046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
حٰــمۗ 1ۚ
حم
— سيد فرمان عليتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
(هي) ڪتاب (۽) زبردست حڪمت واري خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي.
— سيد فرمان عليمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ۽ هڪ مقرر (ڪيل) مدت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ڪافر جن ڳالهين کان ڊيڄاريا ويا آهن تن کان منهن موڙ ڪندڙ آهن.
— سيد فرمان عليقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
(اي رسول! کين) چئو (ته مون کي ٻڌايو ته سهي) ته خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪيو ٿا تنهن کي اوهان ڏٺو آهي؟ مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شيءِ انهن زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا (اڳين جي) علمي روايت ته مون وٽ آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو،
— سيد فرمان عليوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
۽ ان کان وڏو گمراھ ڪير آهي جو خدا کان سواءِ اهڙن کي پڪاري ٿو جي قيامت جي ڏينهن تائين کيس جواب نه ٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن.
— سيد فرمان عليوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
۽ جڏهن (قيامت ۾) گڏ ڪيا ويندا ته اهي (معبود) انهن جا دشمن هوندا ۽ سندس پوڄا (پاٽ) کان انڪار ڪندا.
— سيد فرمان عليوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر حق ڳالھ کي جنهن مهل وٽن پهچي ٿي چون ٿا ته هي پڌرو جادو آهي.
— سيد فرمان علياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
(اي رسول) هو چون ٿا ڇا ته قرآن کي پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته خدا جي مقابلي ۾ مون لاءِ (اوهين) ڪجھ به ڪم نه ايندا ته جيڪي ڳالهيون اوهين هن باري ۾ ڪندا رهو ٿا تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اهو شاهد بس آهي ۽ اهو گهڻو بخشندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
(اي رسول کين) چئو ته آءُ رسولن مان ڪو نئو رسول نه آهيان ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته آئينده مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ نه (هيءَ ڳالھ ته) اوهان سان (ڇا ڪيو ويندو) آءُ ته رڳو ان جو پابند آهيان جنهن جو مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.
— سيد فرمان عليقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
(اي رسول کين) چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن (هي) قرآن خدا جي طرفان آهي ۽ اوهان ان کان انڪار ڪيو هوڏانهن بني اسرائيلن مان هڪ شاهد اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي ڏني آهي ۽ ايمان به آندائين ۽ اوهان وڏائي ڪئي (ته توهان جي ظالم هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ) بيشڪ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.
— سيد فرمان عليوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ ڪافر ماڻهو مومنن جي باري ۾ چون ٿا ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ماڻهو ان ڏي اسان کي اڳتي نه ڌڪن ها، ۽ جڏهن قرآن جي وسيلي سنئين راھ تي نه آيا ته هاڻي چوندا، هي ته پراڻو ڪوڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
هوڏانهن قرآن کان اڳ موسى جو ڪتاب هو جو اڳواڻ ۽ وڏي رحمت هو. ۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جو عربي زبان ۾ (ان کي) سچو چوندڙ آهي هن لاءِ ته (هن سان) ظالمن کي ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ خوش خبري آهي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) ثابت رهيا تن کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اهي جنت وارا آهن جو سدائين ان ۾ رهندا جيڪي عمل (دنيا ۾) پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.
— سيد فرمان عليوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ اسان انسان کي پنهنجيءَ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. (ڇو ته) سندن ماءُ ان کي رنج سان پيٽ ۾ رکيو ۽ کيس رنج سان ئي ڄڻيو. ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ جي (مدت) ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پوري جوانيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين (جي عمر) کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي توفيق عطا فرمائي ته تو جيڪي احسان مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيا آهن آءُ تن جو شڪر ادا ڪريان ۽ اها (به توفيق عطا فرمائي) ته مان اهڙو (ته) نيڪ ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين. ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪي ۽ تقوى پيدا فرمائي آءُ ته تو ڏي رجوع ٿيس ۽ آءُ بيشڪ تابعدارن مان آهيان.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
هي اهي آهن جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن سي قبول ڪنداسون ۽ بهشت (۾ وڃڻ) وارن ۾ اسين سندن گناهن کان درگذر ڪنداسون. (هي اهو) سچو وعدو آهي جيڪو انهن سان ڪيو ويندو هو.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوهان تي حيف آهي. ڇا اوهين مون کي ڌمڪايو ٿا ته آءُ ٻيو ڀيرو (قبر مان) ڪڍيو ويندس هوڏانهن مون کان اڳي ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن (۽ ڪو به وري جيئرو نه ٿيو). اهي ٻئي (ماءُ پيءُ) دانهون ڪري رهيا هئا ته تو تي افسوس آهي، ايمان آڻ! (خدا جو) بيشڪ سچو وعدو آهي. پوءِ چوي ٿو ته هي رڳو اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن.
— سيد فرمان علياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
هي اهي آهن جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي آهي اهڙن امتين سان گڏ جيڪي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي خساري وارا آهن.
— سيد فرمان عليوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ جنهن جا جهڙا ڪم هوندا تهڙا سندن درجا هوندا ۽ اهو هن لاءِ جو خدا سندن ڪمن جو بلڪل پورو عوض ڏيندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو.
— سيد فرمان عليوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باھ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن جيئن ته) اوهان پنهنجي دنيوي زندگيءَ ۾ پنهنجا مزا ماڻي چڪا آهيو ۽ ان ۾ عيش آرام ڪري چڪا آهيو سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا. ۽ هن ڪري (به) ته اوهين بدڪاريون ڪندا هئا.
— سيد فرمان علي