012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
ﲺ (الف ـ لام ـ را) هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، جيڪو پنهنجو مطلب کولي بيان ڪندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اسان ان کي نازل ڪيو آهي قرآن بڻائي عربي زبان ۾، ته جيئن توهان (عرب وارا) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو
— سيد ابوالاعليٰ مودودينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
اي نبي! اسان هن قرآن کي توڏانهن وحي ڪري تمام سهڻي انداز ۾ واقعا ۽ حقيقتون توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا، نه ته ان کان اڳ ته تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي اڻڄاڻ هئين
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! مون خواب لڌو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ آهن ۽ اهي مونکي سجدو ڪري رهيا آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
جواب ۾ پڻس چيس ته "پٽـڙا! پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ ، نه ته هو تنهنجي خلاف سٽون سٽيندا. حقيقت اها آهي ته شيطان انسان جو کليو کلايو دشمن آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي ته) تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ ) چونڊي وٺندو ۽ توکي ڳالهين جي تـَـههَ تائين پهچڻ جو علم ڏيندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت اهڙيءَ طرح مڪمل ڪندو، جهڙيءَ ريت هن کان اڳ هو تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ وڏو داناءُ آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
حقيقت ۾ يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ انهن پڇندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
اهو قصو هيئن آهي ته سندس ڀائرن پاڻ ۾ چيو ته "يوسف ۽ ڀاڻس ٻئي اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حالانڪه اسان ته هڪڙو سڄو جٿو آهيون، سچي ڳالهه اها آهي ته ابو بلڪل ڀٽڪي ويو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
يوسف کي قتل ڪريو يا ڪٿي اڇلائي اچوس، تان ته توهانجي پيءُ جو رخ پوءِ فقط توهان ڏانهن ٿي پوي، ائين ڪري پوءِ کڻي نيڪ ٿي رهجو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
ان تي منجهانئن هڪڙي چيو ته "يوسف کي قتل نه ڪريو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته ان کي ڦٽل کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو ڪڍي کڻي ويندو"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
اها رٿ رٿي انهن وڃي پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! ڇو ڀلا تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين، حالانڪه اسان ته سندس سچا خير خواهه آهيون؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي اسان سان موڪل ڏينس ته ڪجهه کائيندو پيئندو به ۽ کيڏي ڪڏي به وٺندو، اسان سندس حفاظت لاءِ موجود آهيون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
پيءُ چيو: "توهانجو ان کي وٺي وڃڻ منهنجي دل کي جهوري ٿو وجهي ۽ مونکي ڀؤ ٿو ٿئي ته متان بگهڙ نه کائي وڃيس ۽ ان مهل توهان جو ان ڏي ڌيان نه هجي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
انهن جواب ڏنو: "جيڪڏهن اسانجي هوندي کيس بگهڙ کاڌو، جڏهن جو اسان چڱو جٿو آهيون ته پوءِ ته اسان ڪنهن ڪم جا نه ٿياسون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
ائين جڏهن هو کيس وٺي ويا ۽ سڀني گڏجي طيءِ ڪيو ته کيس ڦٽل کوهه جي تري ۾ ڦٽو ڪن، ته وري اسان يوسف ڏي وحي ڪيو ته "ڪو وقت ايندو، جڏهن تون انهن کي اها حرڪت ڄاڻائيندين، اهي پنهنجي ڪم جي نتيجي کان بي خبر آهن"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
رات جو هو روئندا پنهنجي پيءُ وٽ آيا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
۽ چيائون: "ابا اسان ڊوڙ پڄائڻ ۾ لڳي وياسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ته ايتري ۾ بگهڙ کيس کائي ويو. تون ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندين توڻي جو اسان سچا هجون"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ هو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا هئا. اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو: "اصل ڳالهه اها آهي ته توهانجي نفسن توهان لاءِ هڪ وڏي ڪم کي سؤلو بڻائي ڇڏيو. هاڻي بس صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. جيڪا ڳالهه پيا ٿا ٺاهيو، تنهن تي اهو الله ئي آهي جنهن کان مدد وٺڻي آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
هوڏانهن هڪ قافلو اچي نڪتو ۽ انهن پنهنجي پاڻي ڀريندڙ کي پاڻي آڻڻ لاءِ موڪليو، پاڻي ڀريندڙ جو کوهه ۾ پنهنجو ڏول وڌو ته (يوسف کي ڏسي) وٺي رڙ ڪيائين: "مبارڪ هجيوَ، هتي ته هڪڙو ڇوڪرو آهي". انهن ماڻهن ان کي واپار جو مال سمجهي کڻي سانڍيو، حالانڪه جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا، الله ان کان باخبر هو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
نيٺ انهن تمام ٿورڙي قيمت تي ڪن ٿورڙن درهمن جي عيوض کيس وڪڻي ڇڏيو، جو هو ان جي قيمت جي معاملي ۾ گهڻي جي لالـچ وارا نه هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودودي