072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
(اي رسول ماڻهن کي) ٻڌائي ته مون وٽ وحي آيو آهي ته جنن جي هڪ جماعت (قرآن کي) ڪن ڏئي ٻڌو ته چوڻ لڳا: اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
— سيد فرمان علييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو ڀلائي جي راھ ڏيکاري ٿو ۽ اسان ان تي ايمان آندو ۽ هاڻي ته اسين ڪنهن کي پنهنجي پالڻهار جو شريڪ نه بڻائينداسون.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ هي ته اسان جي پالڻهار جو تمام وڏو شان آهي. ان نه ته ڪنهن کي زال بڻايو ۽ نه پٽ (يا ڌيءُ).
— سيد فرمان عليوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽هي ته اسان مان بيوقوف، خدا جي باري ۾ حد کان وڌيڪ بيهوديون ڳالهيون بڪيندا هئا.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ هي ته اسان جو خيال هو ته آدمي يا جن خدا جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ ڪري ئي نٿا سگهن.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
پڻ هي ته آدمين مان ڪجھ ماڻهو جنن مان ڪن (جنن) جي پناھ وٺندا آهن ته ان کان سندن سرڪشي اڃان به وڌي وئي.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ هي ته جيئن اوهان (جنن) جو گمان آهي تئين (ماڻهن جو به) هو ته خدا ڪنهن کي به ٻيهر نه جياريندو.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اسان آسمان کي جاچيو ۽ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن ئي) رستن تي (غيب) ٻڌڻ لاءِ وهندا هئاسون پر هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ هي ته اسين نه ٿا سمجهون ته زمين وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ هي ته اسان مان ڪي چڱا (جن) آهن ته ڪي اسان مان ٻيءَ طرح جا آهن ڇو ته اسين (به) جدا جدا طريقن تي آهيون.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي عاجز ڪري سگهنداسون.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ اسان جڏهن سڌي راھ تي هلڻ جي ڳالھ ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ هي ته اسان مان ڪجھ فرمانبردار آهن ۽ ڪي اسان مان نافرمان آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو.
— سيد فرمان عليوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ نافرمان دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا.
— سيد فرمان عليوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ (اي رسول! چوين) ته جيڪڏهن اهي ماڻهو سڌي راھ تي هلن ها ته اسين ضرور کين گهڻي پاڻيءَ سان سيراب ڪريون ها.
— سيد فرمان عليلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته جيئن ان سان سندن آزمائش ڪريون ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي ياد کان منهن موڙيندو ته کيس سخت عذاب ۾ ڌڪي ڇڏيندو.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ هي ته مسجدون خاص خدا جون ئي آهن پوءِ اوهين خدا سان ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪجو.
— سيد فرمان عليوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ هي ته جڏهن خدا جو عبد (محمد) سندس عبادت لاءِ بيهي ٿو ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪرن ٿا.
— سيد فرمان عليقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
(اي رسول! کين) چئو ته آءُ ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ان جو ڪنهين کي شريڪ نه ٿو ڪريان.
— سيد فرمان علي