013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
ﺏ (الف ــ لام ــ ميم ــ را) هي (الله جي) ڪتاب جون آيتون آهن ۽ جيڪي ڪجهه تنهنجي رب وٽان توتي نازل ڪيو ويو آهي، سو بلڪل حق سچ آهي، پر (تنهنجي قوم جا) گهڻا ماڻهو نٿا مڃين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي اهڙن ٿنڀن کان سواءِ بيهاريو آهي، جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ اچن. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي هڪ قانون ۾ جڪڙيائين، هرهڪ شيءِ هڪڙي مقرر ڪيل وقت تائين هلندي رهي ٿي ۽ الله ئي انهيءَ ساري معاملي کي هلائي ٿو. هو نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته مــَـن توهان پنهنجي رب جي ملاقات تي يقين ڪريو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ اهوئي آهي، جنهن هيءَ ڌرتي وڇائي ڇڏي آهي، منجهس جبلن کي کوڙيو اٿائين ۽ درياءَ وهائي ڇڏيا اٿائين. انهيءَ ئي هر قسم جي ميون جا جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ اهوئي ڏينهن کي رات سان ڍڪي ٿو، انهن سڀني شين ۾ وڏيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ ڏسو زمين ۾ ڌار ڌار قسمن جا ٽڪرا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان لڳولڳ آهن ۽ انگورن جا باغ آهن، ٻنيون آهن، کجيءَ جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪڙي ئي اُڀي ٿــڙ وارا آهن ته ڪي جــُـهڳٽي جي شڪل ۾، سڀني کي ساڳيو ئي پاڻي ملي ٿو، پر ذائقي ۾ اسان ڪنهن کي ڀلو بڻايون ٿا ته ڪنهن کي وري گهٽ درجي وارو، انهن سڀني شين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل وارا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
جي توکي عجب ٿو لڳي ته عجب جهڙي ڳالهه ته ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته "جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا پوءِ اسان وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل آهن، اهي دوزخي آهن ۽ جهنم ۾ سدائين رهندا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
اهي ماڻهو ڀلائيءَ کان اڳ ۾ ٿا برائيءَ لاءِ تڪڙ مچائن، حالانڪه کانئن اڳ (جيڪي ماڻهو ائين هليا انهن تي الاهي عذاب جا) عبرت ڏياريندڙ مثال ٿي گذريا آهن. حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب ماڻهن جي ڏاڍاين جي باوجود ساڻن چشم پوشيءَ کان ڪم ٿو وٺي ۽ وري اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب سخت سزا ڏيندڙ به آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
اهي ماڻهو جن تنهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، چون ٿا ته "هن شخص تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لٿي آهي؟" تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو واٽ ڏسيندڙ هوندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
الله هرهڪ حمل واري ماديءَ جي پيٽ کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو، جيڪي جو ڳڀيرڻن ۾ ٺهي ٿو ۽ جيڪي جو وڌي ويجهي يا گهٽجي ٿو ۽ هر شيءِ لاءِ وٽس هڪ مقدار مقرر ٿيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
هو لڪل توڙي ظاهر هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي ۽ هر حالت ۾ مٿانهون رهڻ وارو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
توهان مان کڻي ڪو آهستي ڳالهائي يا ڏاڍيان ۽ ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن ڏٺي جو وتي گهمندو، ان (الله) لاءِ مڙيو ئي برابر آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
هر شخص جي اڳيان توڙي پويان سندس مقرر ڪيل واري وٽيءَ وارا پهريدار آهن، جيڪي الله جي حڪم سان سندس نگهباني ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته الله ڪنهن به قوم جي حالت تيستائين نه بدلائيندو آهي، جيستائين هو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائي ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم جي تباهي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آهي ته پوءِ اها ڪنهن جي به ٽارئي نه ٽرندي آهي ۽ نڪي الله جي مقابلي ۾ اهڙي قوم جو ڪو واهر وسيلو ٿي سگهي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
