062 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يُسَـبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ الْمَلِكِ الْقُدُّوْسِ الْعَزِيْزِ الْحَكِـيْمِ 1
جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاھ پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِهٖ وَيُزَكِّيْهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَةَ ۤ وَاِنْ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ 2ۙ
هو اهو آهي جنهن مڪي وارن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا.
— سيد فرمان عليوَّاٰخَرِيْنَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوْا بِهِمْ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
۽ انهن مان ٻين لاءِ به (کيس موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين انهن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ فَضْلُ اللّٰهِ يُؤْتِيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيْمِ 4
اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي. ۽ الله ئي ته وڏو صاحب فضل آهي.
— سيد فرمان عليمَثَلُ الَّذِيْنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىةَ ثُـمَّ لَمْ يَحْمِلُوْهَا كَمَثَلِ الْحِمَارِ يَحْمِلُ اَسْفَارًا ۭ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِيْنَ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 5
جن ماڻهن (جي مٿن) تي تورات لڏايو ويو پوءِ انهن ان (جي بار) کي نه کنيو انهن جو مثال گڏھ وانگر آهي جنهن تي (وڏا) ڪتاب لڏايل هجن. جن ماڻهن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.
— سيد فرمان عليقُلْ يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ هَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ اَوْلِيَاۗءُ لِلّٰهِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 6
(اي رسول! تون) چوين: اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعوى ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين ئي خدا جا دوست آهيو ته (پوءِ ڀلا) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعوى ۾) سچا آهيو.
— سيد فرمان عليوَلَا يَتَمَنَّوْنَهٗ ٓ اَبَدًۢا بِـمَا قَدَّمَتْ اَيْدِيْهِمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِالظّٰلِمِيْنَ 7
هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪرتوتن جي ڪري جن کي اڳي ئي ڪري چڪا آهن ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِيْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِيْكُمْ ثُـمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8ۧ
(اي رسول! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان وٽ پهچڻ واري آهي. پوءِ ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 9
اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز (جمعه) لاءِ بانگ ڏني وڃي ته خدا جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.
— سيد فرمان عليفَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوةُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ وَاذْكُرُوا اللّٰهَ كَثِيْرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ 10
پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ خدا جي فضل سان (پنهنجي روزيءَ) جي تلاش ڪريو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندا رهو من اوهين ڪامياب ٿيو.
— سيد فرمان عليوَاِذَا رَاَوْا تِجَارَةً اَوْ لَهْوَا ۨانْفَضُّوْٓا اِلَيْهَا وَتَرَكُوْكَ قَاۗىِٕمًا ۭ قُلْ مَا عِنْدَ اللّٰهِ خَيْرٌ مِّنَ اللَّهْوِ وَمِنَ التِّجَارَةِ ۭ وَاللّٰهُ خَيْرُ الرّٰزِقِيْنَ ۧ11
(اي رسول) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٿڙي پکڙجي وڃن ٿا ۽ تو کي بيٺل ڇڏي ٿا وڃن (اي رسول کين) چئو ته جو خدا وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ خدا سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.
— سيد فرمان علي