078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڪهڙي شيءِ جو حال پڇن ٿا.
— سيد فرمان عليعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
هڪ وڏي خبر جو حال
— سيد فرمان عليالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن (جي باري) ۾ اهي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن.
— سيد فرمان عليكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
خبردار کين جلد ئي خبر پوندي.
— سيد فرمان عليثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
وري خبردار ٿين اجهو اهي ضرور ڄاڻي وٺندا.
— سيد فرمان علياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسين زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي؟
— سيد فرمان عليوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون نه ڪيون آهن؟
— سيد فرمان عليوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اوهان جي ننڊ کي آرام (جو سبب) مقرر ڪيو آهي،
— سيد فرمان عليوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ ڏينهن کي گذران (جو وقت) ڪيو آهي،
— سيد فرمان عليوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا،
— سيد فرمان عليوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ اسان ئي (سج کي) روشن چراغ بنايو
— سيد فرمان عليوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ئي ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي وسايو آهي،
— سيد فرمان عليلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته ان سان داڻا ۽ گاھ پيدا ڪريون،
— سيد فرمان عليوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا گهاٽا باغ.
— سيد فرمان علياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جو ڏينهن مقرر (ٿيل) آهي،
— سيد فرمان علييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندو،
— سيد فرمان عليوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان کوليو ويندو، جنهن ۾ دروازا ٿي پوندا.
— سيد فرمان عليوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رڃ جهڙا ٿي پوندا،
— سيد فرمان علي