100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي انهن (گهوڙن) جو جيڪي ڦوڪارا هڻندي پيا ڊوڙندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
۽ (پنهنجن سنبن سان) چڻنگون اٿاريندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ صبح ساجهر ئي وڃي ڪاهه ڪندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
پوءِ ان وقت ڌڌڙ اڏائيندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ انهيءَ حالت ۾ ڪنهن ميڙ جي وچ ۾ ڪاهي پوندا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
اصل ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي رب جو ڏاڍو ناشڪرو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ انهيءَ ڳالهه جو هو پاڻ ئي شاهد آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ مال ۽ دولت جي محبت ۾ به ڏاڍو سخت ڦاٿل آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڀلا ان وقت کي نٿو ڄاڻي ڇا، جو جڏهن قبرن ۾ جيڪي (پوريل) آهي سو ٻاهر ڪڍيو ويندو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ سينن ۾ جيڪو (سانڍيل) آهي، ان کي ٻاهر ڪڍي جاچيو ويندو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ سندن رب انهيءَ ڏينهن کانئن چڱيءَ طرح واقف هوندو
— سيد ابوالاعليٰ مودودي