيو: "توهان ٻيو ڇا آهيو، اسان جهڙا انسان ئي ته آهيو. توهان اسانکي انهن هستين جي پوڄا ڪرڻ کان روڪڻ ٿا گُهرو، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن. چڱو ڀلا آڻيو ڪا چٽي ســَـنــَـدَ"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
سندن رسولن کين چيو: "برابر اسان توهان جهڙائي انسان آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي نوازي ٿو ۽ اها ڳالهه اسانجي وس ۾ ناهي ته توهانکي ڪا ســَـنــَـدَ آڻي ڏيون، ســَـنــَِـدَ ته الله جي ئي حڪم سان اچي سگهي ٿي، سو الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جڏهن ته هن اسانجي زندگيءَ جي سفر ۾ اسانکي صحيح واٽون ڏسيون؟ ۽ توهان اسان کي جيڪو ايذايو پيا، تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن جو ڀروسو الله تي ئي هئڻ گهرجي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
نيٺ منڪرن پنهنجن رسولن کي چئي ڇڏيو ته "يا ته توهانکي وري اسان جي دين ۾ موٽي اچڻو پوندو، نه ته اسان توهانکي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون". ان وقت سندن رب انهن ڏانهن وحي موڪليو ته "اسان انهن ظالمن کي برباد ڪري ڇڏينداسون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ انهن کان پوءِ توهانکي زمين ۾ آباد ڪنداسون". اهو آهي انعام انهيءَ جو، جيڪو منهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ کان ڊنو ۽ منهنجي دڙڪي کان به ڊڄندو هجي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
انهن فيصلو گهريو هو (سو فيصلو ائين ٿيو ته) حق جو دشمن هر ڏاڍو مڙس ناڪام ٿي ويو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
پوءِ اڳتي وري جهنم اٿس، اتي کيس پيئڻ لاءِ پونءِ وارو پاڻي ڏنو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودييَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
جنهن کي زور ڪري نـڙيءَ کان هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ڏاڍي مشڪل سان ڳيت ڏئي سگهندو ۽ موت به هر طرف کان اچي ورايو هوندس پر هو مرندو ڪونه ۽ اڳتي وري ڏاڍو سخت عذاب انتظار ۾ هوندس
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن جي عملن جو مثال انهيءَ رک جهڙو آهي، جنهن کي ڪنهن طوفان واري ڏينهن جي واءُ اڏائي ڇڏيو ۽ هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪوبه ڦل نه پائي سگهندا. اهائي وڏي گمراهي آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
اي نبي! ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي؟ جي هو چاهي ته توهان ماڻهن کي هٽائي ڇڏي ۽ ٻي نئين مخلوق آڻي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
ائين ڪرڻ الله لاءِ ڪو ڏکيو ناهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودي