057 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
اهي سڀ شيءَون جيڪي (به) آسمان ۽ زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۚ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 2
آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان عليهُوَ الْاَوَّلُ وَالْاٰخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ ۚ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 3
اهو ئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ (پنهنجي قدرتن سان) سڀ تي ظاهر ۽ (نگاهن کان) ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْـتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ ۭ يَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْــرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ مَعَكُمْ اَيْنَ مَا كُنْتُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 4
هو اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. وري عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. جو ڪجھ زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ آهي.
— سيد فرمان عليلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 5
آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. ۽ خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.
— سيد فرمان علييُوْلِجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُوْلِجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۭ وَهُوَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 6
هو رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڏو ٿئي ٿو) ۽ ڏينهن کي (گهٽائي رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڏي ٿئي ٿي) ۽ اهو دلين جي راز کي (به) ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان علياٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاَنْفِقُوْا مِـمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْهِ ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَاَنْفَقُوْا لَهُمْ اَجْرٌ كَبِيْرٌ 7
اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ ۚ وَالرَّسُوْلُ يَدْعُوْكُمْ لِتُؤْمِنُوْا بِرَبِّكُمْ وَقَدْ اَخَذَ مِيْثَاقَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسول اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان (خدا) پڪو وعدو وٺي (به) چڪو آهي جيڪڏهن اوهين باور ڪريو.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْ يُنَزِّلُ عَلٰي عَبْدِهٖٓ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَكُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ بِكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 9
هو اهو آهي جو پنهنجي عبد تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته (جيئن) اوهان کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (نور جي ايمان) سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ خدا اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَلِلّٰهِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ لَا يَسْتَوِيْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَقٰتَلَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِيْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَقٰتَلُوْا ۭ وَكُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ ۧ10
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (پنهنجو مال) خدا جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ وارث الله ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو (۽ جن پوءِ خرچ ڪيو) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو. ۽ (هونئن ته) خدا نيڪي ۽ ثواب جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.
— سيد فرمان عليمَنْ ذَا الَّذِيْ يُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهٗ لَهٗ وَلَهٗ ٓ اَجْرٌ كَرِيْمٌ ۚ11
اهڙو ڪير آهي جو خدا کي خالص نيت سان قرض الحسنه ڏئي ته خدا تنهن لاءِ (اجر کي) ڪيئي دفعا وڌائي ۽ ان لاءِ تمام عزت جو بدلو (جنت) ته آهي ئي.
— سيد فرمان علييَوْمَ تَرَى الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ يَسْعٰى نُوْرُهُمْ بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ بُشْرٰىكُمُ الْيَوْمَ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۚ12
جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوش خبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واھ پيا وهن انهن ۾ سدائي رهندو ۽ اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان علييَوْمَ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِكُمْ ۚ قِيْلَ ارْجِعُوْا وَرَاۗءَكُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا ۭ فَضُرِبَ بَيْنَهُمْ بِسُوْرٍ لَّهٗ بَابٌ ۭ بَاطِنُهٗ فِيْهِ الرَّحْمَةُ وَظَاهِرُهٗ مِنْ قِبَلِهِ الْعَذَابُ ۭ13
ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون (کين) چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) پٺ تي موٽي وڃو ۽ (اتي وڃي) ڪنهن ٻئي جي نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن (مومنن ۽ منافقن) جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ۽ ان ۾ دروازو هوندو. ان جي اندرين پاسي ته رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي کان عذاب هوندو.
— سيد فرمان علييُنَادُوْنَهُمْ اَلَمْ نَكُنْ مَّعَكُمْ ۭ قَالُوْا بَلٰى وَلٰكِنَّكُمْ فَتَنْتُمْ اَنْفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَارْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ الْاَمَانِيُّ حَتّٰى جَاۗءَ اَمْرُ اللّٰهِ وَغَرَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 14
ته منافق، مومنن کي وڏي سڏ چوندا ته ڇا اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون؟ (اهي ايمان وارا) چوندا ته هاءُ برابر پر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ (اسان جي حق ۾ گردش جا) منتظر رهيا ۽ (دين ۾) شڪ ڪندا رهيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي پهتو ۽ اوهان کي ڌوڪي باز (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏنو.
— سيد فرمان عليفَالْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْيَةٌ وَّلَا مِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ۭ مَاْوٰىكُمُ النَّارُ ۭ هِىَ مَوْلٰىكُمْ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 15
سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان اوهان جو ٺڪاڻو (دوزخ جي) باھ آهي اها ئي ته اوهان لاءِ سزاوار آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.
— سيد فرمان علياَلَمْ يَاْنِ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّ ۙ وَلَا يَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُهُمْ ۭ وَكَثِيْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ 16
اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا! جو خدا جي ياد ۽ قرآن جي لاءِ جو (خدا جي طرفان) نازل ٿيو آهي انهن جون دليون نرم ٿين ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي انهن کان اڳي (توريت ۽ انجيل) ڪتاب ڏنو ويو هو، ته (جڏهن) مٿن ڊگهو زمانو گذريو ته سندن دليون سخت ٿي پيون ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.
— سيد فرمان علياِعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ يُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 17
اوهين ڌيان ڌريو ته الله ئي زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد ٿيڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ پنهنجي (قدرت جون) ڳالهيون کولي کولي بيان ڪيون آهن ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.
— سيد فرمان علياِنَّ الْمُصَّدِّقِيْنَ وَالْمُصَّدِّقٰتِ وَاَقْرَضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ اَجْرٌ كَرِيْمٌ 18
بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ عورتون ۽ (جي ماڻهو) خدا کي نيڪ نيتي سان قرض ڏين ٿا تن کي ڪئين نفعا (ثواب) ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ تمام عزت ڀريو صلو (جنت) ته آهي ئي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرُسُلِهٖٓ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصِّدِّيْقُوْنَ ڰ وَالشُّهَدَاۗءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ لَهُمْ اَجْرُهُمْ وَنُوْرُهُمْ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَحِيْمِ ۧ19
۽ جن خدا ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ صادقن ۽ شهيدن جي درجي ۾ هوندا تن لاءِ انهن ئي (صديقن ۽ شهيدن) جو اجر ۽ انهن جو نور هوندو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي دوزخي آهن.
— سيد فرمان علياِعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَّلَهْوٌ وَّزِيْنَةٌ وَّتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِي الْاَمْوَالِ وَالْاَوْلَادِ ۭ كَمَثَلِ غَيْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُـمَّ يَهِيْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُـمَّ يَكُوْنُ حُطَامًا ۭ وَفِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۙ وَّمَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانٌ ۭ وَمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَآ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ 20
ياد رکو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو۽ سينگارڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي خواهش آهي، (دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته) بارش وانگر آهي جنهن جي (ٽلندڙ) ساوڪ ڪڙمين کي خوش ڪري ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين وري اها ڀوسو ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (مومنن لاءِ) خدا جي طرفان معافي ۽ رضامندي آهي. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي.
— سيد فرمان علي