1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

009 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

9:1

بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1‏۝ۭ

(اي مسلمانو!) جن مشرڪن سان اوهان ماڻهن (صلح جو) انجام اقرار ڪيو هو، هاڻي خدا ۽ سندس رسول جي طرفان انهن کان (يڪدم) بيزاري آهي.

— سيد فرمان علي

9:2

فَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2‏۝

ته (اي مشرڪو!) اوهين بس چار مهينا (ذيقعد، ذوالحج، محرم ۽ رجب) ته سک سان بغير خطري جي روءِ زمين تي سير ۽ سياحت (ڀلي) ڪريو ۽ ياد رکو ته اوهين (ڪنهن به طرح سان) خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو ۽ هي (ڳالھ) به ته خدا ڪافرن کي ضرور خوار ڪري ڇڏيندو.

— سيد فرمان علي

9:3

وَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3‏۝ۙ

۽ خدا ۽ سندس رسول جي طرفان حج اڪبر جي ڏينهن (اوهان) ماڻهن کي آگاھ ڪجي ٿو ته خدا ۽ ان جو رسول مشرڪن کان بيزار (۽ الڳ) آهي، ته (مشرڪو!)اوهان ماڻهن جيڪڏهن (هاڻي به) توبه ڪئي ته توهان جي حق ۾ سٺو آهي. پر جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ کان به) منهن موڙ ڪئي ته سمجهو، اوهين خدا کي ڪڏهين به عاجز نه ڪري سگهندو! جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ڏئي ڇڏ.

— سيد فرمان علي

9:4

اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4‏۝

پر (هاءُ) جن مشرڪن سان تو معاهدو ڪيو هو پوءِ انهن ڪڏهن به اوهان سان (ان انجام اقرار ۾) گهٽتائي نه ڪئي ۽ نه اوهان جي خلاف ڪنهن جي انهن مدد ڪئي ته هنن جي معاهدي کي جيتري مدت لاءِ مقرر ڪيل آهي پورو ڪريو. خدا پرهيزگارن کي پڪ چاهي ٿو.

— سيد فرمان علي

9:5

فَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5‏۝

پوءِ جڏهن حرمت جا (چارئي) مهينا گذري وڄن ته پوءِ مشرڪن کي جٿي لهو (بيڌڙڪ) قتل ڪريو ۽ کين گرفتار ڪريو ۽ انهن کي قيد ڪريو ۽ (سندن) هر گهات جي جاءِ تي تاڪ ۾ وهو پوءِ جيڪڏهن اهي (شرڪ کان) باز اچن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ته ۽ زڪوات ڏين ته سندن گس ڇڏي ڏيو (نه وڙهو) بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

— سيد فرمان علي

9:6

وَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6‏۝ۧ

۽ (اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو تو کان پناھ گهري ته ان کي پناھ ڏي! ايستائين جو اهو خدا جو ڪلام ٻڌي پوءِ کيس امن واري جاءِ تي پهچائي ڏي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو نادان آهن.

— سيد فرمان علي

9:7

كَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7‏۝

(جڏهن) مشرڪن (خود انجام شڪني ڪئي ته انهن) جو عهد اقرار خدا وٽ ۽ ان جي رسول وٽ ڪئين (قائم) رهي سگهي ٿو. پر جن ماڻهن سان تو ڪعبي وٽ معاهدو ڪيو هو ۽ اهي ماڻهو (به) (پنهنجو معاهدو) تو سان قائم رکن ته تون به هنن سان (پنهنجو انجام) قائم رک. بيشڪ خدا (بدعهدي کان) پرهيز ڪرڻ وارن کي پسند ٿو ڪري.

— سيد فرمان علي

9:8

كَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8‏۝ۚ

ڪئين (انهن لاءِ انجام باقي رهندو) هوڏانهن جيڪڏهن اوهان تي غالب ٿيندا ته اوهان جي حق ۾ ڪنهن مائٽيءَ ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪندا. اوهان کي پنهنجي زبان جي (لٻاڙ) سان خوش ڪن ٿا. حالانڪه سندن دليون نٿيون مڃين. ۽ انهن مان گهڻا ئي بدڪار آهن.

— سيد فرمان علي

9:9

اِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9‏۝

هنن خدا جي عوض ٿورو ملھ (دنيا جو فائدو) وٺي (ماڻهن کي) پوءِ سندس راءِ کان روڪيو، بيشڪ هنن جا عمل بڇڙا آهن.

