054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
قيامت ويجهي اچي ويئي جو چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو.
— سيد فرمان عليوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جيڪڏهن اهي ڪافر (ڪو) معجزو ڏسن (به) ٿا تڏهن (به) منهن ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا هيءُ تمام زبردست جادو آهي.
— سيد فرمان عليوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ انهن (ان کي) ڪوڙو ڄاتو ۽ پنهنجي نفساني خواهش تي هليا پر سڀ ڪنهن ڪم (ڳالھ) جو وقت مقرر آهي.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
پڻ انهن وٽ ته اهي حالتون (اڳين قومن جون) پهچي چڪيون آهن جن ۾ وڏي تنبيه هئي.
— سيد فرمان عليحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
۽ انتها درجي جي دانائي پر (کين) ڊيڄارڻ مان ڪجھ به نه ٿو وري.
— سيد فرمان عليفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
ته (اي رسول) تون انهن کان پاسيرو رھ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ (اسرافيل) اڻ وڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو.
— سيد فرمان عليخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
ته قيامت ۾ اکيون هيٺ ڪيل قبرن مان پکڙيل مڪڙن وانگر ٿي نڪرندا.
— سيد فرمان عليمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏي گردن وڌائي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) هي ته وڏو سخت ڏينهن آهي.
— سيد فرمان عليكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
ان کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو ڪيو هو، جو اسان جي (خاص) بندي (نوح) کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ کيس ڌمڪايائون.
— سيد فرمان عليفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته: آءُ (انهن جي مقابلي ۾) ڪمزور ٿي پيو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ.
— سيد فرمان عليفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.
— سيد فرمان عليوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. ته اهو هڪ ان ڪم جي لاءِ جيڪو مقدر ٿي چڪو هو. (۽ ٻئي) پاڻي ملي (ڪري هڪ) ٿي پيا.
— سيد فرمان عليوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن سان تيار ڪيل (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو.
— سيد فرمان عليتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جا اسان جي نظرداريءَ ۾ هلي رهي هئي ان شخص (نوح) جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن کي ماڻهن نٿي مڃيو.
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ اسان ان (ٻوڏ) کي هڪ عبرت جي نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو عبرت حاصل ڪري.
— سيد فرمان عليفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي؟
— سيد فرمان عليوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟
— سيد فرمان عليكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد جي قوم (به پنهنجي پيغمبر کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين هو؟
— سيد فرمان علياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
بيشڪ اسان مٿن منحوس ڏينهن تمام سخت تيز هوا کي موڪليو.
— سيد فرمان عليتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.
— سيد فرمان علي