079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
انهن (فرشتن) جو قسم آهي جي (ڪافرن جا روح ٽٻي ڏئي تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا.
— سيد فرمان عليوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
۽ انهن جو قسم جي (مومنن جي جان) سولي چڪي ڪڍن ٿا،
— سيد فرمان عليوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ انهن جو قسم جي (آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) ترن ٿا،
— سيد فرمان عليفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا.
— سيد فرمان عليفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ (دنيا جا انتظام ڪن ٿا. (ته قيامت ضرور ٿيندي).
— سيد فرمان علييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
پوءِ جڏهن زمين ڌڏندي.
— سيد فرمان عليتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
پوءِ ان جي پٺيان ٻيو زلزلو ايندو.
— سيد فرمان عليقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ لڳنديون.
— سيد فرمان علياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
(ذلت کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.
— سيد فرمان علييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
چون ٿا ته اسين پهرين حالت (جئيڻ ڏي) موٽايا وينداسون.
— سيد فرمان عليءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون.
— سيد فرمان عليقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چون ٿا ته اهو موٽڻ (وري جئيرو ٿيڻ) وڏي نقصان وارو موٽڻ آهي.
— سيد فرمان عليفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
نه (مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اها (قيامت) ته رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي،
— سيد فرمان عليفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ اهي يڪدم پڌري پٽ تي (حشر جي ميدان) تي موجود هوندا.
— سيد فرمان عليهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
(اي رسول!) ڇا تو کي موسى جي ڳالھ پهتي آهي؟
— سيد فرمان علياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن کيس سندن پالڻهار “طوى” جي مقدس ميدان ۾ سڏيو.
— سيد فرمان علياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته فرعون ڏي وڃ! ڇو ته اهو حد کان لنگهي ويو آهي.
— سيد فرمان عليفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
۽ (ان کي) چئو ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته ڪفر کان پاڪ ٿئين!
— سيد فرمان عليوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ آءُ تو کي تنهنجي پالڻهار جي راھ ڏسيان ته تون ان کان ڊڄين،
— سيد فرمان عليفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
نيٺ موسى کيس (عصا جو) وڏو معجزو ڏيکاريو.
— سيد فرمان علي