041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
حٰـمۗ 1ۚ
حم
— سيد فرمان عليتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
(هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي.
— سيد فرمان عليكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
هي (اهو) ڪتاب عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن جون آيتون سمجھ وارن لاءِ کولي بيان ڪيون ويون آهن.
— سيد فرمان عليبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
(نيڪن کي) خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ (بدڪارن کي) ڊيڄاريندڙ آهي تڏهن به انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ ٻڌن ئي نه ٿا.
— سيد فرمان عليوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چوڻ لڳا ته جنهن (ڳالھ) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان (ته) اسان جون دليون پردي ۾ آهن (جو دل کي نه ٿي لڳي) ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي (جو ڪجھ به ٻڌون نه ٿا) ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪ آڙ (پيل) آهي ته تون پنهنجو ڪم ڪر اسين (پنهنجو) ڪم ٿا ڪريون.
— سيد فرمان عليقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
(اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ به (شڪل شباهت ۾) اوهان جهڙو آهيان (پر فرق هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو اهو ئي) اڪيلو خدا آهي، ته پوءِ ان ڏي توجه ڌريو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا (به) انڪار ڪندڙ آهن.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ اهو (ته) اجر آهي جيڪو کٽڻ جو نه آهي.
— سيد فرمان عليقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
(اي رسول! کين) چئو ته اوهين ان (خدا) جو انڪار ڪريو ٿا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي انهيءَ جي برابر ڪريو ٿا اهو ئي ته ساري جهان جو سرپرست آهي.
— سيد فرمان عليوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ ان ئي زمين ۾ مٿانس پهاڙ پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ اها ڳالھ چٽي طرح بيان ڪئي وئي آهي.
— سيد فرمان عليثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
وري آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو (ان وقت) دونهو هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواھ مجبوري سان اچو! انهن ٻنهي عرض ڪيو ته اسين خوشيءَ سان حاضر آهيون (۽ حڪم جا پابند آهيون.)
— سيد فرمان عليفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن (آسمان ان جي انتظام) جو حڪم (ڪارڪنان قضا ۽ قدر ڏي) موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي (ستارن جي) چراغن سان سينگاريو ۽ (انهن کي شيطانن کان) محفوظ رکيو. اها زبردست ڄاڻڻهار (خدا) جي (قائم ڪيل) تدبير آهي.
— سيد فرمان عليفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ هوندي به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر کين) چئو ته مان اوهان کي اهڙي وڄ ڪرڻ (جي عذاب) کان ڊيڄاريان ٿو جهڙي قوم عاد ۽ ثمود جي وڄ جو ڪڙڪاٽ (هو).
— سيد فرمان علياِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جو جڏهن وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان (هيءَ خبر کڻي) آيا ته خدا کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو ته چوڻ لڳا، جيڪڏهن اسان جو پالڻهار گهري ها ته فرشتا نازل ڪري ها ۽ جيڪي (ڳالهيون اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي سي اسين ته ڪين مڃينداسون.
— سيد فرمان عليفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ عاد (جي قوم) به زمين ۾ ناحق وڏائي ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته جنهن خدا کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي. مطلب ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا.
— سيد فرمان عليفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
ته اسان به (سندن) نحوست جي ڏينهن ۾ مٿن وڏي زور سان نداري موڪلي ته جيئن دنيا جي حياتيءَ ۾ به کين خواري جي عذاب جو مزو چکايون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪرڻ وارو ئي هوندو ۽ (پوءِ) کين ڪنهن پاسي کان به مدد نه ملندي.
— سيد فرمان عليوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
باقي رهيا (قوم) ثمود (وارا) ته اسان کين سڌي راھ ڏيکاري ڇڏي پر انهن ماڻهن هدايت جي بدلي گمراهيءَ کي پسند ڪيو ته سندن ڪرتوتن سبب ذلت جي عذاب جي بجليءَ انهن کي پڪڙيو.
— سيد فرمان عليوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي اسان (ان مصيبت کان) بچائي ورتو.
— سيد فرمان عليوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن خدا جا دشمن دوزخ ڏي هڪليا ويندا ته اهي ترتيب وار بيهاريا ويندا.
— سيد فرمان عليحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
نيٺ جڏهن سڀئي دوزخ وٽ ايندا، سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن (گوشت ۽) کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون جيڪي اهي ڪندا هئا.
— سيد فرمان علي