006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
سڀ ساراھ الله ئي کي جڳائي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ جدا جدا نمونن جون اونداهيون ۽ روشني بڻائي. پوءِ (تنهن هوندي به) ڪافر (ٻين کي) پنهنجي پروردگار جي برابر ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
هو اهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري (اوهان جي) مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ (توڙي جو توهان کي خيال نه آهي پر) هن وٽ (قيامت جو) هڪ وقت مقرر آهي. تڏهن (به) اوهين شڪ ڪريو ٿا.
— سيد فرمان عليوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
۽ اهو ئي ته آسمانن ۾ (به) ۽ زمين ۾ (به) خدا آهي. اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل (ڳالهين) کان (به) خبردار آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا (سڀ ڪي) ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
۽ (انهن ماڻهن جي عجيب حالت آهي جو) جڏهن به انهن وٽ خدا جي آيتن مان ڪا آيت آئي ته پوءِ اهي ضرور ان کان منهن ڦيرين ٿا.
— سيد فرمان عليفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
جيئن، جڏهن انهن وٽ (قرآن بر) حق آيو ته ان کي به هنن ڪوڙو ڪيو ته پوءِ اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا. تنهن جي حقيقت کين جلد ئي معلوم ٿي ويندي.
— سيد فرمان علياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا انهن کي سجهي ڪين ٿو ته اسان هنن کان اڳ ڪيترائي گروهن (جا گروھ) تباھ ڪيا جن کي اسان روءِ زمين ۾ اها طاقت ۽ قدرت عطا ڪئي هئي جا اڃا تائين اوهان کي ڪانه ڏني. ۽ اسان مٿن آسمان تان ته گهڻو مينهن وسايو ۽ سندن (گهرن) هيٺان واھ جاري ڪيا. پر تڏهن به گناهن سبب کين فنا ڪري ڇڏيوسون ۽ انهن کان پوءِ وري ٻئي گروھ کي پيدا ڪيوسون.
— سيد فرمان عليوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين ڪاغذ تي (لکيل( ڪتاب (به کڻي) تو تي نازل ڪريون ۽ اهي ماڻهو پنهنجي هٿن سان (کيس) مس به ڪن ها تڏهن به ڪافر (ڪين مڃين ها ۽) چون ها ته هي ته ڏٺو وائٺو جادو آهي.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ (هي به) چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو ڪين نازل ٿيو (جيڪو ساڻس گڏ رهي ها) پر جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته (سندن) ڪم تمام ٿي وڃي ها (۽) پوءِ کيس مهلت به نه ملي ها.
— سيد فرمان عليوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
پر جيڪڏهن اسين فرشتي کي نبي بنايون ها ته (آخر) تنهن کي به مرد جي صورت ڏيون (ها) جيڪي شڪ شبها ڪري رهيا آهن اهي ئي اسين خود مٿس (ان وقت به) ڍڪايون ها.
— سيد فرمان عليوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
۽ (اي رسول!) تون دل تنگ نه ٿي) تو کان اڳ ۾ (به) پيغمبرن سان ٺٺوليون ٿيون آهن. پوءِ جيڪي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا تن کي تنهن عذاب، جنهن تان اهي ماڻهو کلندا هئا پڪڙيو.
— سيد فرمان عليقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
(اي رسول هنن کي) چئو ته ٿورو زمين تي گهمي ڦري سير ڪري ڏسو ته (نبين) کي ڪوڙي ڪندڙن جو ڪهڙو نه (بڇڙو) نتيجو ٿيو.
— سيد فرمان عليقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
(اي رسول!) هنن کان پڇين ته (ڀلا اهو ته ٻڌايو ته) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏئي سگهندا تون خود) چوين ته خاص خدا جو ئي آهي. هن پنهنجي وجود تي رحمت واجب ڪري ڇڏي آهي. اهو اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ضرور ڪٺو ڪندو. (پر) جن ماڻهن پنهنجو نقصان ڪيو آهي (قيامت تي) ايمان نه آڻيندا.
— سيد فرمان عليوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
هوڏانهن (اهو نٿا سمجهين ته) جيڪي رات جو ۽ ڏينهن جو (سموري زمين تي) رهي (سهي) ٿو (سڀ) خاص سندس ئي آهي ۽ اهو ئي سڀني جي) ٻڌي ۽(سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.
— سيد فرمان عليقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
(اي رسول!) تون چوين ته ڇا! خدا کي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي آءُ پنهنجو سرپرست بنايان ۽ اهو ئي (سڀني کي) روزي ٿو ڏئي ۽ کيس ڪو به روزي نٿو ڏئي. (اي رسول!) چوين ته، مون کي حڪم ڏنل آهي ته سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آءُ ئي آهيان ۽ (هي به ته ياد رک!) مشرڪن مان نه ٿج!
— سيد فرمان عليقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
(اي رسول!) تون چوين ته جيڪڏهن آءُ نافرماني ڪريان ته ضرور هڪ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
— سيد فرمان عليمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
ان ڏينهنن جنهن (جي سر) تان عذاب ٽري ويو ته (سمجھ ته) خدا مٿس (وڏو) رحم ڪيو. ۽ اها ئي ته کليل ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ جيڪڏهن خدا توهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ڏئي ته انهي کان سواءِ تنهن جي ٽارڻ وارو ڪو به نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسائي تڏهن به (کيس ڪو به جهلي نٿو سگهي ڇو ته) اهو هر ڳالھ تي قادر آهي.
— سيد فرمان عليوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
(اي رسول!) تون پڇين ته ڪهڙيءَ شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي. (تون پاڻ ئي) چئين ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ خدا شاهد آهي. ۽ مون ڏي هي قرآن وحي جي نموني سان ان ڪري نازل ڪيل آهي ته جيئن آءُ اوهان کي ۽ جنهن کي (هن جي) خبر پهچي، هن جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا اوهين پڪ سان اها شاهدي ڏئي سگهندو ته الله کانسواءِ ٻيا به معبود آهن؟ (اي رسول!) تون چئين ته آءُ ته اهڙي شاهدي ڪو نه ٿو ڏيان (اوهين چئپ ته چئو) تون هنن کي چئو ته بس هڪ ئي الله آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.
— سيد فرمان علياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي (يهودي نصارى) اهي ته جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن کي سڃاڻن ٿا تئين هن نبي (محمد مصطفي) کي به سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ نقصان ڪيو سي ته (ڪنهن طرح) ايمان نه آڻيندا.
— سيد فرمان علي