090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
مون کي هن شهر (مڪي) جو قسم آهي،
— سيد فرمان عليوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
۽ تون هن شهر ۾ رهين ٿو،
— سيد فرمان عليوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
۽ تنهنجي پيءُ (آدم) ۽ ان جي اولاد جو قسم،
— سيد فرمان عليلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
ته اسان انسان کي مشقت ۾ (رهڻ وارو) ڪري پيدا ڪيو آهي.
— سيد فرمان علياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.
— سيد فرمان علييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
چوي ٿو ته: مون مال جا (ڪيئي) ڍير ضايع ڪيا آهن.
— سيد فرمان علياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي،
— سيد فرمان علياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان سندس ٻه اکيون
— سيد فرمان عليوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن، (ضرور بنايا)
— سيد فرمان عليوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ کيس (چڱي ۽ بري) ٻئي راهون (واٽون) به ڏيکاري ڇڏيون.
— سيد فرمان عليفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ مان (ڇو) لنگهي پار نه پيو؟
— سيد فرمان عليوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي؟
— سيد فرمان عليفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
ڪنهن (غلام يا قرضدار کي) ڇڏائڻو آهي،
— سيد فرمان علياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي،
— سيد فرمان علييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي،
— سيد فرمان علياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا مٽيءَ ۾ رليل مسڪين کي.
— سيد فرمان عليثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ تون انهن ماڻهن ۾ (شامل) ٿي وڃين ها جن ايمان آندو ۽ صبر جي نصيحت ۽ ترس کائڻ جي وصيت ڪندا رهن ٿا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اهي ئي شخص خوش نصيب آهن.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو آهي سي بدبخت آهن.
— سيد فرمان عليعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
جو انهن کي باھ ۾ وجهي (اها) باھ هر طرف کان بند ڪئي ويندي.
— سيد فرمان علي