060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين منهنجي راھ ۾ جهاد ڪرڻ ۽ منهنجي رضامنديءَ جي اميد ۾ (گهر کان) نڪتا آهيو ته منهنجي ۽ پنهنجن دشمنن کي دوست نه بنايو. اوهين ته انهن ڏي دوستيءَ جو نياپو موڪليو ٿا ۽ جو (دين) حق اوهان ڏي آيو آهي تنهن کان اهي ماڻهو انڪار ڪن ٿا. اهي ماڻهو رسول کي ۽ اوهان کي ان ڳالھ تي (ته گهر کان) ڪڍن ٿا جو اوهان پنهنجي پروردگار خدا تي ايمان آندو آهي (۽) اوهين آهيو جو انهن ڏي لڪي لڪي دوستي جا پيغام ڪريو ٿا هوڏانهن جو ڪجھ به لڪي يا ظاهر ڪريو ٿا آءُ تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان ۽ اوهان مان جو شخص ائين ڪندو سو سڌي راھ کان پڪ ٿڙي ويو.
— سيد فرمان علياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندو ته اهي اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ ايذاءُ لاءِ اوهان ڏي پنهنجا هٿ به ڊگها ڪندا ۽ زبانون به ۽ اها خواهش اٿن ته اوهين ڪافر ٿيو.
— سيد فرمان عليلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
قيامت جي ڏينهن نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا خدا توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي.
— سيد فرمان عليقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
(مسلمانو!) اوهان لاءِ ته ابراهيم ۽ ان جي ساٿين جي (هلت چلت) جو سٺو نمونو (موجود) آهي جو جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اسين اوهان کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اوهين خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا بيزار آهيون. اسين اوهان جي (دين جا) منڪر آهيون ۽ جيستائين اوهين اڪيلي خدا تي ايمان نه آڻيندو. (تيستائين) اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پڌري دشمني ۽ بغض قائم ٿي ويو. پر (هاءُ) ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ کي (البت) هي چيو هو ته آءُ تنهنجي معافي لاءِ دعا ضرور گهرندس ۽ خدا جي اڳيان ته آءُ تنهنجي لاءِ ڪو به اختيار نه ٿو رکان. اي اسان جا پالڻهار (خدا) اسان تو تي ئي ڀروسو ڪيو آهي ۽ تنهنجي ذات ڏي ئي اسين رجوع ڪريون ٿا ۽ تو ڏي ئي (اسين) موٽي اچڻا آهيون.
— سيد فرمان عليرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ڪافرن جي آزمائش (جو ذريعو) نه بنائي ۽ پروردگار تون اسان کي معاف ڪر بيشڪ تون غالب ۽ حڪمت وارو آهيم.
— سيد فرمان عليلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
(مسلمانو!) انهن ماڻهن جي (افعال) جو اوهان لاءِ جي خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکي ٿو سٺو نمونو آهي ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته خدا بيپرواھ ساراهيل آهي.
— سيد فرمان عليعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
جلد ئي خدا توهان ۽ انهن ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڇڏي خدا ته قادر آهي ۽ خدا وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهي.
— سيد فرمان عليلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
جي ماڻهو اوهان سان نه دين جي باري ۾ وڙهيا ۽ نه انهن اوهان کي اوهان جي گهرن مان لڏايو انهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن سان انصاف ڪرڻ سان پيش اچڻ لاءِ خدا اوهان کي نه ٿو جهلي. بيشڪ خدا ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
خدا رڳو اوهان کي انهن ماڻهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ (انهن جي) مدد ڪئي ۽ جيڪي انهن سان دوستي رکندا سي ئي ظالم آهن.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي ايمان وارو! جڏهن اوهان ڏي ايماندار عورتون وطن ڇڏي اچن ته اوهين انهن کي آزمايو خدا ته سندن ڪردار کان واقف آهي ئي. پوءِ جيڪڏهن اوهين به کين ايماندار سمجهو ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو (ڇو ته) نه اهي زالون انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي ڪافر انهن زالن لاءِ حلال آهن ۽ انهن ڪافرن جيڪي (انهن زالن جي مهر ۾) خرچ ڪيو هجي سو انهن کي ڏيو. پوءِ جڏهن انهن زالن جو کين مهر ڏيو ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي جو اوهين تن سان نڪاح ڪريو ۽ ڪافر عورتن جي آبرو (جي اوهان جون زالون آهن) پنهنجي وس ۾ نه رکو (ڇڏي ڏيو ته ڀلي وڃي ڪافرن سان ملن) ۽ اوهان جو ڪجھ (انهن تي) خرچ ڪيو هجي (سو ڪافرن کان) گهري وٺو ۽ انهن به جيڪي خرچ ڪيو هجي (اهو اوهان کان) گهري وٺن اهو ئي خدا جو حڪم آهي جو خدا اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو واقف ڪار (۽) حڪيم آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا زال اوهان جي هٿ مان نڪري ڪافرن ڏي هلي وڃي ۽ (خرچ نه ملي) ۽ اوهين (انهن ڪافرن سان) وڙهيو ۽ کين ڦريو ته (غنيمت مان) جن جون زالون هليون ويون آهن تن کي ايترو ڏيو جيترو سندس خرچ ٿيو آهي ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي ان کان ڊڄندا رهو.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي رسول جڏهن اوهان وٽ ايماندار زالون اوهان سان هن ڳالھ تي بيعت ڪرڻ اچن ته اهي نه ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنائينديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي ماري ڇڏينديون ۽ نه پنهنجن هٿن پيرن جي اڳيان ڪو به بهتان (پٽ جو مڙس تي) گهڙي آنينديون ۽ نه ڪنهن نيڪ ڪم ۾ اوهان جي نافرماني ڪنديون ته اوهين تن کان بيعت وٺي ڇڏيو ۽ خدا کان انهن جي معافيءَ لاءِ دعائون گهرو. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي ايمان وارو! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي خدا غضبناڪ ٿيو آهي، اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن جيئن ڪافر مردن (جي ٻيهر زنده ٿيڻ) کان نا اميد آهن.
— سيد فرمان علي