042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
حٰــمۗ 1ۚ
حم
— سيد فرمان عليعۗسۗقۗ 2
عسق
— سيد فرمان عليكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
(اي رسول) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ هئا وحي موڪلي ٿو.
— سيد فرمان عليلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
۽ جيڪي آسمان ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي. ۽ اهو ئي (ته وڏو) عاليشان (۽) بزرگ آهي.
— سيد فرمان عليتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
(انهن جي ڳالهين کان) آسمان (سندس هيبت سبب) پنهنجي مٿان ڦاٽي نه پون ۽ فرشتا ته پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. ياد رکو! بيشڪ خدا ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
۽ جن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻيا (ڪيئي) پنهنجا سرپرست بنايا آهن تن جي خدا نگراني ڪري رهيو آهي ۽ (اي رسول) تون سندن ذميوار نه آهين.
— سيد فرمان عليوَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي عربي زبان ۾ قرآن هن ڪري موڪليو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي. ان ڏينهن هڪ فرقو (مڃڻ وارو ته) بهشت هوندو ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾.
— سيد فرمان عليوَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي گروھ بنائي ها. پر اهو ته جنهن کي گهري ٿو (هدايت) ڪري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ظالمن جو ته (ان ڏينهن) ته ڪوئي يار آهي ۽ نه مددگار.
— سيد فرمان علياَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
ڇا انهن ماڻهن خدا کان سواءِ (ڪي ٻيا) مددگار بنايا آهن؟ مددگار ته رڳو الله ئي آهي ۽ اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
۽ اوهان جنهن ڪم جو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پالڻهار آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو.
— سيد فرمان عليفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
(اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان ئي اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙي طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جو ڪير مٽ نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— سيد فرمان عليلَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
آسمان ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.
— سيد فرمان عليشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
هن اوهان جي لاءِ دين جو اهو رستو مقرر ڪيو جنهن (تي هلڻ) جو نوح کي حڪم ڏنل هو ۽ (اي رسول) اهو ئي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي حڪم ڪيو (اهو) هي (آهي) ته دين کي قائم رکجو ۽ ان ۾ تفرقو نه وججهو. جنهن دين طرف تون مشرڪن کي سڏين ٿو اها (ڳالھ) کين ڏاڏي ڏکي لڳي ٿي. خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي بارگاھ جو برگزيده ڪري وٺي ٿو ۽ جو ان ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.
— سيد فرمان عليوَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
۽ اهي ماڻهو ڌار ڌار ٿيا به ته علم (حق) اچڻ کان پوءِ ۽ (سو به) رڳو پاڻ ۾ ضد جي ڪري ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار (جي طرف) کان مقرر مدت تائين (قيامت جو وعدو نه ٿيل هجي ها) ته سندن فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن کان پوءِ (خدا جي) ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن بابت اهي وڏي شڪ ۾ (پيل) آهن.
— سيد فرمان عليفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
پوءِ (اي رسول) تون (ماڻهن کي) ان (دين) ڏي سڏيندو رھ (ان تي) قائم رھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪج ۽ (صاف کولي) ٻڌائين ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي آءُ ايمان رکان ٿو پڻ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ اوهان جي (اختلافن جي) وچ ۾ انصاف (سان فيصلو) ڪريان الله ئي اسان جو پالڻهار آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن اسان ۾ ۽ اوهان ۾ ته ڪا حجت (يا تڪرار جي ڪا ضرورت) نه آهي. الله ئي اسان سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي.
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
۽ جيڪي خدا (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پالڻهار وٽ باطل آهي ۽ انهن تي (خدا جو) غضب ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
الله ئي ته آهي جنهن حق (سچ) سان ڪتاب نازل ڪيو ۽ عدل ۽ انصاف به نازل ڪيو. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته متان اها قيامت ويجهي هجي (پوءِ غفلت ڇو؟)
— سيد فرمان علييَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
۽ جيڪي ان تي ايمان نه ٿا رکن سي ان (قيامت) جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن. خبردار! جيڪي ان (قيامت جي اچڻ) ۾ شڪ ڪن ٿا سي وڏي گراهي ۾ آهن.
— سيد فرمان علياَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
خدا پنهنجن بندن (جي حال) تي وڏو مهربان آهي جنهن کي (جيتري) روزي چاهي ٿو ڏئي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.
— سيد فرمان عليمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جو شخص آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي ان مان ڪجھ ڏيون ٿا پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.
— سيد فرمان علي