048 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا 1ۙ
(اي رسول هي حديبيه جو صلح نه آهي پر) اسان حقيقت ۾ تو کي پڌري فتح عطا ڪئي،
— سيد فرمان عليلِّيَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَيُتِـمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَـقِيْمًا 2ۙ
ته جيئن خدا تنهنجي (امت جا) اڳيان ۽ پويان قصور معاف ڪري ۽ پنهنجي نعمت تو تي پوري ڪري ۽ تو کي سڌي راھ تي ثابت قدم رکي.
— سيد فرمان عليوَّيَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَــصْرًا عَزِيْزًا 3
۽ خدا تو کي زبردست مدد ڏني.
— سيد فرمان عليهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ فِيْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِيْنَ لِيَزْدَادُوْٓا اِيْـمَانًا مَّعَ اِيْـمَانِهِمْ ۭ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْمًا حَكِـيْمًا 4ۙ
الله اهو ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ تسلي نازل فرمائي ته (جيئن) سندن (پهرئين) ايمان سان گڏ اڃا به سندن ايمان زياده ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا ئي آهن. ۽ خدا (مصلحت کي) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليلِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّاٰتِهِمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِيْمًا 5ۙ
ته ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي اتي هميشه رهندا ۽ انهن تان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏي ۽ اها خدا وٽ وڏي ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان عليوَّيُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِيْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّاۗنِّيْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۭ عَلَيْهِمْ دَاۗىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا 6
۽ منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتون تن تي جي خدا جي باري ۾ برا خيال رکن ٿا، عذاب نازل ڪري. مٿن بڇڙي مصيبت پيل آهي ۽ خدا انهن تي غضبناڪ آهي ۽ مٿن لعنت ڪئي اٿس. ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس ۽ اهو ٺڪاڻو بڇڙو آهي.
— سيد فرمان عليوَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْـمًا 7
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آهن. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا 8ۙ
(اي رسول) اسان تو کي (سڀني عالمن جو) شاهد ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) بڻائي موڪليو.
— سيد فرمان عليلِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ۭ وَتُسَـبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 9
(ته اي مسلمانو!) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪريو ۽ کيس بزرگ ڄاڻو ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪريو.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ يُبَايِعُوْنَكَ اِنَّـمَا يُبَايِعُوْنَ اللّٰهَ ۭ يَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ ۚ فَــمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّـمَا يَنْكُثُ عَلٰي نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰى بِــمَا عٰهَدَ عَلَيْهُ اللّٰهَ فَسَيُؤْتِيْهِ اَجْرًا عَظِيْمًا ۧ10
بيشڪ جيڪي تو سان بيعت ڪن ٿا سي رڳو خدا سان بيعت ڪن ٿا. خدا جي قوت ۽ قدرت ته سڀني تي غالب آهي ته پوءِ جيڪو انجام ڀڃندو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ پنهنجو قول ڀڃي ٿو ۽ جو شخص ان انجام کي پورو ڪندو جنهن جو خدا ساڻ قرار ڪيو اٿس تنهن کي خدا وڏو اجر ڏيندو.
— سيد فرمان عليسَيَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَآ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ يَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَيْسَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ۭ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 11
(اي رسول) ٻهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهيل تو کي چوندا ته اسان جي مالن ۽ اسان جي ٻارن ٻچن اسان کي (حديبيه ۾ اچڻ کان) رجهائي ڇڏيو هو، ۽ تون اسان لاءِ (خدا کان) معافي جي دعا گهر، اهي ماڻهو پنهنجن زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جي سندن دلين ۾ نه آهن. تون چوين ته جيڪڏهن خدا اوهان کي نقصان پهچائڻ گهري يا اوهان کي فائدو رسائڻ گهري ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو خدا جي مقابلي ۾ اوهان لاءِ ڪجھ به ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي خدا کي پوري خبر آهي.
— سيد فرمان عليبَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰٓى اَهْلِيْهِمْ اَبَدًا وَّزُيِّنَ ذٰلِكَ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ښ وَكُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا 12
(اهي رڳو اوهان جا بهانا آهن) ڳالھ هي آهي ته اوهان هي ڄاتو هو ته رسول ۽ مومن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻچن ڏي ڪين موٽندا (سڀ مارجي ويندا) ۽ اها ڳالھ اوهان جي دلين ۾ کپي ويئي هئي ۽ (ان ڪري ئي) اوهين طرح طرح جون بدگمانيون ڪرڻ لڳا هئا ۽ (نيٺ) اوهين پاڻ برباد ٿيا.
