069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
سچ پچ هئڻ واري (قيامت).
— سيد فرمان عليمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.
— سيد فرمان عليوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.
— سيد فرمان عليكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
(اها ئي) وڏي مصيبت واري جنهن کي عاد ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڪيو.
— سيد فرمان عليفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ثمود (جي قوم) کي سخت چيخ سان هلاڪ ڪيو ويو.
— سيد فرمان عليوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ عاد (جي قوم) کي تيز هوائن سان هلاڪ ڪيو ويو.
— سيد فرمان عليسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جنهن کي خدا مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ هلايو ته تون ماڻهن کي اهڙي طرح ڊٺل (۽ مئل) ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن.
— سيد فرمان عليفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟
— سيد فرمان عليوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ جي ماڻهون انهن کان اڳ هئا ۽ اهي ماڻهو (قوم لوط) جي اڇلايل ڳوٺن وارن (کي جي) سڀئي گنهگارن هئا.
— سيد فرمان عليفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ انهن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي رسول جي نافرماني ڪئي ته خدا به مٿن سخت پڪڙ (نازل) ڪئي.
— سيد فرمان علياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
جڏهن پاڻي حد کان مٿي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.
— سيد فرمان عليلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
هن لاءِ ته اسين ان کي اوهان جي لاءِ يادگار بڻايون ۽ ان کي ياد رکڻ وارا ڪن لائي (ٻڌي) ياد رکن.
— سيد فرمان عليفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.
— سيد فرمان عليوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ڀيري ريزه ريزه ڪيو ويندو.
— سيد فرمان عليفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
ته ان ڏينهن قيامت اچي ئي ويندي.
— سيد فرمان عليوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن بروبر ٿي پيو هوندو.
— سيد فرمان عليوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ فرشتا ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ تنهنجي پروردگار جي عرش کي ان ڏينهن اٺ فرشتا کڻندا.
— سيد فرمان علييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن اوهان سڀني کي (خدا جي سامهون) پيش ڪيو ويندو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالھ لڪي نه رهندي.
— سيد فرمان عليفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان ماڻهن کي) چوندو ته وٺو منهنجو اعمال نامو پڙهو.
— سيد فرمان علياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مون کي پڪ هئي ته مون کي ضرور منهنجو حساب (ڪتاب) ملندو (سو مليو).
— سيد فرمان علي