— سيد فرمان علي

9:10

لَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ ۝10

اهي ماڻهو ڪنهين مومن جي باري ۾ نه ته مٽيءَ مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ٿا ۽ نه (ڪيل) انجام اقرار جو ۽ (جائي) اهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.

— سيد فرمان علي

9:11

فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ ۝11

ته جيڪڏهن (هاڻي به شرڪ کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اوهان جا ديني ڀائر آهن. ۽ اسين سمجھ رکندڙن لاءِ پنهنجون آيتون کولي (کولي) بيان ڪريون ٿا.

— سيد فرمان علي

9:12

وَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ ؀12

۽ جيڪڏهن پنهنجي انجام کان پوءِ (به) پنهنجا قسم ڀڃن ۽ اوهان جي دين تي عيب لڳائين ته سندن ڪافر سردارن سان جنگ ڪريو. ڇو ته انهن جي قسمن جو ڪو اعتبار ڪونهي. ته جيئن اهي (پنهنجي شرارت کان) باز اچن.

— سيد فرمان علي

9:13

اَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ؀13

(مسلمانو!) اوهين ڀلا انهن سان ڇو نٿا جنگ ڪريو جن ماڻهن پنهنجا قسم ڀڳا ۽ رسول کي (مڪي کان) ڪڍي ٻاهر ڪرڻ (دل ۾) رٿي ڇڏيو هو ۽ اوهان سان اڳ ۾ ڇيڙ ڇاڙ به انهن ئي شروع ڪئي هئي، ته ڇا اوهين سچا ايماندار آهيو ته هنن کان گهڻو وڌيڪ الله حقدار آهي ته اوهين ان کان ڊڄو.

— سيد فرمان علي

9:14

قَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۝ۙ14

انهن سان (بي خوف ٿي) وڙهو. ته خدا کين اوهان جي هٿان سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ ايمان وارن جا جگر ٺاريندو.

— سيد فرمان علي

9:15

وَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ ؀15

۽ انهن مومنن جي غصي کي، جيڪو (ڪافرن کان پهتل اٿن) لاهيندو. ۽ خدا جي مرضي جنهن جي توبه قبول ڪري. ۽ خدا وڏو واقفڪار (۽) حڪمت وارو آهي.

— سيد فرمان علي

9:16

اَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۝ۧ16

ڀلا اوهان جو اهو خيال آهي ڇا ته اوهان کي (ائين ئي) ڇڏيو ويندو؟ هوڏانهن الله اڃا انهن کي جدا نه ڪيو آهي جن اوهان مان جهاد ڪيو هجي. ۽ خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجو رازدار دوست نه ڪري ورتو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي.

— سيد فرمان علي

9:17

مَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ ؀17

مشرڪن جو اهو ڪم نه آهي جو جڏهن اهي پنهنجي ڪفر جو خود اقرار (به) ڪن ته (وري) خدا جي مسجدن کي (وڃي) آباد ڪن. اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جو ڪيو ڪرتيو (سڀ) برباد ٿي ويو ۽ اهي سدائين دوزخ ۾ ويا سڙندا.

— سيد فرمان علي

9:18

اِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ ؀18

خدا جي مسجدن کي بس فقط اهو ئي شخص (وڃي) آباد ڪري سگهي ٿو جيڪو خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ نماز پڙهي ۽ زڪوات ڏئي ۽ خدا کانسواءِ (ٻئي) ڪنهين کان نه ڊڄي. پوءِ اميد آهي ته اهي ماڻهو هدايت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي ويندا.

— سيد فرمان علي

9:19

اَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۝ۘ19

ڇا حاجين کي پاڻي رسائڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) کي آباد ڪرڻ ان شخص جي (اعمال) جهڙو ڪيو آهي! جنهن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾جهاد ڪيو. خدا وٽ ته اهي ماڻهو هڪجهڙا نه آهن. ۽ الله ظالم ماڻهن جي هدايت نه ٿو ڪري.

— سيد فرمان علي

9:20

اَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ ؀20

جن ايمان آندو ۽ (خدا جي لاءِ وطن ڇڏيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪيو، تن جو درجو خدا وٽ گهڻو وڏو آهي. ۽ اهي ئي ماڻهو (اعلى درجي تي) رسڻ وارا آهن.

— سيد فرمان علي