091 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 15 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
وَالشَّمْسِ وَضُحٰىهَا ۽ 1
سج جو قسم آهي ۽ سندس روشنيءَ جو،
— سيد فرمان عليوَالْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا ۽ 2
۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان نڪري ٿو.
— سيد فرمان عليوَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا ۽ 3
۽ ڏينهن جو جڏهن چمڪائي،
— سيد فرمان عليوَاللَّيْلِ اِذَا يَغْشٰـىهَا ۽ 4
۽ رات جو جڏهن ان کي ڍڪي ٿي.
— سيد فرمان عليوَالسَّمَاۗءِ وَمَا بَنٰىهَا ۽ 5
۽ آسمان جو ۽ جنهن ان کي بنايو اٿس تنهن جو.
— سيد فرمان عليوَالْاَرْضِ وَمَا طَحٰىهَا ۽ 6
۽ زمين جو ۽ جنهن ان کي وڇايو اٿس تنهن جو.
— سيد فرمان عليوَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰىهَا ۽ 7
۽ جان جو ۽ جنهن ان کي برابر جوڙيو اٿس.
— سيد فرمان عليفَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَتَقْوٰىهَا ۽ 8
پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجھ ڏني اٿس، ان جو (قسم آهي)،
— سيد فرمان عليقَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا ۽ 9
ته بيشڪ جنهن پنهنجي (جان) کي (گناهن کان) پاڪ رکيو سو ته ڪامياب ٿيو،
— سيد فرمان عليوَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰـىهَا ۭ10
۽ جنهن (گناھ ڪري) ان (نفس کي) دٻائي ڇڏيو سو نامراد رهيو.
— سيد فرمان عليكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ بِطَغْوٰىهَآ ۽ 11
ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشي جي ڪري ڪوڙو ڪيو،
— سيد فرمان علياِذِ انْۢبَعَثَ اَشْقٰىهَا ۽ 12
جڏهن انهن مان وڏو نامراد ٿيو،
— سيد فرمان عليفَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَسُقْيٰهَا ۭ13
پوءِ خدا جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته خدا جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه اچو.
— سيد فرمان عليفَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا ۱ فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا ۽ 14
پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان (ڏاچي) جا پير وڍي ڇڏيا، ته کين سندن پالڻهار انهن جي نافرماني ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (عذاب) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين.
— سيد فرمان عليوَلَا يَخَافُ عُقْبٰهَا ۧ15
۽ هن کي بدلي جو ته ڊپ نه آهي.
— سيد فرمان علي