007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
الۗمّۗصۗ 1ۚ
المص
— سيد فرمان عليكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(اي رسول!) هي خدا جو ڪتاب (قرآن) تو تي هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته جيئن ان جي وسيلي (ماڻهن کي خدا جي عذاب کان ڊيچارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت جو سبب ٿئي ته پوءِ هن سبب جي ڪري تنهنجي دل ۾ تنگي پيدا نه ٿئي.
— سيد فرمان علياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
(اي انسانو!توهان جي پالڻهار جي طرفان جيڪي اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروري ڪريو ۽ انکانسواءِ ٻين (فرضي) سرپرستن (معبودن جي پيروي نه ڪريو. اوهين ماڻهو ته تمام ٿوري نصيحت قبول ڪريو ٿا.
— سيد فرمان عليوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
(اوهان کي خبر نه آهي جو) اهڙيون ڪيئي بستيون (شهر) آهن جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ته اسان جو عذاب (کين اهڙي مهل) اچي پهتو جو اهي ماڻهو يا ته (رات جو) گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا، يا وري ڏينهن جو اهي (ٻن پهرن جي) قيلوله (لوٽ پوٽ) ڪري رهيا هئا.
— سيد فرمان عليفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
(پوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو بيشڪ اسين ظالم هئاسون.
— سيد فرمان عليفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ اسين ته ضرور (هر ڳالھ جو) انهن ماڻهن کان پڇنداسون ۽ خود پيغمبرن کان به ضرور پڇنداسون.
— سيد فرمان عليفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ اسين انهن کان پوري پوري حقيقت حال پڇنداسون ۽ اسين غائب ته نه هياسين.
— سيد فرمان عليوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
ان ڏينهن (اعمال جو) تورڻ بلڪل سچ آهي. پوءِ جن جي (نيڪ اعمال جا) پڙ ڳرا ٿيندا سي ئي ڪامياب ٿيندا.
— سيد فرمان عليوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
پر جن جي (نيڪ اعمالن جا) پڙ هلڪا ٿيندا ته انهن ماڻهن اسان جي آيتن جي نافرماني ڪرڻ جي سبب پاڻ ئي پاڻ کي نقصان پهچايو.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ (بني آدم اسان ته يقينن اوهان کي زمين ۾ قدرت ۽ اقتداري ڏنو ۽ انهن ۾ اوهان جي لاءِ زندگي جي گذران جو سامان پيدا ڪيو (پر تڏهن به) اوهين تمام گهٽ قدر ڪريو ٿا.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته اسان، اوهان (جي پيءُ آدم) کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته (اوهان) سڀئي جهڪيا. پر ابليس جيڪو سجدي ڪرڻ وارن ۾ (شامل) نه ٿيو.
— سيد فرمان عليقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
خدا (ابليس کي) فرمايو: جڏهن مون (خود) تو کي حڪم ڏنو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو؟ چوڻ لڳو ته آءُ هن کان افضل آهيان. ڇو ته تو مون کي باھ (جهڙي لطيف عنصر) مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽي (جهڙي ڪثيف عنصر) مان پيدا ڪيو.
— سيد فرمان عليقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
خدا فرمايو (تو کي اها ئي وڏائي آهي) ته (بهشت مان) هيٺ لهي وڃ ڇو ته تو کي اها مجال نه آهي جو هتي رهي ڪري وڏائي ڪرين، تون هتان (ٻاهر) نڪر! بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين.
— سيد فرمان عليقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
چوڻ لڳو ته (چڱو پر) مون کي ان ڏينهن تائي (موت کان) مهلت ڏي جنهن ڏينهن سموري خدائي جا ماڻهو (ٻيو دفعو جياري) اٿاريا ويندا.
— سيد فرمان عليقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
فرمايو ويو (چڱو منظور) تو کي بيشڪ مهلت ڏني ويندي
— سيد فرمان عليقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چوڻ لڳو ته تو منهنجو رستو روڪيو ته آءُ به تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن کي (گمراھ ڪرڻ لاءِ کين) تڪي ويهي رهندس.
— سيد فرمان عليثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن ساڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان (مطلب ته انهن جي چوڌاري) مٿن اچي ڪرندس (۽ کين برغلائيندس) ۽ تون انهن مان گهڻن ئي ماڻهن کي شڪر گذار نه ڏسندين.
— سيد فرمان عليقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
خدا فرمايو ته تون هتان تڙيل (۽) ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ! جيڪو به انهن (ماڻهن) مان تنهنجو چوڻ مڃيندو ته آءُ بيشڪ تو کي (انهن) سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.
— سيد فرمان عليوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ (آدم کي چيو ويو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي عورت (ٻئي) بهشت ۾ رهو ۽ جتان وڻيو تتان کائو (پيئو) پر ياد رهي ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو! نه ته پاڻهين پنهنجو نقصان ڪندو.
— سيد فرمان عليفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان انهن ٻنهن کي وسوسو وڌو ته جيئن (نافرماني جي ڪري) سندن اگهاڙ جا انهن (جي نظر سان بهشتي پوشاڪ سبب) لڪيل هئي سان مٿن ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهن کي هن وڻ (ڦر کائڻ) کان هن ڪري منع ڪئي آهي ته (متان) اوهين ٻئي فرشتا بڻجي وڃو يا هميشه (جيئرا) رهو.
— سيد فرمان علي