004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، جنهن توهان سڀني کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو ۽ (اهو هن ريت) جو اول ان (جي باقي مٽيءَ) مان سندس زال (هوا) کي پيدا ڪيائين ۽ (فقط) انهن ٻن (زال مڙس) مان ڪيئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙيائين ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جي وسيلي سان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سوال ڪندا آهيو. ۽ مائٽي ڇنڻ کان به (ڊڄو) بيشڪ خدا توهان جي تاڙ ۾ آهي.
— سيد فرمان عليوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱي شيءِ سان بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو ڇو ته اهو تمام وڏو گناھ آهي.
— سيد فرمان عليوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (نڪاح وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته (ان صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا جا (ٻانهي) زر خريد هجي (تنهن سان) اها تدبير بي انصافي نه ڪرڻ جي گهڻو ويجهو آهي.
— سيد فرمان عليوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ زالن کي سندن مهر خوشيءِ سان ڏيو. ۽ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءِ سان اوهان کي ان مان ڪجھ معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سُهائيندڙ سمجهي کائو.
— سيد فرمان عليوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو جن کي خدا اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن (بي سمجھ يتيمن کي ڀلي) کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن سان (پيار سان) چڱي طرح ڳالهايو.
— سيد فرمان عليوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن کي ڪاروبار ۾ لڳائيندا رهو، ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته (پوءِ انهن کي هڪ مهيني جو خرچ انهن جي هٿان ڪرائي) جيڪڏهن انهن کي هوشيار ڏسو ته سندن مال انهن جي حوالي ڪريو، ۽ (خبردار) ائين نه ڪجو ته: هي وڏا ٿي ويندا، ان ڊپ کان فضول خرچي ڪري سندن مال چٽ نه ڪري ڇڏجو، ۽ جو (ولي يا سرپرست) آسودو هجي ته (يتيم جي مال کائڻ کان) بچندو رهي. پر جيڪڏهن محتاج آهي ته (بلڪل واجبي) دستور جي موافق کائي سگهي ٿو. پوءِ سندن مال جڏهن انهن جي حوالي ڪريو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو. (هونهن ته) حساب وٺڻ لاءِ خدا ڪافي آهي.
— سيد فرمان عليلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا ان مان مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال) مان جنهن کي سندن ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو هجي (هر شخص جو) حصو (اسان جي طرفان) مقرر ڪيل آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا (جن جو ڪو حصو نه آهي) ۽ يتيم ۽ محتاج حاضر ٿين ته انهن کي به ان مان ڪجھ نه ڪجھ ڏئي ڇڏيو ۽ انهن سان چڱيءَ طرح (سٺي نموني) ڳالهايو.
— سيد فرمان عليوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ (۽ خيال ڪرڻ) گهرجي ته جيڪڏهن اهي به ائين پاڻ کان پوءِ (ننڊڙا) جيتامڙا ٻار ڇڏي وڃن ها ته کين انهن تي ڪيترو نه ترس ٿئي ها. ۽ پوءِ انهن کي (غريب ٻارن تي سختي ڪرڻ ۾) خدا کان ڊڄڻ گهرجي انهن سان چڱي طرح ڳالهائڻ گهرجي.
— سيد فرمان علياِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
جي ماڻهو يتيم جو مال هڙپ ڪندا آهن، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باھ کائن ٿا ۽ عنقريب جهنم واصل ٿيندا.
— سيد فرمان علييُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
(مسلمانو!) خدا اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تن جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (مئل جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ لاءِ ڇهون (حصو) آهي جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. ۽ جيڪڏهن ان لاءِ ڪا اولاد نه هجي ۽ فقط ماءُ پيءُ ئي وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (۽ باقي پڻس لاءِ آهي) پر جيڪڏهن ميت جا (سڳا يا ويڳا) ڀائر به هجن ته (توڙي جو کين ڪجھ به نه ملندو پر) ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي. جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو، تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ، انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان جي زيادھ ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي ڇو ته خدا ته هر شيءِ جو ڄاڻندڙ ۽ تدبير ڪندڙ آهي.
