073 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ 1ۙ
اي (منهنجا) چادر پائڻ وارا (رسول)
— سيد فرمان عليقُمِ الَّيْلَ اِلَّا قَلِيْلًا 2ۙ
رات جو (نماز لاءِ) اٿي کڙو ٿي پر (ساري رات نه) ٿوري رات
— سيد فرمان علينِّصْفَهٗ ٓ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِيْلًا 3ۙ
اڌ ٿئي يا ان کان به ڪجھ گهٽ ڪري ڇڏ!
— سيد فرمان علياَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا 4ۭ
يا ان کان ڪجھ وڌائي! پڻ قرآن کي باقاعدي جهلي جهلي پڙهندو رھ!
— سيد فرمان علياِنَّا سَنُلْقِيْ عَلَيْكَ قَوْلًا ثَـقِيْلًا 5
اسين جلد ئي تو تي هڪ ڳرو حڪم نازل ڪنداسون.
— سيد فرمان علياِنَّ نَاشِئَةَ الَّيْلِ هِيَ اَشَدُّ وَطْـاً وَّاَقْوَمُ قِيْلًا 6ۭ
بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت آهي ۽ تمام دلجاءِ سان ذڪر (عبادت) جو وقت آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ لَكَ فِي النَّهَارِ سَبْحًا طَوِيْلًا 7ۭ
بيشڪ تو کي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي.
— سيد فرمان عليوَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ اِلَيْهِ تَبْتِيْلًا 8ۭ
ته پوءِ پنهنجي پالڻهار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ.
— سيد فرمان عليرَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيْلًا 9
(اهو ئي) اوڀر ۽ اولھ جو مالڪ (مختار) آهي ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ تون ان کي پنهنجو ڪارساز بنائي.
— سيد فرمان عليوَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيْلًا 10
۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر! ۽ کين چڱي نموني ڇڏي ڏي.
— سيد فرمان عليوَذَرْنِيْ وَالْمُكَذِّبِيْنَ اُولِي النَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيْلًا 11
۽ مون کي، انهن ڪوڙي ڪندڙن سان جي آسودا آهن سمجهڻ ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي.
— سيد فرمان علياِنَّ لَدَيْنَآ اَنْكَالًا وَّجَحِــيْمًا ۙ12
بيشڪ اسان وٽ هٿڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي.
— سيد فرمان عليوَّطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّعَذَابًا اَلِـــيْمًا ۤ13
۽ نڙي ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب (به)
— سيد فرمان علييَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ وَكَانَتِ الْجِبَالُ كَثِيْبًا مَّهِيْلًا 14
جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌڏندا ۽ جبل هاريل واري جي دڙي جهڙا ٿي پوندا.
— سيد فرمان علياِنَّآ اَرْسَلْنَآ اِلَيْكُمْ رَسُوْلًا ڏ شَاهِدًا عَلَيْكُمْ كَـمَآ اَرْسَلْنَآ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًا ۭ15
(اي مڪي وارو!) اسان اوهان ڏي (اهڙي طرح) هڪ رسول (محمد) کي موڪليو آهي جيڪو اوهان جي معاملي بابت شاهدي ڏئي. جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسى کي) موڪليو هو.
— سيد فرمان عليفَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِيْلًا 16
پوءِ فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي ته اسان (ان جي) سزا ۾ کيس سخت پڪڙ ڪئي.
— سيد فرمان عليفَكَيْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِيْبَا ڰ 17
پوءِ جيڪڏهن اوهين به نه مڃيندو ته ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪئين بچي سگهندو، جيڪو ڇوڪرن کي پوڙهو ڪري ڇڏيندو.
— سيد فرمان عليۨالسَّمَاۗءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ ۭ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا 18
آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو. (اهو) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ ۚ فَـمَنْ شَاۗءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِيْلًا ۧ19
بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري سو پنهنجي پالڻهار جي راھ اختيار ڪري.
— سيد فرمان علياِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُـثَيِ الَّيْلِ وَنِصْفَهٗ وَثُلُثَهٗ وَطَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِيْنَ مَعَكَ ۭ وَاللّٰهُ يُقَدِّرُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۭ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ ۭ عَلِمَ اَنْ سَيَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى ۙ وَاٰخَرُوْنَ يَضْرِبُوْنَ فِي الْاَرْضِ يَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ ۙ وَاٰخَرُوْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ڮ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۙ وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا ۭ وَمَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَيْرًا وَّاَعْظَمَ اَجْرًا ۭ وَاسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
(اي رسول!) بيشڪ تنهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو ته تون ۽ تنهنجا ڪي تو سان گڏ رهڻ وارا ماڻهو (ڪڏهن) رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽئين پتي (پوئين پهر نماز ۾) بيهو ٿا ۽ خدا ئي رات ۽ ڏينهن جو چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهي ٿو. ان کي خبر آهي ته اوهين ماڻهون ان تي چڱي طرح حاوي ٿي نه ٿا سگهو ته ان اوهان تي مهرباني ڪئي پوءِ جيترو سولو ٿي سگهيو اوترو (نماز ۾) قرآن پڙهندا رهندا ڪريو، اهو (خدا) ڄاڻي ٿو ته جلد ئي اوهان مان ڪي بيمار ٿي پوندا ۽ ڪي خدا جي فضل (روزگار) جي تلاش ۾ روءِ زمين تي سفر اختيار ڪندا ۽ ڪجھ ماڻهو خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ته جيترو اوهان کي سولو لڳي اوترو پڙهندا رهو، پڻ نماز پابندي سان پڙهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا کي قرض حنسه ڏيو ۽ جيڪو نيڪ عمل پنهنجي لاءِ (خدا جي اڳيان) پيش ڪندو تنهن کي خدا وٽ بهتر ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندو. ۽ خدا کان معافيءَ جي دعا گهرو بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علي