010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
تفھيم القرآن
مُترجم: سيد ابوالاعليٰ مودودي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1
ﲺ (الف ـ لام ـ را) هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، جيڪو حڪمت ۽ دانائيءَ ڀريو آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2
ڇا ماڻهن لاءِ اها عجب جهڙي ڳالهه ٿي پئي آهي ته اسان خود منجهانئن ئي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن وحي موڪليو آهي ته (غفلت ۾ پيل) ماڻهن کي خبردار ڪري ۽ جيڪي مڃين تن کي خوشخبري ڏيئي ڇڏي ته انهن لاءِ سندن رب وٽ سچي عزت ۽ وڏو مانُ آهي؟ (انهيءَ تي ئي) منڪرن چيو ته هيءُ شخص ته پڌرو جادوگر آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3
حقيقت ۾ توهانجو رب ته اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش تي قائم ٿي ڪائنات جو انتظام هلائي رهيو آهي. ڪوبه شفاعت (سفارش) ڪرڻ وارو ڪونهي سواءِ انهيءَ جي، جيڪو سندس اجازت کان بعد شفاعت ڪري. اهوئي الله توهانجو رب آهي، تنهنڪري توهان سندس ئي عبادت ڪريو. ڇا پوءِ توهان هوش نه ڌاريندؤ؟
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4
انهيءَ ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي. اهو الله جو پڪو وعدو آهي. بيشڪ پهرين ڀيري سڀ ڪجهه پيدا هو ئي ٿو ڪري، وري ٻيهر به اهوئي پيدا ڪندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي انصاف سان اجورا ڏئي ۽ جن ڪفر واري واٽ ورتي، اهي ٽهڪندڙ پاڻي پيئن ۽ دردناڪ سزا ڀوڳين، انهيءَ حق کان انڪار ڪرڻ سبب جيڪي هو ڪندا پئي رهيا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5
اهوئي آهي، جنهن سج کي سوجهرو ڪندڙ بڻايو ۽ چنڊ کي چمڪڻ وارو ڪيائين ۽ چنڊ جي گهٽجڻ وڌڻ جون منزلون پوري اندازي سان مقرر ڪيائين ته جيئن توهان ان وسيلي سالن ۽ تاريخن جا حساب معلوم ڪريو. الله اهو سڀ برحق پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي نشانين کي کولي کولي ٿو پيش ڪري انهن ماڻهن لاءِ جن وٽ علم آهي
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي واري وٽيءَ سان اچڻ ۾ ۽ هر انهيءَ شيءِ ۾ جيڪا الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪئي آهي، نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (غلط سوچ ۽ غلط عمل کان) بچڻ گهرن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7ۙ
(اصل ڳالهه اها آهي ته) جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا واري زندگيءَ تي ئي راضي ۽ مطمئن ٿي ويٺا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسانجي نشانين کان غافل آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودودياُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8
انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم بڻبو، انهن بڇڙاين جي ڪري جيڪي هو (پنهنجن غلط عقيدن ۽ غلط هلت جي نتيجي ۾) ڪندا پئي رهيا
— سيد ابوالاعليٰ مودودياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9
۽ اها به حقيقت آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو (يعني جن انهن سچاين کي قبول ڪيو جيڪي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيون ويون آهن) ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، انهن جو رب سندن ايمان جي ڪري کين سنئين واٽ وٺائيندو، نعمتن سان ڀريل جنتن ۾ سندن هيٺان واهيون پيون وهنديون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديدَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۧ١0
اتي اهائي سندن دعا هوندي ته "پاڪ آهين تون اي الله"، سندن کيڪار اها هوندي ته "سلامتي هجيوَ" ۽ سندن هر ڳالهه جي پڄاڻي انهيءَ تي ٿيندي ته "سموري ساراهه الله رب العالمين جي لاءِ ئي آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 11