اهوئي آهي، جيڪو توهان کي وڄ جا چمڪاٽ ڏيکاريندو آهي، جن کي ڏسي ڀؤ به ٿيندو اٿوَ ته اميد به ٿيندي اٿوَ. اهوئي آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر مٿي چاڙهيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
ڪڪرن جي گاج سندس ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندي آهي ۽ ملائڪ سندس هيبت کان ڪنبندي پيا سندس تسبيح ڪندا آهن. هو گجگوڙ واريون وڄون موڪليندو آهي، پوءِ جنهن تي به چاهيندو آهي، ٺيڪ انهيءَ وقت ڪيرائيندو آهي، جڏهن هو الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا آهن. حقيقت ۾ سندس پڪڙ ڏاڍي سخت آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
کيس ئي سڏڻ حق آهي، باقي ٻين جن کي به هو سندس بدران سڏين ٿا، اهي سندن دعائن جو ڪوبه جواب نٿا ڏيئي سگهن. انهن کي سڏڻ ته ائين آهي، جيئن ڪو شخص پاڻيءَ ڏانهن هٿ ڊگهيري ان کي چوي ته اچي منهنجي وات ۾ پؤ، جڏهن ته هو ان تائين پهچڻ وارو ناهي. بس اهڙيءَ ريت ڪافرن جون دعائون به ائين آهن جيئن بي نشانو تير!
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
اهو ته الله ئي آهي، جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ چاهيندي توڙي نه چاهيندي سجدو ڪندي رهي ٿي ۽ سڀني شين جا پاڇا به صبح توڙي شام سندس آڏو جهڪندا رهن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
پڇينِ ته آسمانن ۽ زمين جو رب ڪير آهي؟ چؤ الله، پوءِ چوين ته جڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ ڇا ان کي ڇڏي اهڙن معبودن کي پنهنجو آڌار بڻايو اٿوَ، جن کي پنهنجي لاءِ به ڪنهن نفعي نقصان جي ڪا طاقت ڪانهي؟ چوين ته ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر ٿين ٿا؟ ڇا اونداهيون ۽ روشني هڪ جهڙيون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا سندن گهڙيل شريڪن به ڪو الله وانگر ڪجهه خلقيو آهي، جو ان ڪري خلقڻ جو معاملو انهن لاءِ هڪجهڙو ٿي پيو آهي؟ چوينِ ته فقط الله ئي هر شيءِ جو خالق آهي ۽ هو بي مثل ۽ سڀني تي غالب آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
الله آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ واهه پنهنجي پنهنجي گنجائش آهر ان کي کڻي هليا ۽ پاڻيءَ جي تيز وهڪري تي گج جا گولا ٿي ويا ۽ اهڙي ئي گج انهن ڌاتن تي به ٿي پوندي آهي، جن کي زيورن ۽ ٿانون ٺاهڻ لاءِ باهه تي رجايو ويندو آهي، انهيءَ مثال سان الله حق ۽ باطل جي معاملي کي چٽو ٿو ڪري، پوءِ جيڪا گج هوندي آهي سا کڄي ويندي آهي، باقي جيڪا شيءِ انسانن لاءِ نفعو ڏيندڙ آهي، سا زمين ۾ رهجي ويندي آهي، ائين مثال ڏئي الله ڳالهه سمجهائيندو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جن ماڻهن پنهنجي رب جي حڪم کي قبوليو، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ان جو حڪم نه قبوليو، انهن کي کڻي زمين جي سموري دولت هجي ۽ اوتري ٻي به هجينِ ته به هو الله جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه عيوضي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن کان بڇڙو حساب ورتو ويندو ۽ سندن ٺڪاڻو جهنم آهي، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو ته اهو شخص جيڪو تنهنجي رب جي طرفان توتي نازل ٿيل ڪتاب کي حق ڄاڻندو هجي، ان شخص جي برابر ٿئي، جيڪو ان حقيقت کان انڌو آهي؟ نصيحت ته فقط سياڻا ماڻهو ئي پرائيندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
۽ اهي ماڻهو الله سان ڪيل وعدا پاڙيندا آهن ۽ پڪو عهد ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٽوڙيندا ناهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودي