049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول کان (ڪنهن ڳالھ ۾ به) اڳي نه ٿيو، ۽ خدا کان ڊڄو ڇو ته خدا ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي ايمان وارو! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهايو ٿا ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهايو جو متان اوهان جا اعمال برباد ٿين ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
بيشڪ جيڪي پنهنجا آواز خدا جي رسول کان جهڪا ڪن ٿا، سي اهي آهن جن جي دلين کي خدا پرهيزگاري (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آهي انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
(اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کي گهرن جي ٻاهران (بيهي) سڏين ٿا تن مان گهڻا بي عقل آهن.
— سيد فرمان عليوَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پر جيڪڏهن اهي صبر ڪن ها جيستائين تون (پاڻهين) انهن ڏي نڪرين ته انهن لاءِ چڱو ٿئي ها. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو مهربان آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو بدڪردار (ماڻهو) اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته جاچ ڪريو جو متان ناداني سان ڪنهن قوم کي نقصان رسايو پوءِ پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو.
— سيد فرمان عليوَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ خدا جو رسول (موجود) آهي. ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جو جيڪڏهن (انهن مان ڪا) اوهان جي ڳالھ مڃي اوهين ڏکيا ٿيو پر خدا ته ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو آهي ۽ ڪفر ۽ بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان اوهان کي بيزار ڪيو اٿس. اهي ماڻهو هدايت جي راھ تي آهن.
— سيد فرمان عليفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ۽ خدا ته وڏو واقف ڪار ۽ حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن ته پنهنجن ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي ايمان وارو! (اوهان مان ڪنهن قوم جو) ڪو به مرد (ٻي قوم جي) مردن تي ٺٺولي نه ڪري جو متان اهي هن کان (خدا وٽ) چڱا هجن ۽ نه عورتون عورتن سان (ٺٺولي ڪن) جو متان اهي هنن کان چڱيون هجن. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا لڳايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا چيڙائڻ وارا وجهو. ايمان کان پوءِ بدڪاريءَ جو نالو بڇڙو آهي. ۽ جيڪي (انهن ڳالهين کان) توبه نه ڪندا سي ئي ظالم آهن.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي ايمان وارو! گهڻو شڪ ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهو ڇو ته ڪي بدگمانيون گناھ آهن ۽ نه (ڪنهين جي) جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪ ٻئي جي گلا (غيبت) ڪري ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالھ وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ اوهين ته ضرور ان (ڳالھ) کي پسند نه ڪندو! ۽ خدا کان ڊڄو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته (جيئن) هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ (۽) پوري پوري خبر رکندڙ آهي.
— سيد فرمان عليقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
ٻهراڙي وارا عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. (اي رسول) تون چوين ته اوهان ايمان نه آندو آهي پر اوهين (هئين) چئو ته اسان اسلام قبول ڪيو آهي. هوڏانهن ايمان ته اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ (ئي) نه گهڙيو آهي. پر جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندو ته اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجھ به نه گهٽائيندو بيشڪ خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
ايمان وارا اهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، (۽) وري شڪ نه ڪيائون پڻ خدا جي راھ ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانن سان جهاد ڪيائون. اهي ئي سچا آهن.
— سيد فرمان عليقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
(اي رسول! انهن کان) پڇو ته ڇا اوهين خدا کي پنهنجي دينداري ڏيکاريو ٿا؟ ۽ خدا ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. ۽ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي.
— سيد فرمان علييَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
(اي پيغمبر) تو تي اهي ماڻهو اسلام آڻڻ جو احسان رکن ٿا (تون کولي) چوين ته اوهين پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي احسان نه رکو! پر جيڪڏهن اوهين ايمان جي دعوى ۾ سچا آهيو ته (ڄاڻو ته) خدا توهان تي احسان ڪيو جو اوهان کي ايمان جي راھ ڏسي.
— سيد فرمان علياِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جي ڳجھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسي رهيو آهي.
— سيد فرمان علي