— سيد فرمان عليوَمَنْ لَّمْ يُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَعِيْرًا 13
۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول تي ايمان نه آڻي ته اسان اهڙن ڪافرن لاءِ دوزخ جي باھ تيار ڪري رکي آهي.
— سيد فرمان عليوَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 14
۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشيءَ ڇڏي جنهن کي چاهي سزا ڏئي ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار آهي.
— سيد فرمان عليسَيَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْــطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِـمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ يُرِيْدُوْنَ اَنْ يُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ۭ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَيَقُوْلُوْنَ بَلْ تَـحْسُدُوْنَنَا ۭ بَلْ كَانُوْا لَا يَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 15
(مسلمانو) هاڻي جو اوهين (خيبر جي) غنيمتن جي وٺڻ لاءِ ويندو ته جي ماڻهو (حديبيه کان) پٺتي رهجي ويا هئا سي اوهان کي چوندا ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هلو. اهي گهرن ٿا ته خدا جي ڳالھ کي بدلائي ڇڏين. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين اسان سان ڪڏهن به نه هلندو اهڙي طرح خدا اڳي فرمائي چڪو آهي. ته اهي چوندا ته (نه) پر اوهين اسان تي سڙو ٿا، (خدا ائين چوندو) ڳالھ هئين آهي ته انهن ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ لِّـلْمُخَلَّفِيْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَـتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ يُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِيْعُوْا يُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَـنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَـمَا تَوَلَّيْتُمْ مِّنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 16
(اي پيغمبر) ٻاهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهلين کي چئو ته جلد ئي هڪ سخت وڙهڻ واري قوم سان وڙهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو ويندو جو اوهين (يا ته) انهن سان وڙهندا ئي رهندو يا اهي مسلمان ئي ٿين. پوءِ جيڪڏهن اوهان (خدا جو) حڪم مڃيو ته خدا توهان کي سٺو بدلو ڏيندو ۽ جيڪڏهن پٺ ڦيرندو جيئن هن کان اڳي پٺ ڦيري اٿو ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو.
— سيد فرمان عليلَيْسَ عَلَي الْاَعْـمٰى حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْمَرِيْضِ حَرَجٌ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ17
(جهاد کان پٺتي رهجي وڃڻ وارن مان) نه ته ڪنهن انڌي تي ئي ڪو گناھ آهي ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ آهي ۽ نه ئي بيمار تي گناھ آهي. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندو ته خدا کيس (بهشت) جي انهن سدا بهار باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جيڪو پٺ ڦيريندو تنهن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيندو.
— سيد فرمان عليلَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَـحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًا ۙ18
(اي رسول) بيشڪ خدا ايمان وارن کان تنهن وقت راضي ٿيو جڏهن انهن وڻ جي هيٺان (وڙهي مرڻ جي) بيعت ڪئي ٿي. پوءِ جو ڪجھ انهن جي دلين ۾ هو تنهن کي ڏٺائين پوءِ انهن تي تسلي نازل فرمائي ۽ کين ان جي بدلي ۾ تمام جلد فتح عنايت ڪئي.
— سيد فرمان عليوَّمَغَانِـمَ كَثِيْرَةً يَّاْخُذُوْنَهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْمًا 19
۽ (ان کان سواءِ) ڪيئي غنيمتون (به) جي انهن کي هٿ آيون (عطا ڪيون) ۽ خدا ته (سڀ ڪنهن تي) غالب (۽) حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِـمَ كَثِيْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰيَةً لِّــلْمُؤْمِنِيْنَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا ۙ20
خدا توهان سان ڪيترين ئي غنيمتن جو وعدو فرمايو هو ته اوهين اهي حاصل ڪندو ته ان اوهان کي اها (خيبر جي غنيمت) اڳواٽ ڏني ۽ (حديبيه ۾) ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين ۽ مطلب هي هو ته اهو مومنن جي لاءِ (قدرت جو) نمونو ٿئي ۽ خدا توهان کي سڌي راھ تي هلائي.
— سيد فرمان علي