— سيد فرمان عليوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ جيڪي اوهان جي زالن (مري) ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد هجي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي، جنهن جي وصيت ڪري ويون آهن تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان اوهان جي زالن جو ڪن شين ۾ ڇوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان جو ڪو به اولاد آهي ته اوهان جي ترڪي مان سندس خاص شين مان اٺون حصو آهي (۽ اهو به) اوهان جنهن لاءِ وصيت ڪئي هجي ته ان جي تعميل ۽ قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن، (پر) جنهن جي وصيت ڪيل هجي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ، (بشرطيڪه مئل وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائيندڙ نه هجي) هي وصيت خدا جي طرفان آهي ۽ خدا ته هر شيءَ کي ڄاڻڻ وارو ۽ بردبار آهي.
— سيد فرمان عليتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
هي خدا جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي خدا آخرت ۾ اهڙن (ساوڪ وارن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (ڪيئي) واھ وهن ٿا ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها ته وڏي ڪاميابي آهي.
— سيد فرمان عليوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي نافرماني ڪئي ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدون ٽپيون ته پوءِ خدا کيس جهنم ۾ داخل ڪندو (۽ سدائين پنهنجو ڪيو لوڙيندو) رهندو ۽ ان لاءِ وڏي خواريءَ جو عذاب آهي.
— سيد فرمان عليوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن چار ئي تصديق ڪن ته (انهن زالن جي سزا هي آهي ته) انهن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو هنن کي موت اچي يا خدا سندن ڪاراھ کولي.
— سيد فرمان عليوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ اوهان مان جيڪي به ماڻهو (بدڪاري) ڪن، تن کي سزا ڏيو (مار ڏيو) پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي (پنهنجي حرڪت کان) توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ خدا مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
پر خدا جي بارگاھ ۾ توبه ته فقط انهن ئي ماڻهن جي (صحيح) آهي جيڪي اڻ ڄاڻائي سان بڇڙائي ڪن ٿا ۽ وري يڪدم توبه ڪن ٿا ته پوءِ خدا به اهڙن ماڻهن جي توبه قبول ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان عليوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ توبه انهن ماڻهن لاءِ (فائدي واري) نه آهي جي (عمر ڀر ته) بڇڙا ڪم ڪندا رهن ايستائين جو انهن مان ڪنهن جي سرُ تي موت آيو ته چوڻ لڳو: هينئر مون توبه ڪئي ۽ (اهڙي طرح) انهن لاءِ (به توبه مفيد) نه آهي جي ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— سيد فرمان علييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي ايمان وارو! اوهان کي جائز نه آهي جو (پنهنجي وارث جي) عورتن سان نڪاح ڪري (اجايو سجايو ۽) زبردستي انهن جا وارث بڻجو، پڻ جو ڪجھ اوهان کين (مڙس جي ترڪه مان) ڏنو آهي ان مان ڪجھ واپس وٺڻ جي ارادي سان کين ٻين سان (نڪاح ڪرڻ) کان نه جهليو پر جڏهن ظاهر بدڪاري ڪن (ته کين جهلڻ ۽ منع نه آهي) ۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو پر جي اوهان کين ڪنهن سبب ڪري پسند نه ڪيو (ته پوءِ صبر ڪيو) ڇو ته عجب نه آهي ته جنهن ڳالھ کي توهين پسند نه ڪريو خدا ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري.
— سيد فرمان عليوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال (کي طلاق ڏئي ان جي جاءِ تي ٻي سان نڪاح ڪري) بدلي ۾ آڻڻ گهرو ٿا ۽ اوهان انهن هڪ (يعني پهرين کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجھ به موٽائي نه وٺو. ڇا! (توهان جي اها غيرت آهي جو اجايو سجايو) ڪو نه ڪو ڪوڙ ٻَڌي يا ظاهر ڏوھ رکي (واپس وٺو).
— سيد فرمان علي