1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

اي ايمان وارو! (پنهنجن) انجامن کي پاڙيو. (ڏسو) توهان لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ ان کان جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايو ويندو پر جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ خدا جيڪي گهري ٿو سو حڪم ڪري ٿو.

— سيد فرمان علي

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

اي ايمان وارو! (ڏسو) خدا جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو نه عزت واري مهيني جي ۽ نه قربانيءَ جي ۽ نه ڳچي ۾ پٽي ٻڌل جانورن جي (جن کي خدا جي نظر لاءِ نشان ڪري منى ۾ وٺي ويندا آهن) ۽ نه ڪعبي (جي طواف ۽ زيارت جو قصد ڪرڻ وارن جي، جيڪي پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي ۽ فضل (۽ ڪرم) جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ جڏهن اوهين احرام کوليو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني هن ڪري جو انهن اوهان کي عزت واري مسجد کان روڪيو، اوهان کان ائين هرگز نه ڪرائي جو حد کان لنگهي وڃو. (اوهان جو فرض ته هي آهي جو) ڀلائي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو. ۽ گناھ ۽ ظلم ۾ پاڻ ۾ ڪنهين جي به مدد نه ڪريو، ۽ خدا کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) بيشڪ الله جو عذاب تمام سخت آهي.

— سيد فرمان علي

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

(انسانو!) اوهان کي مئل جانور ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن (جانور) تي (سير وجهڻ وقت) خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي ۽ گهٽو کائي مئل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل جانور ۽ جو (کوھ وغيره ۾) ڪري مري ويل جانور ۽ سڱ سان مارجي ويل جانور ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو هجي، سواءِ ان جي جنهن کي اوهان (مرڻ کان اڳي) ذبح ڪيو هجي. ۽ جنهن (جانور) کي بتن (جي ٽڪاڻي) تي (نذر ڪري) ڪٺو ويو هجي. ۽ هي به (حرام ڪيل آهي) ته جوا جي تيرن سان پنهنجا حصا معلوم ڪريو. (مطلب ته اهي سڀ ڳاليهون اوهان تي حرام ڪيون ويون آهن) اها نافرماني آهي. (مسلمانو!) هاڻي ته ڪافر، اوهان جي دين (کان ڦري وڃڻ ڪري) نااميد ٿيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو (فقط مون کان ڊڄو) اڄ مون اوهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان جي (هن) دين اسلام کي پسند ڪيو. پوءِ جو شخص بک ۾ لاچار ٿئي (۽) گناھ ڏي مائل به هجي (۽ ڪا شيءِ کائي) ته خدا بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

— سيد فرمان علي

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

(اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي (کين) چئو ته اوهان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن مان جن کي اوهان (شڪار ڪرڻ) سيکاريو هجي ۽ (اوهين) هجو به شڪار سيکارڻ وارا) جو ڪجھ خدا توهان کي سيکاريو آهي تنهن مان ڪجھ انهن کي سيکاريو ٿا، سي جو ڪجھ اوهان لاءِ جهلن تنهن مان کائو ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار ڇڏڻ وقت) الله جو نالو پڙهندا ڪيو ۽ الله (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي.

— سيد فرمان علي

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ اهل ڪتاب واريون (خشڪ شيون اناج وغيره) اوهان لاءِ (حلال آهن ۽ اوهان جو کاڌو انهن لاءِ حلال آهي ۽ پاڪ دامن مسلمان زالون ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان پاڪ دامن زالون (به اوهان لاءِ حلال آهن) جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو پاڪدامنيءَ جا ڳولائو ٿي، شهوتراني جو خيال ڇڏي، ۽ نه لڪي ڇپي آشنائي ڪندڙ به نه هجو. ۽ جنهن شخص ايمان کان انڪار ڪيو تنهن جي نعمت برباد ٿي. ۽ اهو آخر ۾ نقصان وارن مان آهي.

— سيد فرمان علي

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

اي ايمان وارو! جڏهن نماز لاءِ اٿو ته ڌوئو پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺوٺن تائين ۽ پنهنجي مٿن جو ۽ ڀيڏين تائين پيرن جو مسح ڪندا ڪيو ۽ جيڪڏهن تڙ پيو هجي ته غسل ڪريو. پر جيڪڏهن بيمار هجو يا مسافريءَ تي هجو يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي يا زالن سان همبستري ڪئي هجيو ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪيو. يعني (ٻنهي هٿن کي مٽي تي هڻي ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿن جو مسح ڪيو. (ڏسو ته خدا ڪهڙي نه آساني ڪري ڇڏي آهي) خدا جي ته اها (ڪڏهن به) مرضي نه آهي ته اوهان تي ڪنهن قسم جي سختي ڪري پر هو چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ پاڪيزه ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو.

— سيد فرمان علي

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ سندس انجام به جو اوهان سان ٻڌو اٿس، جڏهن اوهان چيو هو ته اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ خدا کان ڊڄو. بيشڪ خدا دلين جي ڳالھ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.

— سيد فرمان علي

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

اي ايمان وارو! خدا جي خوشنودي جي لاءِ انصاف سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين ناانصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي. ۽ خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. ڇو ته اوهين جو ڪجھ ڪيو ٿا (چڱو يا برو ڪم) خدا تنهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

— سيد فرمان علي

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا (سٺا) ڪم (به) ڪيا، خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته انهن لاءِ (آخرت ۾) ڇوٽڪارو ۽ تمام وڏو ثواب آهي.

— سيد فرمان علي

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي دوزخي آهن.

— سيد فرمان علي

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

اي ايمان وارو! خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن انهن کي ياد ڪريو (خاص ڪري اهي) جڏهن هڪ قبيلي اوهان سان ڏاڍ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ته خدا انهن جي هٿن کي اوهان (تائين پهچڻ) کان جهلي ڇڏيو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. ۽ مومنن کي (ته) خدا تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.

— سيد فرمان علي

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

۽ هن ۾ به شڪ نه آهي جو خدا بني اسرائيلين کان (به ايمان جو) عهد ۽ انجام وٺي ڇڏيو هو ۽ اسان انهن ۾ ٻارنهن سردار (مٿن) مقرر ڪيا. ۽ خدا بني اسرائل کي فرمايو هو ته آءُ ته پڪ سان اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهان به پابندي سان نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندو ۽ اسان جي پيغمبرن تي ايمان آڻيندو ۽ انهن جي مدد ڪندا رهو ۽ خدا (جي خوشنوديءَ لاءِ ماڻهن کي قرض حسنه ڏيندا رهو ته آءُ به اوهان جا گناھ اوهان کان ضرور پري ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان کي بهشت جي انهن (ساون) باغن ۾ پهچائي ڏيندس جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. پوءِ ان هوندي به اوهان مان جو شخص انڪار ڪري ته بيشڪ اهو سڌي سنئين گس کان ٿڙي ويو.

— سيد فرمان علي

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ اسان سندن واعدي خلافي ڪري انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جي دلين کي (ڄڻ ته) اسان خود سخت ڪيو جو (اسان جي) ڪلمات کي انهن جي اصلي مطلب کان ڦيري ٻين معنائن ۾ استعمال ڪن ٿا. ۽ جن جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪيل هئي انهن مان وڏو حصو ويساري ويٺا. ۽ (اي رسول!) هاڻي هت تون انهن مان ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ هڪ نه هڪ جي خيانت تي برابر خبردار ٿيندو رهين ٿو، ته تون هنن (جي غلطين) کي معاف ڪري ڇڏ ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن کي ضرور دوست رکي ٿو.

— سيد فرمان علي

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

۽ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين نصارى آهيون انهن کان (به) اسان (ايمان جا) انجام اقرار ورتا هئا پر جن جي ڳالهين جي کين سمجهاڻي ڏني وئي هئي انهن مان (به) هڪ وڏي حصي (محمد جي نبوت کي) وساري ڇڏيو ته اسان به (انهن جي سزا ۾) قيامت تائين انهن ۾ عداوت ۽ دشمنيءَ جو بنياد وجهي ڇڏيو ۽ خدا کين جلد ئي (قيامت جي ڏينهن) ٻڌائيندو ته ڇا ڇا ڪندا هئا.

— سيد فرمان علي

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي اهل ڪتاب! توهان وٽ اسان جو رسول (محمد) اچي چڪو آهي جيڪو (خدا جي) ڪتاب مان انهن جي ڳالهين کي، جن کي توهين لڪائيندا هئا ڪيترين کي ته کولي ٻڌائيندو ۽ ڪيترين کي (ڄاڻي واڻي) درگذر ڪندو. اوهان وٽ ته خدا جي طرف کان هڪ (چمڪندڙ) نور ۽ کليل بيان ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن به) اچي چڪو آهي.

— سيد فرمان علي

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

جيڪي ماڻهو خدا جي خوشنوديءَ جا پابند آهن انهن کي ته ان جي وسيلي سان نجات جي هدايت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهي مان ڪڍي (ايمان جي) سوجهري ۾ آڻي ٿو ۽ کين سڌي رستي تي پهچائي ڇڏي ٿو.

— سيد فرمان علي

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

جيڪي ماڻهو هن (ڳالھ) جا قائل آهن ته مريم جو پٽ مسيح خدا آهي، اهي پڪ ڪافر ٿي ويا (اي رسول!) انهن کان پڇو ته ڀلا جيڪڏهن خدا مريم جي پٽ مسيح ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن سڀني کي مارڻ چاهي ته ڪير اهڙو آهي جو خدا سان ڪنهين جو زور هلندو؟ (۽ جهلي سگهي؟) ۽ آسمان ۽ زمينن ۽ جو ڪجھ به انهن جي وچ ۾ آهي خدا جي حڪومت آهي. جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو. ۽ خدا ته سڀ شيءِ تي وس وارو آهي.

— سيد فرمان علي

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

۽ يهودي ۽ نصراني چون ٿا ته اسان ئي خدا جا پٽ ۽ سندس گهڻ گهريا آهيون (اي رسول!) تون چئين ته (جيڪڏهن ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن جي سزا ڇو ٿو ڏي؟ (توهان جو اهو خيال بيهودو آهي) پر اوهين به سندس مخلوق مان هڪ بشر آهيو. خدا جنهن کي گهرندو ته بخشيندو ۽ جنهن کي گهرندو (ته) سزا ڏيندو. آسمان هجن يا زمين يا جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ خدا جو ئي ملڪ آهي (سڀ کي) ان ڏي موٽي هلڻو آهي.

— سيد فرمان علي

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي اهل ڪتاب! جڏهن پيغمبرن جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي تڏهن اسان جو رسول اوهان ڏي آيو جيڪو خدا جي احڪام کي کولي ٻڌائي ٿو ته جيئن اوهين ائين نه چئو ته اسان ڏي نڪي ڪو به خوشخبري ڏيڻ وارو (پيغمبر) آيو نه (وري خدا ئي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آيو. هاڻي ته (ائين چئي نٿا سگهو ڇو ته) پڪ توهان وٽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) اچي ويو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي.

— سيد فرمان علي

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

(اي رسول کين اهو وقت ياد ڏيارو ته) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! جيڪي نعمتون خدا توهان کي ڏنيون جن مان ساري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به نه ڏنيون.

— سيد فرمان علي