011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
ﲺ ــ (الف ـ لام ـ را) هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جون آيتون مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ خوب کولي چٽيءَ طرح پيش ڪيل آهن، هڪ دانائيءَ واري ۽ باخبر هستيءَ جي طرفان
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
ته سواءِ الله جي ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، مان سندس پاران توهانکي خبردار ڪرڻ وارو به آهيان ۽ خوشخبري ڏيندڙ به
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ پڻ توهان پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ وري ڏانهس موٽي پئو ته هو هڪ مقرر ڪيل مدت تائين توهانکي تمام سٺو زندگي گذارڻ جو سامان ۽ هر فضل واري کي سندس فضل عطا ڪندو. پر جيڪڏهن توهان منهن موڙي ويندؤ ته مان توهانجي باري ۾ هڪڙي نهايت ڀوائتي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
توهان سڀني کي الله ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڪري سگهندڙ آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
خبردار (هي ماڻهو) پنهنجن سينن کي پيا ٿا ويڙهين سيڙهين ته جيئن کانئس لڪي وڃن، خبردار جڏهن اهي ڪپڙا ڍڪيندا آهن ته الله سندن لڪايل کي به ڄاڻندو آهي ته پڌري ڪيل کي به. هو ته انهن ڳجهن کان به واقف آهي، جيڪي سينن ۾ سمايل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
زمين ۾ هلندڙ چلندڙ ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي رزق جو ذمو الله تي نه هجي ۽ جنهن بابت هو نه ڄاڻندو هجي ته اهو رهي ڪٿي ٿو ۽ ڪٿي ٿو سانڀيو وڃي. سڀ ڪجهه هڪڙي نهايت چٽي ڪتاب ۾ لکيل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ اهوئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، جڏهن جو ان کان اڳ سندس عرش پاڻيءَ تي هو، ته جيئن توهانکي آزمائي ته توهان ۾ ڪير آهي سهڻا عمل ڪندڙ. هاڻي جيڪڏهن اي نبي! تون ٻڌائين ٿو ته اي انسانؤ! توهان مرڻ کان بعد وري اٿاريا ويندؤ ته منڪر هڪدم چوڻ لڳن ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن اسان هڪڙي خاص مدت تائين کانئن عذاب ٽاريون ٿا ته چوڻ لڳن ٿا ته ڪنهن روڪيو اٿس؟ ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن انهيءَ سزا جو وقت اچي ويو ته اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان نه ٽرندي ۽ کين اهائي شيءِ وڪوڙي ويندي، جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت سان نوازڻ کان پوءِ وري کيس ان کان محروم ٿا ڪريون ته هو مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ ناشڪري ڪرڻ لڳي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن انهيءَ مصيبت کان پوءِ جيڪا مٿس آئي هئي، اسان کيس نعمت جو ٿا مزو وٺايون ته چئي ٿو ته مون تان ته ويا سڀ ڏک لهي ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
ان ڳالهه کان بچيل رڳو اهي ٿين ٿا، جيڪي صبر ڪندڙ ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن ۽ اهي ئي آهن، جن لاءِ معافي به آهي ۽ وڏو اجر پڻ
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ اي نبي! متان ائين ٿئي جو تون انهن ڳالهين مان جيڪي توڏانهن وحي ڪيون ٿيون وڃن، ڪنهن شيءِ کي (بيان ڪرڻ) ڇڏي ڏين ۽ ان ڳالهه تي تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ لڳي ته هو چوندا ته "هن شخص تي ڪو خزانو ڇونه لاٿو ويو آهي؟" يا اهو ته "هن سان گڏ ڪو فرشتو ڇونه آيو آهي؟" تون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهين، باقي هر شيءِ جو نگهبان ته الله آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
ڇا اهي چون ٿا ته نبيءَ اهو ڪتاب پاڻ ٺاهيو آهي؟ چڱو جيڪڏهن ائين آهي ته ان جهڙيون ڏهه پنهنجون ٺاهيل سورتون آڻي ڏيکاريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي وَڻيوَ تنهن کي (پنهنجي مدد لاءِ) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏهن اهي توهانجي نٿا مڃين ته ڄاڻي ڇڏيو ته اهو الله جي علم مطابق نازل ٿيو آهي ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا پوءِ (انهيءَ حق جي آڏو) توهان ڪنڌ جهڪائڻ وارا ٿيندؤ؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جيڪي ماڻهو بس هن دنيا جي زندگي ۽ ان جي سينگار جي ڪڍ آهن، انهن جي ڪئي ڪمائيءَ جو سارو ڦل اسان کين هتي ئي ٿا ڏئي ڇڏيون ۽ ان ۾ کين ڪابه ڪــَـسُ نٿي لڳائي وڃي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
پر آخرت ۾ انهن لاءِ سواءِ باهه جي ٻيو ڪجهه به ناهي. (اتي پتو پئجي ويندنِ ته) جيڪي ڪجهه دنيا ۾ گهڙيو هئائون سو سڀ چٽ ٿي وين ۽ سندن سارو عمل ته آهيئي ڪوڙ تي ٻڌل
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
پوءِ ڀلا جيڪو شخص پنهنجي رب جي طرفان هڪ پڌري ثبوت وارو هو، جنهن جي پٺيان هڪ شاهد پڻ پروردگار وٽان (ان ثبوت جي تائيد ۾) اچي ويو ۽ اڳ ۾ موسيٰ جو ڪتاب به اڳواڻ ۽ رحمت بڻجي آيل موجود هو (ڇا اهو به دنيا پرستن وانگر ان کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟) اهڙا ماڻهو ئي ته ان تي ايمان آڻيندا ۽ انساني ٽولن مان جيڪو به انڪار ڪندو ته ان لاءِ جنهن جاءِ جو وعدو ٿيل آهي، سا دوزخ آهي، تنهنڪري اي نبي! تون ان شيءِ جي باري ۾ ڪنهن به شڪ ۾ نه پؤ، اهو ته حق ئي آهي، تنهنجي رب جي پار کان، پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙَ مڙهي؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي رب آڏو پيش ٿيندا ۽ شاهد شاهدي ڏيندا ته اِهي آهن اُهي ماڻهو، جن پنهنجي رب تي ڪوڙ مڙهيو هو، ٻڌي ڇڏيو ته الله جي لعنت آهي ظالمن تي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
انهن ظالمن تي، جيڪي الله جي واٽ کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ انکي ڏِنگو ڦــِـڏو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ آخرت جو انڪار ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي زمين ۾ الله کان زور نه هئا ۽ نڪي الله کانسواءِ سندن ڪو مددگار ئي هو، انهن کي هاڻي ٻيڻو عذاب ملندو. هو نه ڪنهن جي ٻڌي ٿي سگهيا ۽ نه وري پاڻ ئي ٿي ڪجهه ڏٺائون
— سيد ابوالاعليٰ مودودي