061 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 14 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جي شيون آسمانن ۾ آهن ۽ جي شيون زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 2
اي ايمان وارو! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو جي نه ٿا ڪريو.
— سيد فرمان عليكَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 3
جيڪي اوهين نه ٿا ڪريو سا ڳالھ چوڻ خدا وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالھ آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الَّذِيْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ بُنْيَانٌ مَّرْصُوْصٌ 4
خدا ته انهن سان الفت رکي ٿو جيڪي سندس راھ ۾ صفون ٻڌي اهڙي طرح وڙهن ٿا جو ڄڻ ته اهي شيءِ هي پلٽيل ڀت آهن.
— سيد فرمان عليوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِيْ وَقَدْ تَّعْلَمُوْنَ اَنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ ۭ فَلَمَّا زَاغُوْٓا اَزَاغَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 5
۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکايو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف خدا جو موڪليل (پيغمبر) آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته خدا به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.
— سيد فرمان عليوَاِذْ قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ يٰبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُهٗ ٓ اَحْمَدُ ۭ فَلَمَّا جَاۗءَهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ قَالُوْا هٰذَا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 6
۽ (ياد ڪريو) جڏهن مريم جي پٽ عيسى چيو هو ته: اي بني اسرائيلو! آءُ اوهان ڏي خدا جو موڪليل (رسول) آهيان ۽ جو ڪتاب توريت منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو ٿو چوان ۽ هڪ پيغمبر جنهن جو نالو احمد هوندو (۽ اهو) مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي تنهن جي خوش خبري ٻڌايان ٿو. ته جڏهن اهو (پيغمبر احمد) وٽن پڌرا معجزا وٺي آيو ته چوڻ لڳا، هي ته کليل جادو آهي.
— سيد فرمان عليوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعٰٓى اِلَى الْاِسْلَامِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 7ۚ
۽ جنهن کي اسلام ڏي سڏيو وڃي (۽) اهو (مڃڻ جي بدلي) خدا تي ڪوڙ (بدوڙ) جوڙي تنهن کان وڌيڪ ڪير ظالم هوندو ۽ خدا ظالمن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.
— سيد فرمان علييُرِيْدُوْنَ لِيُطْفِــــُٔـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ ۭ وَاللّٰهُ مُتِمُّ نُوْرِهٖ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 8
اهي ماڻهو پنهنجي واتن سان (ڦوڪ ڏئي) خدا جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا. هوڏانهن خدا پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي اها ڳالھ بڇڙي لڳي.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ 9ۧ
هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰي تِجَارَةٍ تُنْجِيْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِيْمٍ 10
اي ايمان وارو! ڇا آءُ اوهان کي اهڙي سوداگري جي خبر ڏيان جا اوهان کي (قيامت جي) دردناڪ عذاب کان بچائي؟
— سيد فرمان عليتُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُجَاهِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ۙ11
(ته) خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جهاد ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.
— سيد فرمان علييَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فِيْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۙ12
(ائين ڪندو ته خدا) اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ رهائيندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ (تمام) سٺين جاين ۾ به جي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان عليوَّاُخْرٰى تُحِبُّوْنَهَا ۭ نَصْرٌ مِّنَ اللّٰهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ ۭ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِيْنَ 13
۽ هڪڙي ٻي به ڳالھ (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) خدا جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي ۽ (اي رسول) ايمان وارن کي (اها) خوش خبري ٻڌاءِ.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْٓا اَنْصَارَ اللّٰهِ كَـمَا قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ لِلْحَوَارِيّٖنَ مَنْ اَنْصَارِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ قَالَ الْحَــوَارِيُّوْنَ نَـحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ فَاٰمَنَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ وَكَفَرَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ ۚ فَاَيَّدْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا عَلٰي عَدُوِّهِمْ فَاَصْبَحُوْا ظٰهِرِيْنَ ۧ14
اي ايمان وارو! خدا جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسى (پنهنجن) حوارين کي چيو هو ته (ڀلا) خدا ڏي (سڏڻ ۾) منهنجا مددگار ڪير آهن؟ ته حواري چوڻ لڳا ته اسين خدا جا انصار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت (مٿس) ايمان آندو ۽ هڪ ٽولو ڪافر رهيو. پوءِ جن ايمان آندو اسان تن کي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب رهيا.
— سيد فرمان علي