085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
برجن واري آسمان جو قسم آهي.
— سيد فرمان عليوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو.
— سيد فرمان عليوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
۽ شاهد جي ۽ جنهن جي شاهدي ڏني ويندي، تنهنجي
— سيد فرمان عليقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
(ته مڪي جا ڪافر برباد ٿيا) جيئن خندق وارا برباد ڪيا ويا،
— سيد فرمان عليالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
جي کاهيون باھ جون هيون.
— سيد فرمان علياِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
جنهن ۾ (انهن مسلمانن لاءِ) ٻارڻ وجهي ڇڏيو هو.
— سيد فرمان عليوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
۽ جڏهن اهي انهن (کاهين) تي ويٺل جو سلوڪ ايمان وارن سان ڪندا هئا تنهن کي سامهون ڏسي رهيا هئا.
— سيد فرمان عليوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
۽ انهن کي مومنن جي اها ڳالھ بري لڳي ته انهن ماڻهن خدا تي ايمان آندو هو جيڪو زبردست (۽) حمدجي لائق آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
اهو (خدا) جنهن جي سڀني آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهت آهي ۽ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو ۽ وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باھ جي سزا (به) آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
بيشڪ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ سخت آهي.
— سيد فرمان علياِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
اهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ٻيو ڀيرو (قيامت ۾ جيئرو) ڪندو.
— سيد فرمان عليوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
۽ اهو ئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
عرش جو مالڪ وڏي شان وارو آهي.
— سيد فرمان عليفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
جنهن جو ارادو ڪري تنهن کي پورو ڪرڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
ڇا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتي آهي؟
— سيد فرمان عليفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
يعني فرعون ۽ ثمود جي (بلڪل پهتي آهي)
— سيد فرمان عليبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
پر ڪافر ته ڪوڙي ڪرڻ جي فڪر ۾ ئي آهن.
— سيد فرمان عليوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ خدا انهن جي پٺيان (کين) گهيرو ڪندڙ آهي.
— سيد فرمان علي