039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
سنڌي قرآن
مُترجم: سيد فرمان علي
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
(هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ان خدا جي بارگاھ مان آهي جو (سڀ تي) غالب حڪمت وارو آهي.
— سيد فرمان علياِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
(اي رسول) بيشڪ اسان تو ڏي (بلڪل) حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي ته تون خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر.
— سيد فرمان علياَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
خبردار! عبادت ته خالص خدا جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) پنهنجو سرپرست ڪيو آهي (۽ چون ٿا ته) اسين ته انهن کي رڳو هن ڪري پوڄيون ٿا ته اهي خدا جي (بارگاھ ۾) اسان کي ويجهو ڪندا. بيشڪ جنهن ڳالھ بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو (قيامت جي ڏينهن) سندن وچ ۾ خدا فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا ڪوڙي (۽) ناشڪري کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.
— سيد فرمان عليلَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
جيڪڏهن خدا ڪنهن کي (پنهنجو) پٽ ٺهرائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوقات مان جنهن کي چاهي ها ته چونڊي ها (پر) هو ته ان (ڳالھ) کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. اهو ته اڪيلو وڏو زبردست الله آهي.
— سيد فرمان عليخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
ان ئي آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. (جو) رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جو اهي سڀ پنهنجي (پنهنجي) مقرر وقت تي هلندا رهندا. خبردار اهو ئي غالب وڏو بخشڻهار آهي.
— سيد فرمان عليخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
ان اوهان سڀني کي هڪ شخص مان ئي پيدا ڪيو پوءِ ان (جي بچيل مٽيءَ) مان سندس زال (حوا) کي پيدا ڪيو ۽ ان اوهان لاءِ اٺن قسمن جا چوپايا (جانور) پيدا ڪيا. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ هڪ قسم جي پيدائش کان پوءِ ٻيءَ پيدائش (نطفو، ڄميل رت۽ لوٿڙي) سان ٽن اونداهين (پيٽ، رحم جي جهلي) ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو ئي خدا اوهان جو پالڻهار آهي، سندس ئي بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦرندا وڃن ٿا؟
— سيد فرمان علياِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته (ياد رکو) خدا توهان کان بلڪل بي پرواھ آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اهو ان کي اوهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪو به ڪنهن جي (گناھ) جو بار (پاڻ تي) نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻو آهي، (هن لاءِ) ته (دنيا ۾) اوهين جيڪي (چڱو يا برو ڪم) ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو. اهو ته پڪ دلين جي ڳجھ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.
— سيد فرمان عليوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
۽ ماڻهوءَ (جي حالت ته اها آهي جو) جڏهن ان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن خدا ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راھ کان گمراھ ڪري (اي پيغمبر اهڙي ماڻهو کي) چئو ته پنهنجي ڪفر (جي حالت ۾) ٻه ٽي ڏينهن ٻيا مزا ڪري وٺو! (نيٺ) تون پڪ دوزخين مان ٿيندين.
— سيد فرمان علياَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
جو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي ۽ آخرت کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جو اميدوار هجي سو (بي شڪر ڪافر جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) اي رسول تون چوين ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾) رڳو عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.
— سيد فرمان عليقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
(اي رسول کين) فرمائي ته اي منهنجا ايماندار بندو پنهنجي پروردگار کان (ئي) ڊڄندا رهو (ڇو ته) جن ماڻهن هن دينا ۾ نيڪي ڪئي تن لاءِ ئي (آخرت ۾) چڱائي آهي. پڻ خدا جي زمين ته ڪشادي آهي. جتي عبادت نه ڪري سگهو اتان لڏي (وڃو) صبر ڪرڻ وارن کي ئي ته ان جو بي حساب ڀرپور عوض ڏنو ويندو.
— سيد فرمان عليقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
(اي رسول کين) فرمائي ته: مون کي ته هي حڪم ڪيو ويو آهي ته خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪريان.
— سيد فرمان عليوَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
پڻ مون کي هي (به) حڪم ڪيل آهي ته: آءُ سڀني کان پهريون مسلمان آهيان.
— سيد فرمان عليقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
(اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪريان ته آءُ هڪ تمام سڏي (سخت) ڏينهن (قيامت) جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
— سيد فرمان عليقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
(اي رسول کين) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي سندس لاءِ خالص ڪري خدا جي ئي بندگي ڪريان ٿو.
— سيد فرمان عليفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
(باقي آهيو) اوهين سو ان کان سواءِ جنهن کي گهرو تنهن کي پوڄيو. (اي رسول کين) چئو ته در اصل نقصان وارا اهي آهن جن (گمراھ ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهروارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي.
— سيد فرمان عليلَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
انهن لاءِ سندن مٿان باھ جا اوڇڻ ۽ سندن هيٺان (به اهڙا ئي) وڇاڻا هوندا. هي اهو عذاب آهي جنهن کان خدا پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو!
— سيد فرمان عليوَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
۽ جيڪي بتن جي عبادت کان بچيا ۽ خدا ڏي رجوع ڪيائون تن لاءِ خوش خبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي.
— سيد فرمان عليالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
جي ڳالھ کي دل سان ٻڌن ٿا ۽ وري ان مان تمام چڱي (ڳالھ) تي هلن ٿا. اهي اهي آهن جن کي خدا هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.
— سيد فرمان علياَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
ته (اي رسول) ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو وعدو پورو ٿئي ته ڇا تون ان کي ڇڏائي سگهندين جو باھ ۾ (پيل) هجي.
— سيد فرمان عليلٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
پر جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان واھ وهن ٿا. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي خدا (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي.
— سيد فرمان علي