جيڪڏهن الله ماڻهن کي برائيءَ جو بدلو ڏيڻ ۾ به ايتري تڪڙ ڪري ها، جيتري جلدي هو دنيا ۾ ڀلائيءَ جي ڦل ملڻ لاءِ ڪن ٿا ته سندن عمل جي مهلت ڪڏهوڪو ختم ڪئي وڃي ها (مگر اسانجو طريقو اهو ناهي) تنهنڪري اسان انهن ماڻهن کي جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن سندن سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏي ٿا ڏيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 12
انسان جي حالت اها آهي ته جڏهن مٿس ڪو ڏکيو وقت ٿو اچي ته پاسي ڀــَر يا ويٺي يا بيٺي اسانکي ٿو سڏي پر وري جڏهن اسان سندس مصيبت ٽاري ٿا ڇڏيون ته ائين ٿو کسڪي وڃي، ڄڻ ته هن ڪڏهن ڪو پنهنجي اوکيءَ ويل اسانکي ٻاڏايو ئي نه هو، اهڙيءَ طرح حد کان لنگهي وڃڻ وارن لاءِ سندن ڪرتوت ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ 13
اي انسانو! توهان کان اڳ ٿي گذريل قومن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو، جڏهن جو انهن ظلم ڪيو ۽ سندن رسول وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيا پر هنن ايمان نه آندو ۽ اسان ڏوهارين کي سندن ڏوهن جو بدلو ڏيندا آهيون
— سيد ابوالاعليٰ مودوديثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ 14
هاڻي انهن کان پوءِ اسان توهان کي زمين ۾ انهن جو جاءِ نشين بڻايو آهي تانته ڏسون ته توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪريو
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
جڏهن انهن کي اسان جون صاف ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي ماڻهو جن کي اسان سان ملڻ جي اميد نه آهي، چون ٿا ته هن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻ يا هن ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪر". اي نبي چوين ته "منهنجو اهو ڪم ناهي ته پنهنجي طرفان ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪريان، مان ته بس انهيءَ وحيءَ جو پوئلڳ آهيان، جيڪو مون ڏانهن موڪليو پيو وڃي. جيڪڏهن مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ته مونکي هڪڙي وڏي ڀوائتي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي"
— سيد ابوالاعليٰ مودوديقُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ 16
۽ چوين ته جيڪڏهن الله گهري ها ته مان هيءُ قرآن توهانکي ڪڏهن به نه ٻڌايان ها ۽ نڪي الله ئي توهانکي ان جي ڪا خبر ڏئي ها، آخر ته هن کان اڳ مان توهان ۾ ڪا عمر گذاري چڪو آهيان، ڇا توهان عقل کان ڪم ئي نٿا وٺو؟
— سيد ابوالاعليٰ مودوديفَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ 17
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو هڪ ڪوڙي ڳالهه گهڙي الله ڏانهن منسوب ڪري يا الله جي سچين آيتن کي ڪوڙو ڪري، بيشڪ ڏوهاري ڪڏهن به ڇوٽڪارو لهي نٿا سگهن
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 18
اهي ماڻهو الله کي ڇڏي انهن جي ٿا پوڄا ڪن، جيڪي کين نڪي نقصان ٿا پهچائي سگهن ۽ نه ڪو نفعو ۽ چون وري ائين ٿا ته اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. اي نبي! کين چؤ ته "ڇا توهان الله کي ٿا ان ڳالهه جي خبر ڏيو جنهن کي هو نه آسمانن ۾ ٿو ڄاڻي ۽ نه زمين ۾؟" هو پاڪ آهي ۽ اعليٰ ۽ مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ 19
منڍ ۾ ته سمورا انسان هڪ ئي امت هئا پر پوءِ انهن جدا جدا عقيدا ۽ طريقا بڻائي ڇڏيا ۽ جيڪڏهن تنهنجي رب جي طرفان اڳواٽ ئي هڪڙي ڳالهه طئي ڪيل نه هجي ها ته جنهن ڳالهه ۾ هو پاڻ ۾ اختلاف ڪري رهيا آهن، ان جو فيصلو ٿي به وڃي ها
— سيد ابوالاعليٰ مودوديوَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۧ20
۽ اهو جيڪو هو چون ٿا ته هن نبيءَ تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي آهي ته چوين ته "غيب جو مالڪ ۽ مختار ته الله ئي آهي، پوءِ توهان به انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان"
— سيد ابوالاعليٰ مودودي