066 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَآ اَحَلَّ اللّٰهُ لَكَ ۚ تَبْتَغِيْ مَرْضَاتَ اَزْوَاجِكَ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 1
اي رسول! جنهن شيءَ کي خدا تنهنجي لاءِ حلال ڪيو آهي تنهن کان تون پنهنجي زالن جي رضامنديءَ لاءِ ڇو ڪنارو ڪرين ٿو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.
— سيد فرمان عليقَدْ فَرَضَ اللّٰهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ اَيْمَانِكُمْ ۚ وَاللّٰهُ مَوْلٰىكُمْ ۚ وَهُوَ الْعَلِيْمُ الْحَكِيْمُ 2
خدا اوهان ماڻهن لاءِ قسمن کي ڀڃڻ جو ڪفارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله ئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذْ اَسَرَّ النَّبِيُّ اِلٰى بَعْضِ اَزْوَاجِهٖ حَدِيْثًا ۚ فَلَمَّا نَبَّاَتْ بِهٖ وَاَظْهَرَهُ اللّٰهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهٗ وَاَعْرَضَ عَنْۢ بَعْضٍ ۚ فَلَمَّا نَبَّاَهَا بِهٖ قَالَتْ مَنْ اَنْۢبَاَكَ هٰذَا ۭ قَالَ نَبَّاَنِيَ الْعَلِيْمُ الْخَبِيْرُ 3
۽ جڏهن پيغمبر پنهنجي زالن (حفصه) کي ڪا ڳجهيءَ ڳالھ چئي پوءِ جڏهن ان (منع ڪرڻ هوندي به) ان ڳالھ جي (عائشه سان) خبر ڪئي ۽ خدا ان ڳالھ کي رسول تي ظاهر ڪيو ته رسول (عائشه) کي ڪجھ ڳالھ (ماريه جي) ٻڌائي ۽ ڪجھ ڳالھ (ماکيءَ جي) ٽاري ڇڏي. مطلب ته جڏهن رسول ان واقعي (حفصه جي ڳالھ کولڻ) جي ان (عائشه) کي خبر ڏني ته (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳي: اوهان کي ان ڳالھ (راز کولڻ) جي ڪنهن خبر ڪئي؟ رسول چيو مون کي سڀ ڄاڻڻ واري سڀ خبر رکڻ واري (خدا) ٻڌائي آهي.
— سيد فرمان علياِنْ تَتُوْبَآ اِلَى اللّٰهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوْبُكُمَا ۚ وَاِنْ تَظٰهَرَا عَلَيْهِ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَجِبْرِيْلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِيْنَ ۚ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ بَعْدَ ذٰلِكَ ظَهِيْرٌ 4
(ته اي حفصه ۽ عائشه) جيڪڏهن اوهين ٻئي (اهڙي حرڪت کان) توبه ڪريو ته (خير) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته (ڪجھ پرواھ نه آهي ڇو ته) خدا، جبرئيل ۽ سڀني ايماندارن مان نيڪ شخص ان جا مددگار آهن ۽ انهن کان سواءِ سڀ فرشتا (سندس) مددگار آهن.
— سيد فرمان عليعَسٰى رَبُّهٗ ٓ اِنْ طَلَّقَكُنَّ اَنْ يُّبْدِلَهٗ ٓ اَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنْكُنَّ مُسْلِمٰتٍ مُّؤْمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰۗىِٕبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰۗىِٕحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَّاَبْكَارًا 5
جيڪڏهن رسول اوهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلدي ئي سندس پروردگار اوهان جي بدلي کيس اوهان کان چڱيون زالون عطا ڪندو جيڪي فرمانبردار، ايماندار، (خدا ۽ رسول جون) تابعدار (گناهن کان) توبه ڪرڻ واريون عبادت گزار، روزي رکڻ واريون رنڙ ۽ ڪنواريون هوندوين.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَاَهْلِيْكُمْ نَارًا وَّقُوْدُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلٰۗىِٕكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُوْنَ اللّٰهَ مَآ اَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُوْنَ مَا يُؤْمَرُوْنَ 6
اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن ان تي سخت طبيعت (۽) سخت مزاج ملائڪه (مقرر) آهن جنهن ڳالھ جو خدا کين حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن ۽ جو حڪم کين ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَعْتَذِرُوا الْيَوْمَ ۭ اِنَّـمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 7ۧ
(جڏهن ڪافر دوزخ جي سامهون ايندا ته کين چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين (ڪرتوت) ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا تُوْبُوْٓا اِلَى اللّٰهِ تَوْبَةً نَّصُوْحًا ۭ عَسٰى رَبُّكُمْ اَنْ يُّكَفِّرَ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَيُدْخِلَكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ يَوْمَ لَا يُخْزِي اللّٰهُ النَّبِيَّ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ ۚ نُوْرُهُمْ يَسْعٰى بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اَتْمِمْ لَنَا نُوْرَنَا وَاغْفِرْ لَنَا ۚ اِنَّكَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 8
اي ايمان وارو! اوهين خدا وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن. ان ڏينهن جڏهن خدا، رسول کي ۽ انهن کي جن ساڻس ايمان آندو آهي خوار نه ڪندو (بلڪ) انهن جو نور سندن اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي (روشني ڪندو) پيو ڊوڙندو هلندو ۽ اهي ماڻهو هيءَ پيا دعا گهرندا ته خداوندا! اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجھ ڪري سگهين ٿو.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۭ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 9
اي رسول! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ واري جاءِ بڇڙي آهي.
— سيد فرمان عليضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوا امْرَاَتَ نُوْحٍ وَّامْرَاَتَ لُوْطٍ ۭ كَانَتَا تَـحْتَ عَبْدَيْنِ مِنْ عِبَادِنَا صَالِحَيْنِ فَخَانَتٰهُمَا فَلَمْ يُغْنِيَا عَنْهُمَا مِنَ اللّٰهِ شَيْــــًٔا وَّقِيْلَ ادْخُلَا النَّارَ مَعَ الدّٰخِلِيْنَ 10
خدا ڪافرن لاءِ نوح جي زال (واعله) ۽ لوط جي زال (واهله) جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي عبدن مان ٻن چڱن عبدن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي ته اهي ٻئي (پيغمبر) خدا جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجھ به ڪم نه آيا ۽ (کين) چيو ويندو ته اوهين ٻئي زالون (دوزخ جي) باھ ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو.
— سيد فرمان عليوَضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوا امْرَاَتَ فِرْعَوْنَ ۘ اِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِيْ عِنْدَكَ بَيْتًا فِي الْـجَنَّةِ وَنَجِّــنِيْ مِنْ فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهٖ وَنَجِّــنِيْ مِنَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِيْنَ ۙ11
۽ خدا ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال (آسيه) جو مثال بيان ڪيو آهي ته جڏهن ان دعا گهري: پروردگار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ هڪ گهر بنائي! ۽ مون کي فرعون ۽ سندن ڪرتوتن کان پناھ ڏي ۽ مون کي ظالم ماڻهن (جي هٿن) کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.
— سيد فرمان عليوَمَرْيَـمَ ابْنَتَ عِمْرٰنَ الَّتِيْٓ اَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيْهِ مِنْ رُّوْحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمٰتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهٖ وَكَانَتْ مِنَ الْقٰنِتِيْنَ ۧ12
۽ (ٻيو مثال هي ته) عمران جي ڌيءَ مريم جنهن پنهنجي شرمگاھ کي (مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو ڪري مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي.
— سيد فرمان علي