059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جي شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي (سڀ) خدا جي تسبيح ڪري ٿي ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
هو اهو آهي جنهن اهل ڪتاب ڪافرن (بني نضير) کي پهرئين حشر (جلا وطن) ۾ کين گهرن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (مسلمانو!) اوهان کي ته اهو وهم به نه هو ته اهي ڪي نڪرندا. ۽ اهي (ڪافر) هي خيال ڪندا هئا ته سندن قلعا کين خدا (جي عذاب) کان بچائيندا. پوءِ خدا (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان به نه هو ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي ته) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر اجاڙڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت حاصل ڪريو.
— سيد فرمان عليوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
۽ جيڪڏهن مٿن ديس نيڪالي نه لکيل هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻيءَ طرح) سزا ملي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي.
— سيد فرمان عليذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
اهو (عذاب) هن ڪري جو انهن خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو خدا جي مخالفت ڪندو ته (ياد رکو!) بيشڪ الله تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
(مومنو) اوهان جيڪو کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي (ائين ئي) رهڻ ڏيو سو خدا جي حڪم سان (ئي) آهي ۽ مطلب هي هو ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.
— سيد فرمان عليوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
(ته پوءِ) جيڪو مال خدا پنهنجي رسول کي انهن ماڻهن سان سواءِ وڙهڻ جي ڏياريو (تنهن مال ۾ اوهان جو حق نه آهي ڇو ته) اوهان ان لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي (۽) نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ. پر خدا پنهنجن پيغمبرن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي عالب ڪري ٿو. ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.
— سيد فرمان عليمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
ته جو مال خدا پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو خاص خدا ۽ رسول ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافن لاءِ آهي، ته اهو گمهي ڦري اوهان جي مالدارن ۾ نه رهي. ۽ (اي مسلمانو) جو ڪجھ اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ خدا سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— سيد فرمان عليلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
(ان مال مان) انهن غريب مهاجرن جو (حصو) به آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) لڏايا ويا آهن (۽) اهي خدا جو فضل ۽ رضا مندي چاهين ٿا ۽ خدا ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا (ايمان دار) آهن.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
پڻ (انهن جو به حصو آهي) جي مهاجرن کان اڳ ۾ ئي (هجرت جي) جاءِ (مديني) ۾ رهيل آهن ۽ ايمان ۾ (پختا) رهيا ۽ جي ماڻهو هجرت ڪري وٽن آيا تن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن (پرديسين) کي مليو تنهن جي ڪري پنهنجي دلين ۾ غرض نه ٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن ڳالھ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا توڙي کين تنگدستي هجي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويا سي ئي ڪامياب آهن.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ (انهن لاءِ به حصو آهي) جي انهن (مهاجرن) کان پوءِ آيا (۽) دعا ڪن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن. ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ کوٽ نه وجھ. اي اسان جا پروردگار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
ڇا تون انهن منافقن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن اهل ڪتاب کي چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين (گهرن مان) لڏايا ويا ته پڪ ڄاڻو ته اسين به اوهان سان گڏ نڪري پونداسون ۽ اوهان جي باري ۾ ڪڏهين به ڪنهن جي تابعداري نه ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اوهان جي مدد ڪنداسون پر خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.
— سيد فرمان عليلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪڍايا به ويا ته اهي (منافق) انهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ٿي ته مدد به نه ڪندا. پر جيڪڏهن انهن جي مدد ڪندا به ته پٺ ڦيري ڀڄندا. وري کين ڪٿان به مدد نه ملندي.
— سيد فرمان عليلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
(مومنو!) اوهان جي دهشت سندن دلين ۾ خدا کان به وڌيڪ آهي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو سمجھ نه ٿا رکن.
— سيد فرمان عليلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
اهي سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ ڪري نه سگهندا مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ ته انهن جي ڏاڍي ڌاڪ آهي جو تون خيال ڪندين ته سڀئي هڪ (جان) آهن. پر در اصل سندن دليون هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو بي عقل آهن.
— سيد فرمان عليكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
سندن حال انهن وانگر آهي جي انهن کان ڪجھ اڳي پنهنجن ڪمن جي سزا جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
— سيد فرمان عليكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
(منافقن جو) مثال شيطان وانگر آهي جيڪو ماڻهوءَ کي چوندو رهيو ته ڪافر ٿيءُ! پوءِ جڏهن ڪافر ٿيو ته چوڻ لڳس ته آءُ تو کان بيزار آهيان. آءُ سموري جهان جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو.
— سيد فرمان عليفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
ته ٻنهي جو نتيجو هي ٿيو جو هي ٻئي دوزخ ۾ (وڌا) ويندا ۽ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها ئي سڀني ظالمن جي سزا آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي ايمان وارو! خدا (جي غضب) کان ڊڄو پڻ هر شخص کي غور ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي (قيامت) جي واسطي ان اڳ ۾ ئي ڇا موڪليو آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ جو ڪجھ اوهين ڪندا رهو ٿا خدا تنهن کان باخبر آهي.
— سيد فرمان عليوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو ته خدا به اهو ڪيو جو پنهنجو پاڻ کي ڀلي ويا، اهي ئي ته بدڪار آهن.
— سيد فرمان عليلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
دوزخي ۽ بهشت وارا ڪنهن طرح برابر ٿي نه ٿا سگهن بهشت وارا ئي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.
— سيد فرمان علي