055 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اَلرَّحْمٰنُ 1ۙ
وڏي مهربان (خدا)
— سيد فرمان عليعَلَّمَ الْقُرْاٰنَ 2ۭ
ان ئي قرآن جي تعليم ڏني.
— سيد فرمان عليخَلَقَ الْاِنْسَانَ 3ۙ
ان ئي انسان کي پيدا ڪيو.
— سيد فرمان عليعَلَّمَهُ الْبَيَانَ 4
ان ئي ان کي (پنهنجو مطلب) بيان ڪرڻ سيکاريو.
— سيد فرمان علياَلشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْـبَانٍ 5۠
سج ۽ چنڊ هڪ مقرر (ڪيل) حساب سان (هلي) رهيا آهن.
— سيد فرمان عليوَّالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدٰنِ 6
وليون ۽ وڻ ٻئي هن کي سجدو ڪندا رهن ٿا.
— سيد فرمان عليوَالسَّمَاۗءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيْزَانَ 7ۙ
۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (انصاف) جي ترازي قائم ڪئي اٿس.
— سيد فرمان علياَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ 8
هن لاءِ ته اوهين (به) ترازي (تورڻ) ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.
— سيد فرمان عليوَاَقِيْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ 9
۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
— سيد فرمان عليوَالْاَرْضَ وَضَعَهَا لِلْاَنَامِ ۙ10
۽ ماڻهن (جي فائدي) لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس.
— سيد فرمان عليفِيْهَا فَاكِهَةٌ ۽ وَّالنَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِ ۖ11
ان ۾ ميوا ۽ چپڙڀن واريون کجيون.
— سيد فرمان عليوَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ ۚ12
۽ تهن وارو ان ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن.
— سيد فرمان عليفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 13
ته پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا؟
— سيد فرمان عليخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ ۙ14
ان ئي انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايو.
— سيد فرمان عليوَخَلَقَ الْجَاۗنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍ ۚ15
۽ ان جنن کي باھ جي ڄڀيءَ مان بنايو.
— سيد فرمان عليفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 16
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.
— سيد فرمان عليرَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ ۚ17
اهو ئي (سردي گرميءَ جي) ٻنهي مشرقن جو مالڪ آهي ۽ ٻنهي مغربن جو (به) مالڪ آهي.
— سيد فرمان عليفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 18
ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.
— سيد فرمان عليمَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيٰنِ ۙ19
ان ئي ٻئي سمنڊ جاري ڪيا جي پاڻ ۾ گڏجن ٿا.
— سيد فرمان عليبَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِ ۚ20
انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نه ٿا ڪن.
— سيد فرمان علي