068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
ن ۽ قلم جو ۽ ان شيءِ جو جيڪو لکي ٿو. (تنهن جو) قسم آهي.
— سيد فرمان عليمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
ته تون پنهنجي پروردگار جي فضل ۽ ڪرم سان چريو نه آهين.
— سيد فرمان عليوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
پڻ تنهنجي لاءِ پڪ اهو اجر آهي جيڪو ڪڏهين به نه کٽندو.
— سيد فرمان عليوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ بيشڪ تنهنجا اخلاق (تمام وڏي درجي جا) آهن.
— سيد فرمان عليفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
ته جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي ڪافر به ڏسندا.
— سيد فرمان عليبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته اوهان ۾ چريو ڪير آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي جي سندس راھ کان ٿڙيل آهن ۽ هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
ته تون ڪوڙ ڪندڙن جو چيو نه مڃج!
— سيد فرمان عليوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
اهي هي چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي اختيار ڪرين ته اهي به ڍرا ٿي وڃن.
— سيد فرمان عليوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ تون (ڪڏهن) اهڙي جي چوڻ ۾ نه اچج جيڪو گهڻو قسم کڻي.
— سيد فرمان عليهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
ذليل (خوار) طعنا هڻندڙ وڏو چغل خور
— سيد فرمان عليمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
مال ۾ وڏو بخيل، حد کان لنگهندڙ، گنهگار،
— سيد فرمان عليعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
بڇڙي طبيعت وارو ۽ ان کان سواءِ بد اصل (حرامي) هجي.
— سيد فرمان علياَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
هن ڪري جو اهو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي.
— سيد فرمان علياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.
— سيد فرمان عليسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
سگهو ئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون.
— سيد فرمان علياِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
جهڙي طرح اسان هڪ باغ وارن جو امتحان ورتو هو اهڙيءَ طرح انهيءَ جو امتحان ورتو سو جڏهن انهن قسم کڻي چيو هو ته صبح ٿيندي ئي اسين ان جو ميوو ضرور پٽي اينداسون.
— سيد فرمان عليوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ انشاءَ الله نه چيو هئائون.
— سيد فرمان عليفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستائي رهيا (پيا هئا).
— سيد فرمان عليفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
ته اهو (سڄو باغ ٻري) اهڙو ٿي ويو جهڙي تمام ڪاري رات.
— سيد فرمان علي