008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
(اي رسول!) تو کان ماڻهو انفال (غنيمت جي مال) بابت پڇندا رهن ٿا. (کين) چئو ته انفال خاص خدا ۽ رسول جي لاءِ آهي ته (پوءِ) خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهين (سچا) ايماندار آهيو ته خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
سچا ايماندار ته فقط اهي آهن جو جڏهين (انهن جي اڳيان) خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن اڳيان سندس آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان اڃا به وڌيڪ ٿئي ٿو پڻ اهي پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکن ٿا.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
نماز کي پابنديءَ سان پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، جن لاءِ سندن پالڻهار وٽ (تمام وڏا) درجا آهن پڻ معافي ۽ عزت آبرو سان چڱي روزي آهي.
— سيد فرمان عليكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
(اهو غنيمت جي مال جو جهڳڙو ائين ئي آهي) جيئن اوهان جي پالڻهار توهان کي پوري پوري (مصلحت سان) توهان جي گهر مان (جنگ بدر ۾) ڪڍيو هو ۽ مومنن جو هڪ ٽولو (هن ڳالھ مان) ناخوش هو.
— سيد فرمان علييُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
جيڪي حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان (اجايو سجايو) سچي ڳالھ ۾ وڙهن ٿا ۽ اهڙي طرح (جهڳڙو) ڪرڻ لڳا جو ڄڻ ته (زبردستي سان کين) موت جي منهن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو.
— سيد فرمان عليوَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ ان کي (پنهنجن اکين سان) ڏسي رهيا آهن ۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن خدا اوهان سان واعدو ڪري رهيو هو ته (مڪي جي ڪافرن مان) ٻن گروهن مان هڪ اوهان لاءِ ضروري آهي. ۽ اوهان وري جي اها مرضي هئي ته توهان جي چنبي ۾ ڪمزور گروھ اچي (جيئن جنگ بدر کانسواءِ غنميت جو مال هٿ لڳي) پر خدا جي مرضي هئي ته پنهنجين ڳالهين سان حق سچ کي ثابت (قائم) ڪري ڪافرن جي پاڙ پٽي.
— سيد فرمان عليلِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
ته جيئن حق کي (سچ) ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (ڪافر) ان مان ناراض ئي ڇو نه هجن.
— سيد فرمان علياِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
(هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين پنهنجي پروردگار وٽ فرياد ڪري رهيا هئا ته هن توهان جي ٻڌي ۽ جواب ڏنو ته: آءُ اوهان جي مدد اڳ ايندڙ هڪ هزار ملائڪن سان ڪندس.
— سيد فرمان عليوَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ (غيبي مدد) خدا رڳو اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ ڪئي هئي ته ان سان اوهان دلين کي خاطري ٿئي. ۽ (ياد رکو ته) فتح رڳو خدا وٽان آهي. بيشڪ خدا زبردست ۽ حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان علياِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
هي اهو وقت هو جڏهين پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪي سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ صاف ڪري اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي.
— سيد فرمان علياِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
(اي رسول! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجو پروردگار فرشتن کي فرمائي رهيو ته آءُ پڪ اوهان سان آهيان. اوهين ايمان وارن کي ثابت قدم رکو (همٿايو). آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس. پوءِ سندن ڪنڌ ڪپيو ۽ سندن سنڌن تي ڌڪ هڻو.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
هي (سزا) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالف ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڪرڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
(ڪافرو! دنيا ۾ ته) وٺو پوءِ ان (سزا) جو مزو چکيو پر (پوءِ آخرت ۾ ته) ڪافرن لاءِ دوزخ جو عذاب ته آهي (ئي)
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي ايمان وارو! جڏهن ڪافرن سان ميدان جنگ ۾ آمهون سامهون ٿيو ته (ياد رکو!) انهن کان پٺيون نه ڦيرجو.
— سيد فرمان عليوَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ (خبردار) لڙائي جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناھ وٺندڙ کانسواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيرندو سو بيشڪ خدا جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اهو (ڪهڙو نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي.
— سيد فرمان عليفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
۽ (مسلمانو!) هنن ڪافرن کي اوهان ته ڪين قتل ڪيو پر کين خدا قتل ڪيو ۽ (اي رسول!) جڏهن تو تير ماريو ۽ جيئن ئي پنهنجي طرف کان مومنن تي چڱيءَ طرح احسان ڪري بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
هي ته اهو خدا ته ڪافرن جي مڪاريءَ کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
(ڪافرو!) جيڪڏهن توهان اهو گهرو پيا ته (جيڪو حق تي هوندو تنهن جي) فتح ٿئي ته (مسلمانن جي) فتح ته اوهان جي اڳيان اچي پهتي (هاڻي باقي ڪهڙو عذر اٿو!) ۽ جيڪڏهن (اڃا به اسلام جي مخالفت کان) باز اچو ته اوهان لاءِ سٺو آهي پر جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندو ته اسين به اهو ئي ڪم ڪنداسون (۽ اوهان کي برباد ڪري ڇڏينداسون) ۽ اوهان جي جماعت جيتوڻيڪ تمام گهڻي به هجي تڏهن به ڪجھ ڪم نه ايندي ۽ خدا ته پڪ مومنن سان آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ ان (ڳالھ) کان منهن نه موڙيو جڏهن اوهين ٻڌي رهيا آهيو.
— سيد فرمان علي